مشال خان قتل ڪيس جو فيصلو هڪ کي موت جي سزا 5 کي عمر قيد
مشال خان قتل ڪيس بابت آيل فيصلي ۾ عدالت پاران هڪ ملزم کي موت جي سزا جڏهن ته 5 ڄڻن کي عمر قيد ۽ 25 ملزمن کي چار چار سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. جڏهن ته 26 ملزمن کي شڪ جو فائدو ڏيندي آزاد ڪيو ويو آهي. هي فيصلو دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج فضل سجاد خان ٻڌايو، فيصلي ۾ 58 ملزمن کي عدالت آڏو پيش ڪيو ويو هو. عدالتي فيصلي بعد خيبر پختونخواهه جي حڪومت پاران بري ٿيندڙ 26 ملزمن جي خلاف اپيل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جڏهن ته ڪيس جي مرڪزي ملزم عارف سميت 3 ڄڻا اڃا تائين مفرور آهن. فيصلي بعد مشال جي ڀاءُ ايمل خان چيو ته اسان چاهيون پيا ته فيصلي ۾ سڀني ملزمن کي سزا ملي جڏهن ته مرڪزي ملزم ته اڃا آزاد آهي ان کي به سزا ملڻ گهرجي.