برٽينڊ رسل رياضي ۽ فلسفي ۾ پنھنجي اعليٰ ڪارنامن سبب پوري دنيا ۾ مشھور ھو. ھن جي تصنيف: اصول رياضي کي منطق جي موضوع سان ڪلاسڪ جو درجو حاصل آهي، پر عجيب ڳالھ ھيءَ آھي ته 1950 ۾ جڏھن کيس نوبيل انعام ڏنو ويو ته اھو ادب تي ھو. ميڪسم گورڪي کي اشتراڪي ادب جو باني مڃيو ويندو آھي. ھن پنهنجو اشتراڪي ادب جو نمايان ترين ناول “ماءُ” دنيا جي سڀ کان وڏي سرمائيدار ملڪ آمريڪا جي رياست نيويارڪ ۾ ايلزبيٿ ٽائون ۾ ويھي لکيو. انگريزي جو مشھور شاعر جان ملٽن جو خيال ھو ته شاعري سان سياسي انقلاب آڻي سگھجي ٿو، ان خيال سان ھو شاعري ڪندو رھيو، پر جڏھن کيس احساس ٿيو ته ھي ناممڪن آھي ته ھو نثر ۾ انقلابي منشور لکڻ لڳو ۽ ڪيترائي سال اھو ڪم ڪندو رھيو. بعد ۾ جڏھن اھو مشغلو بيڪار ثابت ٿيو ته ٻيهر شاعري جي طرف رجوع ڪيائين. واٽس ايپ جو وجود ۾ اچڻ پويان، ھڪ احساس محرومي جي ڪٿا آهي. واٽس ايپ جي موجد جين ڪوم، يوڪرين جي دارالحڪومت ڪيف جي ويجھو ھڪ ڳوٺڙي ۾ يھودي گھراڻي ۾ جنم ورتو.
1992ع ۾ يھودين تي وڌي ويل حملن، بدسلوڪي ۽ تشدد جين ڪوم جي والده کي ھجرت ڪرڻ تي مجبور ڪيو، مگر سندس والد وطن ڇڏڻ کان صاف انڪار ڪيو. ائين 16 سالا پٽ ۽ ماءُ آمريڪا اچي ويا، 18 سالن جي ڄمار ۾ جين ڪوم کي ڪمپيوٽر پروگرامنگ جو شوق جاڳيو اھو شوق کيس سين ھوزي اسٽيٽ يونيورسٽي وٺي ويو. 1997 ۾ ھن “ياھو” ۾ ملازمت اختيار ڪئي. 2004 ۾ فيس بڪ آئي ۽ 2007 ۾ دنيا جي وڏي ڪمپني بڻجي وئي. جين ڪوم فيس بڪ ۾ نوڪري لاءِ درخواست ڏني، پر فيس بڪ کيس رجيڪٽ ڪيو ۽ وڌيڪ ٻه سال “ياھو” ۾ رھيو، ان دوران ٿورا ٿورا پئسا جمع ڪري آئي فون ورتائين. ايئن سمجھو آئي فون ھن جي مستقبل کي تشڪيل ڏنو. جين ڪوم ھڪ ڏينھن سوچيو ڇو نه اھڙي ايپليڪيشن ٺاھجي، جيڪا فون جو متبادل ھجي ۽ ميسيجز تصاوير ڊاڪيومنٽس به منٽن ۾ ھلائي سگھجن جيڪو ھيڪ به نه ٿي سگھي. ھن پنھنجي دوست برائن ايڪٽن سان ڳالھ ڪئي ۽ ٻئي ھن آئيڊيا تي ڪم ڪرڻ لڳا. آخرڪار ٻن سال جي ڪڙي محنت کانپوءِ ھو جادوئي ايپليڪيشن ٺاھڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ھيءَ ايپ فيبروري 2009 ۾ لانچ ٿي ۽ پوري دنيا کي ڳنڍي ڇڏيائين. ھيءَ ايپليڪيشن واٽس ايپ چورائيندي آھي، دنيا جا ھڪ ارب ماڻھو ھيءَ ايپ استعمال ڪري رھيا آھن. جين ڪوم کي واٽس ايپ ٻه ٽي مھينن ۾ ارب پتي بڻائي ڇڏيو. ھيءَ ايپليڪيشن ايتري قدر ڪامياب ٿي، جو بيشمار ڪمپنين ايپ خريدڻ لاءِ پيشڪش شروع ڪري ڇڏي، مگر ھو مسلسل انڪار ڪندو رھيو.
2014ع ۾ فيس بڪ انتظاميه به ھن سان رابطو ڪيو ته ھن خدا جو شڪر ادا ڪيو ۽ ٽھڪ ڏيئي چيو ھي اھو ادارو آھي جنھن مون کي نوڪري جي قابل ڪونه سمجھيو… کلندي کلندي فيس بڪ وارن کي ھا ڪري ڇڏي، 19 ارب ڊالرن ۾ سودو طئي ٿيو. جين ڪوم فيس بڪ سان سودو ڪرڻ لاءِ صرف ھڪ شرط رکيو ته ھو فوڊ سٽيمپس ڏيڻ واري ويلفيئر آفيس ۾ معاھدي تي دستخط ڪندا. اھو عجيب شرط ھو، مگر فيس بڪ انتظاميه کي اھو ضد مڃڻو پيو. طئي ٿيل تاريخ تي فيس بڪ وارا ويلفيئر آفيس پڳا ته جين ڪوم اتي ويٺو روئي رھيو ھو. ھيءَ اھا جڳھ ھئي جتان ھو ۽ سندس ماءُ سالن کان خيرات وٺندا ھئا.