سماجي معاهدو: (سليس سمجهاڻي)
شروعات:
سماجي معاهدو اصل ۾ سياسي معاهدو آهي، جنهن کي سولائي سان سمجهي نٿو سگهجي. مثال طور؛ هن معاهدي جو ڪو به دستاويز يا ثبوت موجود نه آهي، جيڪو ثابت ڪري ته اهو معاهدو ڪهڙي ملڪ ۾ ٿيو هو يا اها ڪا به ڄاڻ نه آهي ته اهو معاهدو ڪڏهن ٿيو. ان ڪري سياسي مفڪرن سماجي معاهدي کي هڪ افسانوي حقيقت (Fictional reality) جو نالو ڏنو آهي.
جيتوڻيڪ، هِن معاهدي بابت 1651 کان 1762 جي وچ ۾ ٽن وڏن مفڪرن ٿامس هابس، جان لاڪ ۽ جي جي روسو پنهنجي پنهنجي نظريي جي شڪل ۾ ڏنو. جان لاڪ جو نظريو پهريون دفعو آمريڪا جي آزادي جي پڌرنامي ۾ ظاهر ٿيو. ان کان پوءِ روسو جي ڪتاب سماجي معاهدو (The Social Contract) فرانس جي انقلاب ۾ تمام گهڻو مددگار ثابت ٿيو. سماجي معاهدي کان متاثر ٿي برطانيه ۾ Glorious Revolution ۾ عوام (چونڊيل پارليامينٽ) بادشاهه جي خدائي حقن کي رد ڪري ملڪ ۾ پارلياماني جمهوريت قائم ڪئي، جيڪا پوءِ اڳتي هلي پاڪستان ۽ سنڌ سميت ڏکڻ ايشيا ۾ به رائج ٿي. هن وقت به اندازً 170 ملڪن جو آئين جان لاڪ جي سماجي معاهدي تحت رائج آهي.
پس منظر:
هي سياسي نظريو معروضي حالتن سبب آمريڪا، انگلينڊ ۽ فرانس ۾ ظاهر ٿيو مگر ان جي پٺيان 2000 سال يورپ ۾ لڳاتار جنگين جا سبب موجود هئا. هي جنگيون، مذهبي، ڪيٿولڪ ۽ پروٽسٽنٽ وچ ۾، بادشاهت حاصل ڪرڻ لاءِ، عثماني ترڪن سان جنگيون هُيون. مثال طور؛ 1453-1337 جي هڪ سئو سالن جي فرانس ۽ برطانيه جي لڙائي، 1400-1455 برطانيه ۾ گلن جي لڙائي، 30 سالن جي لڙائي، (1645-1618) ۽ ستن سالن جي لڙائي (1763-1756) آهي. هنن لڙائين ۾ ڪيترائي ماڻهون مارجي ويا، ڪيترائي زخمي ٿيا، خاندانن جا خاندان دربدر ٿي لڏپلاڻ ڪئي. ان ڪري مُورخ لکن ٿا ته يورپ جي تاريخ اصل ۾ لڙائين جي تاريخ آهي. انهن لڙائين ۾ مذهب ۽ بادشاهت جو ميلاپ رهيو. پراڻو تصور وڌيڪ طاقتور هو ته بادشاهن کي خدائي حق مليل آهن. اهي صرف خدا جي اڳيان جوابدار آهن.
بادشاهن جا خدائي حق (Divine Rights of Kings):
سماجي معاهدي کان اڳ هڪ سياسي مذهبي نظريي تحت بادشاهه حڪومت ڪرڻ جو حق خدا کان مليل سمجهندا هئا. اُهي بادشاهه ڪنهن جي به ڪنٽرول ۾ نه هئا. يورپ ۾ هي نظريو 16 هين ۽ 17 هين صديءَ جي وچ ۾ تمام گهڻو مضبوط ٿي ويو ۽ ڪيترائي بادشاهه پنهنجي طاقت جي زور تي حڪومت تي قابض ٿي ان کي خدائي حق ملڻ جي دعوى ڪندا هئا. جنهنڪري، انهن بادشاهن عوام تي ڳاٽي ٽوڙ ٽيڪس، ماڻهن جي زبان بندي ۽ پنهنجو پاڻ کي عوام لاءِ جوابده نه سمجهڻ، لا قانونيت، ماڻهن تي پنهنجا فيصلا مڙهڻ جا عمل ڪيا، ته اتان جي مفڪرن بادشاهن جي خدائي حقن جي نظريي خلاف مهاڏو اٽڪايو. شروع ۾ ٿامس هابس، ۽ پوءِ جان لاڪ ۽ آخر ۾ سوئيٽزرلينڊ جي فرانسيسي شهري جي جي روسو پنهنجو ڪتاب سماجي معاهدو پيش ڪيو.
جان لاڪ جي لکڻين آمريڪا جي آزادي جي پڌرنامي ۽ آئين تي اثر ڇڏيو. ۽ روسو وري انقلابِ فرانس ۾ مددگار ٿيو. ائين بادشاهه جي خدائي حق کي رد ڪري ماڻهن جي برابري، آزادي ۽ انساني حقن کي سُنهري لفظن ۾ لکي سڄي سياست ۾ زلزلي واري تبديلي آندي.
انگلينڊ ۾ جڏهن گهرو ويڙھ 1642 کان 1651 تائين جاري رهي، جنهن ۾ بادشاهه جي وفادارن ۽ ان جي مخالفت ۾ تيزيءَ سان خوني تڪرار وڌي ويو ته ان وقت ٿامس هابس (1679-1588) 63 سالن جو هو ۽ هي ان لڙائيءَ جو اکين ڏٺو شاهد هو ۽ هي هڪ نواب چارلس سان گڏ هو جيڪو بادشاهه جي وفادارن ۾ شامل هو ۽ پوءِ ڀڄي فرانس هليو ويو. ان سڄي ماحول کي ڏسي ٿامس هابس پنهنجي ڪتاب Leviathan (1651) ۾ هي دليل ڏنو ته طاقتور حڪومت جو هجڻ ضروري آهي، جيئن جنگ ۽ تڪرار کان بچي سگهجي ۽ عوام جي جان جي حفاظت ڪري سگهجي ۽ ائين هن سماجي معاهدي جو تصور ڏنو.
سماجي معاهدي جا ٽي (3) مفڪر
ٿامس هابس:
ٿامس هابس، جنهن انساني فطرت جو پورو مشاهدو ڪيو ۽ هي نظريو پيش ڪيو ته انسان بنيادي طور مفاد پرست آهي ۽ پنهنجي ذات لاءِ زندگي گذاري ٿو. هو پنهنجي مفادن خاطر ٻين کي نقصان رسائي سگهي ٿو. ان ڪري سياسي سماج کان پهريائين هو قدرتي حالت (State of Nature) ۾ رهيو جنهن ۾ لڙائي جهڳڙو عام هو ۽ هابس جو مشهور جملو لکيو: هر ڪو هر ڪنهن جي خلاف آهي.(Everyone Against Everyone) لکيو. هابس جي چوڻ مطابق، ان فطري دنيا مان انسان ٻاهر نڪرڻ لاءِ هڪ معاهدو ڪيو ته هو هڪ طاقتور شخصيت کي چونڊيندا جيڪو ڪنهن جي به اڳيان جوابدار نه هوندو ۽ هو پنهنجي حڪمن سان سياسي سماج ۾ هڪ سوشل آرڊر قائم ڪري سماج جي فردن جي جان جي حفاظت ۽ امن قائم ڪندو. بنيادي طور هابس انگلينڊ جي گهرو ويڙھ مان سبق سکندي ان ۾ هن نظريو ڏنو ته جڏهن انسان سياسي سماج ٺاهڻ وڃن ٿا ته اتي انهن جي جان محفوظ هجي ۽ امن هجي.
جان لاڪ:
انگريز جان لاڪ (1704-1632) ٿامس هابس جي نظريي جي ابتڙ خيال ظاهر ڪيو ته انسان هڪ پُرامن ۽ ٻين کي نقصان نه پهچائيندڙ فرد آهي جيڪو قدرتي حالت (State of Nature) ۾ ٻين سان گڏ سڪون سان رهي پيو. اُتي ان پنهنجي محنت ۽ عقل سان خانگي ملڪيت ٺاهڻ شروع ڪئي اڳتي هلي ان کي احساس ٿيو ته ممڪن آهي ته ملڪيت تي جهڳڙن سبب خون خرابو پيدا ٿئي ۽ فرد جي جان، آزادي ۽ ملڪيت محفوظ نه رهي.
ان ڪري سياسي سماج ٺاهڻ کان پهريائين انسانن فطري دنيا مان نڪرڻ لاءِ هنن ٻه معاهدا ڪيا، هڪڙو پنهنجو پاڻ ۾ فردن معاهدو ڪيو ته؛ اسان هاڻي سياسي سماج ٺاهيون ٿا جنهن ۾ مڪمل طور فرد جي جان، آزادي ۽ خانگي ملڪيت محفوظ هوندي ۽ ٻيو معاهدو انهن حڪومت سان ڪيو ته اسان جي مرضيءَ سان جيڪا حڪومت ٺهندي ۽ ان جو هڪڙو ئي ڪم هوندو ته هو سياسي سماج جي هر فرد جي جان، آزادي ۽ خانگي ملڪيت جي حفاظت ڪندي.
جان لاڪ جي لکڻين آمريڪي انقلاب تي وڏو اثر ڇڏيو. جان لاڪ پنهنجي نظريي ۾ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن چونڊيل حڪومت شهرين سان ڪيل معاهدي تي عمل نه ٿي ڪري ته ان کان حساب ورتو ويندو يا ان حڪومت کي تبديل ڪيو ويندو. هن بغاوت جي حق کي متعارف ڪرايو. ان ڪري جان لاڪ جي سماجي معاهدي جي نظريي سڀني جمهوري حڪومتن کي جنم ڏنو.
جان لاڪ هي جڳ مشهور ڪتاب لکيا جنهن ۾ خاص ڪري
Two Treatises of Government
An Essay Concerning Human Understanding
جي جي روسو:
جي جي روسو (1778-1712) فرينچ ڳالهائيندڙ سوئيٽزرلينڊ جو شهري هو ان سماجي معاهدي جي پهرين مفڪرن جو اڀياس ڪيو ۽ پنهنجو نظريو پنهنجي ڪتاب The Social Contract ۾ واضح ڪيو. روسو جي مطابق انسان پرامن ٿي ڄائو، پر سماج جي قانونن ۽ پابندين ان کي مفاد پرست ٺاهيو. هن جو مشهور جملو سڄي دنيا ۾ ڦري ٿو.“Man is born free, and everywhere he is in chains. One man thinks himself the master of others, but remains more of a slave than they are.” (انسان آزاد پيدا ٿيو آهي، ۽ هر هنڌ زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي. هڪڙو ماڻهو پاڻ کي ٻين جو آقا سمجهي ٿو، پر انهن کان وڌيڪ غلام رهي ٿو.)
سياسي سماج کان پهريائين فرد محسوس ڪيو ته اڳتي هلي لڙائي ٿي سگهي ٿي. ان ڪري فردن ان سياسي سماج جي پهرين قدرتي دنيا (State of Nature) مان نڪرڻ لاءِ انهن معاهدو ڪيو. روسو جي چوڻ مطابق ماڻهن جي گڏيل خواهش (General Will) سڀني جي مرضي جي ذريعي گڏيل ڀلائيءَ لاءِ معاهدو ڪيو. روسو انفرادي انسان جي آزادي ۽ جان جي حفاظت کان وڌيڪ اجتماعي سماج جي ڀلائيءَ لاءِ سماجي معاهدي جو نظريو ڏنو. جنهن ۾ هن محسوس ڪيو ته هن سان هر فرد محفوظ رهندو. انسان آزاد ٿيڻ تي مجبور آهي (The Man is forced to be free) روسو فرانس جي انقلاب جي فڪر ۾ حصو ورتو ان ڪري فرانس جي بادشاهه لوئسXV ان کي فرانس مان ملڪ نيڪالي ڏني.
سماجي معاهدو، جمهوريت ۽ انساني حق:
جيئن جان لاڪ واضح ڪيو آهي ته سياسي سماج ۾ فرد پنهنجي مرضي سان حڪومت ٺاهيندا ۽ ان حڪومت جو بنيادي ڪم اهو هوندو ته ماڻهن جي جان، مال ۽ آزاديءَ جي حفاظت ڪري. سماجي معاهدي ۾ جمهوريت ۽ انساني حقن جو پاڻ ۾ هڪ گهرو تعلق آهي. اڄ جا جمهوري ملڪ انهيءَ نظريي تي هلن ٿا. جنهن ۾ انساني حقن تي ٻڌل آئين رائج آهي.
آئين ۾ انساني جان، وقار، آزادي، ملڪيت، مذهب، تنظيم ٺاهڻ، اظهار جي آزادي، انصاف، قانون جي حڪمراني، ذاتي ملڪيت رکڻ جو حق، صاف ۽ شفاف چونڊون، شفاف ٽرائيل (مقدمو) جهڙا حق موجود آهن. پاڪستان جو آئين به سماجي معاهدي کان متاثر ٿي مٿئين حقن تي ٻڌل آهي. گڏيل قومن جو عالمي انساني حقن جو پڌرنامو به جان لاڪ جي سماجي معاهدي تي پڻ ٻڌل آهي.
سماجي معاهدي تي تنقيد:
سماجي معاهدو ٻين نظرين جيان تنقيد کان بالاتر نه آهي. خاص ڪري مارڪس جو نظريو هن کي رد ڪندي ٻڌائي ٿو ته سرمائيدار ۽ غريب طبقن جي مسلسل جهڳڙن ۾ سياسي تبديلي آئي جنهن سياسي سماج يا رياست کي جنم ڏنو، ۽ هي رياست هميشه سرمائيدارن يا بورجوازي جي مفادن جو تحفظ ڪندي آهي. ان کان علاوه هن معاهدي ۾ فطري حالت يا State of Nature فرضيت تي ٻڌل آهي جتي انسانن کي هڪ خوفناڪ ماحول ۾ رهندڙ پيش ڪيو ويو آهي. ۽ ڪيترائي فلاسافر ان فرضيت کي رد ڪن ٿا. ان کان علاوه حڪومت جي وهنوار ۾ گهڻو ڪري فردن جي سڌي شموليت موجود نه آهي.
سماجي معاهدي ۾هي تنقيد به اهم آهي ته جيڪڏهن سياسي سماج جي ٿورائي وارا حڪومت جي پاليسيز يا عملن ۾ شريڪ نه ٿا ٿيڻ چاهين ته پوءِ هنن جي مفادن جي ڪير حفاظت ڪندو. سماجي معاهدي ۾ سڀ انسان برابر هجڻ جي فرضيت ڏيکاري وئي آهي، پر سياسي سماج ۾ مختلف طبقن ۾ اڻ برابري موجود آهي، اُتي سياسي معاهدو سڀني سان ڪيئن انصاف ڪري سگهندو.
سماجي معاهدو 21 هين صدي ۾:
ايڪيهين صدي ۾ تمام گهڻا مامرا پيدا ٿيل آهن جنهن ۾ گلوبلائيزيشن، موسمي تبديليون، سوشل ميڊيا، اقتصادي اڻ برابري، قومي سلامتي جي بنياد تي مختلف قومن ۾ تڪرار، آرٽيفيشل انٽيليجنس، روبوٽس، وڌندڙ ٽيڪنالاجي، مذهبي جنونيت وغيره شامل آهن. انهن مامرن کي حل ڪرڻ لاءِ سماجي معاهدو اهم ڪردار ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن ۾ قانون جي حڪمراني، انصاف، انساني حق ۽ برابري جهڙا بنيادي عنصر موجود آهن.
پڄاڻي:
هن مضمون ذريعي پوري ڪوشش ڪئي وئي آهي ته سماجي معاهدي کي آساني سان سمجهائي سگهجي، جيئن قانون جا شاگرد، عام شهري، سياستدان، جج، وڪيل، حڪومتي نمائندا ۽ سرڪاري عملدار سماجي معاهدي جي روح ۽ ان جي گهڻ پاسائين تشريح سمجهي سگهن. ڇاڪاڻ ته خاص ڪري سنڌ ۾ ڪافي پڙهيل ماڻهو سماجي معاهدي جي صحيح پس منظر کي سمجهڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪن ٿا ۽ اميد آهي ته هي مضمون انهن جي سياسي ڄاڻ ۾ مدد ڪندو.
فوٽو: ٻن ڪتابن
Two Treatises of Government
An Essay Concerning Human Understanding


شروعات: