بلاگنئون

علم پابندين کان آزاد هئڻ گهرجي !

“تاريخ کان محروم ماڻهو” (ڊاڪٽر مبارڪ علي)

علم انساني تجربن ۽ مشاهدن جي پيداوار آهي، جيئن جيئن انساني تجربن ۾ واڌارو ٿيو ته علم به ساڳيءَ ريت اڳتي ڏانهن وڌڻ لڳو. علم انساني سوچ ۽ فڪر کي وڌائي ٿو، هن کي فطرت جي باري ۾ معلومات ميسر ڪري ٿو ۽ انساني فطرت کي سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. علم جي افاديت کي نظر ۾ رکندي تاريخ ۾ حڪمران طبقي ان تي پنهنجي اجاره داري قائم ڪري ورتي ۽ عوام تي علم جي حاصلات جي لاءِ پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون. هندو مذهب ۾ ويدن جي تعليمات برهمڻ طبقي تائين محدود هئي ۽ اهو حڪم هو ته جيڪڏهن ڪو شودر ويدن جي لفظن کي ٻڌي وٺي ته ان جي ڪنن ۾ رجايل سيهو وڌو وڃي. عيسائيت ۾ به بائبل جي تعليمات مذهبي طبقي تائين ئي محدود هئي. جڏهن ويلم ٽنڊيل (1536) انگريزي ۾ بائبل جو ترجمو ڪرڻ شروع ڪيو ته چرچ هن کي زنده ساڙڻ جو حڪم ڏنو. جڏهن 1715 ۾ مارٽن لوٿر چرچ کان بغاوت ڪئي ته هن بائبل جو جرمن ۾ ترجمو ڪري ورتو. هندستان ۾ شاهه ولي الله جي پوٽي جڏهن قرآن جو پهريون ڀيرو اردو ترجمو ڪيو ته مولوين هن کي بريءَ ريت ڪٽيو.

تاريخ ۾ مذهبي علمن تي عالمن، راهبن ۽ پوڄارين جو قبضو رهيو آهي ته جيئن ماڻهو مذهبي معلومات جي لاءِ کانئن ئي راءِ وٺن. مغل شهنشاھ اورنگزيب (1707) پنهنجي حڪومتي دور ۾ عالمگيري فتويٰ کي مرتب ڪرايو هو، جنهن جو مقصد اهو هو ته فتويٰ جي لاءِ ماڻهن کي مفتين وٽ نه وڃڻ گهرجي. مذهبي علمن کان مذهبي طبقي جي اجاره داري ان وقت ٽٽي جڏهن يورپ ۾ تعليم جي واڌ ٿي ته بائبل جا ترجما قومي ٻولين ۾ ٿيڻ لڳا. هاڻي جڏهن چرچ ۾ بائبل پادري ٿي پڙهيو ته عبادت ڪندڙ پنهنجو ذاتي بائبل کولي ڪري پادري جو واعظ ٻڌندا هئا ۽ جيڪڏهن هو غلطي ڪندو هو ته سندس نشاندهي ڪندا هئا، پر اوڀر وارن ملڪن ۾ مذهبي طبقن جو مذهبي علمن تي تسلط رهيو ۽ اڄ تائين ماڻهو پنهنجن مذهبي مسئلن جي حل لاءِ انهن کان ئي مشورو وٺن ٿا. مذهبي علمن کان علاوه علم تي بحيثيت مجموعي حڪمران طبقن جو تسلط هو. مثال طور آمريڪا جي شروعاتي دور ۾ اهو قانون هو ته غلامن کي لکڻ پڙهڻ جي آزادي نه هئي. حڪومتون انهن ڪتابن تي سينسرشپ جي وسيلي پابنديون هڻنديون هيون، جن ۾ انهن جي خلاف تنقيد ٿئي يا انهن جي سياسي نظام کي چئلينج ڪيو ويو هجي. ڪيٿولڪ چرچ جي طرف کان هر سال انڊيڪس نالي ڪتاب شايع ٿيندو هو، جنهن ۾ منع ٿيل ڪتابن جا نالا لکيل هئا ۽ اها هدايت ڪئي ويندي هئي ته انهن ڪتابن کي پڙهڻ گناهه جو سبب بڻبو.

انهن سمورين پابندين جي باوجود باغي دانشور پنهنجا ڪتاب ڳجها شايع ڪرائيندا هئا. پاڙيسري ملڪن ۾ شايع ڪرائي پاڻ وٽ اسمگل ڪرائيندا هئا. دانشورن علمن کي محفوظ رکڻ جي لاءِ انسائيڪلو پيڊيا مرتب ڪرڻ شروع ڪيو ته جيئن علم ۾ جيڪي واڌارا ٿيا آهن انهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري ڇڏجي. ان ڪري اسان ڏسون ٿا ته رياستي ۽ باغي دانشورن جي وچ ۾ ٽڪراءُ رهيو. رياستي دانشورن کي حڪومت جي سرپرستي حاصل هئي. تنهنڪري تاريخ هجي يا فسلفو اهي علمن کي حڪمرانن جي مفادن جي لاءِ استعمال ڪندا هئا. جڏهن يورپ ۾ قومي رياست قائم ٿي ته هن تعليمي ادارن کي قومي بڻائي ڪري انهن جي آزادي کسي ورتي. هاڻي رياست وٽ سڀ کان وڏو هٿيار نصاب هو. نوجوان شاگردن جي لاءِ اهڙو نصاب ترتيب ڏنو ويو، جيڪو حڪمرانن جي نظرين جو تحفظ ڪري ۽ ان نصاب کان عورتن کي خارج ڪيو ويو هو. مذهبي اقليتن کي به ڪو تحفظ نه هو، جيڪي شاگرد ان نصاب کي پڙهي ڪري علمي زندگي ۾ ايندا هئا ته اهي ذهني طور تي پسماندگي جو اظهار ڪندا هئا. ان نصاب جو مقصد اهو هو ته عام ماڻهو حڪومت جا وفادار رهن، چاهي حڪومت بدعنوان ئي ڇو نه هجي. انهن ۾ مزاحمت جا ڪي جذبا پيدا نه ٿين ۽ نه ئي انهن کي پنهنجن حقن جو احساس ٿئي.

ان لاءِ جيڪڏهن حڪمران طبقا انهن تي پنهنجي اجاره داري قائم ڪري وٺندا ته ادب، فلسفو، موسيقي، تاريخ ۽ ٻين سماجي علمن ۾ ڪو واڌارو نه ٿيندو. ان ڪري اهو سوال بحث هيٺ اچي ٿو ته علم کي پابندين کان آزاد ڪرڻ بنا ان ۾ ڪو واڌارو ممڪن ناهي. بادشاهن ۽ آمراڻين حڪومتن جي پابندين جي سبب کان علم هڪ هنڌ رڪجي ويو هو.

يورپ ۾ علم هن وقت عوام ۾ ترقي جي نئين فڪرن ۽ خيالن کي پکيڙيو. جڏهن اتان کان بالادستي جو خاتمو ٿيو ۽ باغي دانشورن کي اهو موقعو مليو ته اهي پنهنجي علم کي ترقي پسند نظرين جي لاءِ استعمال ڪن، پر آمريڪا ۾ اڄ به نوم چومسڪي، ايڊورڊ سعيد ۽ هاورڊ زن اهي دانشوار آهن جن کي انهن جي باغي فڪرن جي ڪري خاص جڳھ نٿي ڏني وئي. ساڳئي صورتحال هندستان ۽ پاڪستان ۾ باغي دانشورن جي آهي، پر اهي باغي دانشور ڪنهن به ملڪ جا هجن علم کي رياستي زنجيرن جي قيد کان ڇڏائي ڪري ان کي عوام جي ڄاڻ جي لاءِ استعمال ڪن ٿا. ان ڪري علم هڪ پاسي رياست جي هٿن ۾ هڪ خطرناڪ هٿيار آهي ته ٻئي پاسي باغي دانشور علم جي وسيلي عوام کي ساڙ، نفرت ۽ تنگ نظري کان ڇڏائي ڪري هن ۾ شعور پيدا ڪن ٿا.