ڪئنالن واري معاملي تي سنڌ اڃان تائين ٿڌي نه ٿي سگهي آهي ۽ ٻٻرلوءِ ۾ لڳندڙ ڌرڻي ۾ ماڻهو ساڳي شدت سان شريڪ ٿي ڌرڻو هڻندڙ وڪيلن سان پنهنجي يڪجهتيءَ جو اظهار ڪري رهيا آهن ۽ هن وقت ٻٻرلوءِ باءِ پاس کان پنجاب ويندڙ گڊز ٽرانسپورٽ بند آهي. جڏهن ته گڊز ريلوي جي ذريعي مال جي ڪراچي بندر کان روانگي جاري آهي. جڏهن ته پيپلزپارٽي جي چيئرمين سنڌ جي عوام کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ 24 تاريخ تي وزيراعظم شهباز شريف سان هڪ گڏيل ڪانفرنس ڪري اعلان جاري ڪيو ته انهن ڪئنالن تي صوبن جي رضامنديءَ کانسواءِ ڪم نه ڪيو ويندو ۽ هن وقت ڪئنالن تي ڪم بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
25 اپريل 2025 تي سکر ۾ پيپلز پارٽي به “جشن سنڌوءَ” جي عنوان سان هڪ جلسو رکي عوام کي اهو پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪئنالن وارو منصوبو هاڻي تڪراري ناهي رهيو ۽ عوام کي اطمينان هجڻ گهرجي ته سنڌ جي مرضيءَ کانسواءِ اهي تڪراري ڪئنال نه اڏيا ويندا، پر ڇا ڪجي جو هن وقت سنڌ جي ماڻهو کي نه وفاق تي اعتبار آهي ۽ نه ئي سنڌ حڪومت يعني پيپلز پارٽي تي ڪو ڀروسو آهي. ڇو ته ڌرڻو هڻي ويهندڙ وڪيلن جن جي رهنمائي عامر نواز وڙائچ ڪري رهيو آهي، سندن چوڻ آهي ته وڪيلن جو ڪوبه سياسي مقصد نه آهي ۽ هو صرف سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ جي لاءِ ڌرڻو هڻي ويٺا آهن، جيڪو سندن فرض آهي. عامر نواز وڙائچ جو چوڻ آهي ته ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر جي حيثيت سان هو پنهنجي ذميداري محسوس ڪري ٿو ته سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين ۽ وسيلن جي ڦرجڻ تي هو سنڌ سان گڏ بيهي ۽ سنڌي عوام جي محبت واري موٽ وڪيلن کي مجبور ڪري رهي آهي ته هو ان ڌرڻي کي ايستائين قائم رکن جيستائين وفاق انهن ڪئنالن جي خاتمي جو نوٽيفڪيشن لکت ۾ جاري نٿو ڪري. ساڳئي وقت سنڌ جو وزيراعليٰ مراد علي شاهه جيڪو يقينن سنڌ جو گهڻگهرو ۽ هڪ ڄاڻو وزيراعليٰ آهي، فرمايو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي اعلان بعد احتجاج ختم ٿيڻ گهرجي ۽ جيڪي ماڻهو نوٽيفڪيشن جي گهر ڪري رهيا آهن، اهي قوم کي ٽرڪ جي بتيءَ جي پٺيان لڳائي رهيا آهن. نه صرف ايترو بلڪه اهي عوامي مينڊيٽ ۾ به مداخلت ڪري رهيا آهن. وزيراعليٰ صاحب کي ان ڳالهه جو به احساس هجڻ گهرجي ته جيڪڏهن عوامي مينڊيٽ هن وقت وڪيلن سان گڏ بيٺل آهي ته سندس پارٽيءَ کي وفاق کان لکت ۾ نوٽيفڪيشن گهرڻ جي ضرورت آهي جيڪو ڪم پيپپلز پارٽي کي ڪرڻ گهرجي اهو پيپلز پارٽي جي جاءِ تي وڪيل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ڇو ته پنجاب هميشه سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ جي لاءِ وفاق جو سهارو وٺي ان جي وسيلن تي نه صرف قابض ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، بلڪه جيڪي وسيلا آئيني طور تي سنڌ ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجن انهن کي ڏيڻ ۾ هميشه تنگدليءَ جو مظاهرو ڪيو آهي.
سنڌ جي عوام جو هي پرامن احتجاج يقينن وفاق ۽ صوبائي حڪومت کي ڳڻتيءَ ۾ وجهي رهيو آهي. سنڌ حڪومت جي مٿان وفاق جو دٻاءُ آهي ته ٻٻرلوءِ باءِ پاس کي کولرايو وڃي، ان جي لاءِ سنڌ حڪومت پوليس فورس کي استعمال ڪندي ڪيترين ئي جاين تي ڌرڻن کي طاقت جي زور تي ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر آخر ۾ سنڌ حڪومت کي پٺتي هٽڻو پيو. ڇو ته حڪومت کي اندازو هو ته جيڪڏهن پوليس پنهنجي طاقت جو استعمال ڪيو ته صورتحال صوبائي سطح کان ته ٺهيو، پر شايد وفاق جي هٿن مان به نڪري وڃي. ان ڪري سنڌ جي وزيراعليٰ ۽ ٻين صوبائي وزيرن جن ۾ سيد سردار شاهه به شامل آهي انهن عوام کي ۽ پوليس کي پرامن رهڻ جي تلقين ڪئي، جڏهن ته عوام اڳ ۾ ئي پرامن آهي، ان کي تشدد تي اڀارڻ وارو عمل پوليس جي طرفان شروع ٿيو. سنڌ جو عوام به نٿو چاهي ته سندن احتجاج ۾ ڪا پرتشدد ڪارروائي ٿئي. شايد پاڪستان جي تاريخ ۾ هي پهريون احتجاج آهي، جيڪو ڪنهن سياسي جماعت جي اڳواڻي کان بغير عوام پنهنجي مرضيءَ سان روڊن رستن تي نڪري ڪري رهي آهي، پر ان ۾ تشدد ڪٿي به نظر نه آيو.
هن وقت سنڌ جو عوام نه صرف وفاق جي سخت رويي ۽ غير آئيني قدمن کان آزاريل آهي، بلڪه ڏک سان اهو ٿو چوڻو پوي ته جنهن سياسي جماعت کي سنڌ جو عوام چونڊي سنڌ اسيمبليءَ ۾ ۽ وفاق ۾ موڪلي ٿو ته اها جماعت سنڌ جو ڪيس وڙهندي، سنڌ جي وسيلن جي حفاظت ڪندي، سنڌ جي آئيني حقن جي محافظ بڻجي وفاق سان مهاڏو اٽڪائيندي، پر اها جماعت سياسي مصلحتن جو شڪار بڻجي وفاق جي اڳيان جهڪي پوي ٿي ۽ سنڌ جي آئيني ۽ قانوني حقن کي گهرڻ ۾ ڪمزور ڪردار ادا ڪري ٿي. سنڌ جو انفرااسٽرڪچر بدحاليءَ جو شڪار آهي. سنڌ جا وسيلا ڪرپٽ ڪامورن جي ڪري ڪرپشن جي ور چڙهيل آهن. سنڌ جا ڪيترائي شهر پيئڻ جي صاف پاڻيءَ کان محروم آهن، ڊيلٽا کي سمنڊ آهستي آهستي ڳهيندو وڃي ۽ اتان جا ماڻهو کارو پاڻي پيئڻ ڪري ڪيترن ئي بيمارين جو شڪار آهن. ٺٽي، بدين ۽ سجاول ضلعن ۾ ڊيلٽا جي ايراضي 1883ع ۾ 12900 چورس ڪلو ميٽرن تي مشتمل هئي، جيڪا ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ پاڻي نه ڇڏڻ سبب گهڻي ڀاڱي سمنڊ پائي ويو آهي. 2018 ۾ ڊيلٽا جي ايراضي هڪ هزار چورس ڪلو ميٽر بچي هئي، جيڪا هاڻي وڌيڪ سڪڙجڻ لڳي آهي. سامونڊي پٽيءَ جي مٺي پاڻيءَ جون ڍنڍون کاريون لوڻ ٿي ويون آهن، ٻيلا تباهه ٿي چڪا آهن، ماحوليات تباهيءَ جو شڪار آهي، زرعي آبادگار گهٽ پيداوار جي ڪري معاشي نقصان کي منهن ڏيئي رهيا آهن. جيڪڏهن سنڌ حڪومت اڃان به پنهنجي اک نه پٽي ۽ پنهنجي عوام ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جي باري ۾ سنجيدگيءَ سان نه سوچيو ته ان ۾ نه صرف عوام جو نقصان ٿيندو، بلڪه پيپلز پارٽي جو جيڪو سياسي نقصان ٿيندو ان جو به کيس اندازو هجڻ گهرجي.
اهڙي وقت ۾ جيڪڏهن سنڌ حڪومت ٻٻرلوءِ ۾ ويٺل وڪيلن جي ڌرڻي کي ختم ڪرائڻ لاءِ طاقت جو استعمال ڪندي ته اهو سڌو سنئون سنڌ جي عوام ۽ پيپلز پارٽيءَ جو هڪٻئي سان ٽڪراءُ هوندو، جنهن ۾ گهڻو نقصان پيپلز پارٽيءَ جو ٿيندو.