خاصنئون

سعودي ولي عهد جو دورو

سعودي ولي عهد  پاڪستان جي دوري تي ڪلهه پهتو. وزير اعظم عمرا ن خان پاران ڏنل آجياڻي ۾ ڳالهائيندي سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان چيو ته مونکي پاڪستان اچي ڏاڍي خوشي ٿي آهي.  پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا هميشه دوستي وارا رهيا آهن ۽ ٻنهي ملڪن سڀني مشڪل حالتن ۾ گڏجي ڪم ڪيو آهي. ان ساٿ کي اڳتي به جاري رکيو ويندو. ايندڙ وقت ۾ پاڪستان هڪ اهم ملڪ بڻجڻ وارو آهي ۽ اسان کي يقين آهي ته اسان ان جو حصو هونداسين. اسان کي انتظار آهي ان وقت جو جڏهن اسان توهان سان گڏجي ڪيترائي ڪم ڪندا سين. هن وڌيڪ چيو ته اڄ اسان مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون آهن ۽ پهرين مرحلي ۾ 20 ارب ڊالرهڪ وڏي رقم آهي. جنهن ۾ ايندڙ وقت ۾ اضافو ڪيو ويندو.  اسان کي يقين آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏ جي ڪري سياسي، معاشي ۽ دفاعي جي معاملن تي ڪم ڪندا رهندا ۽ ٻئي  ملڪ هن خطي کي هڪ شاندار مستقبل ڏيندا. سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستانين جي مشڪلاتن بابت وزير اعظم جي ڌيان ڇڪائڻ تي سعودي ولي عهد چيو ته توهان سعودي عرب ۾ مونکي پاڪستان جو سفير سمجهو اسان کان جيترو به ٿي سگهندو اسان اوترو ضرور ڪنداسين.