نئون

اينجلينا جولي ۽ بريڊ پٽ جي عليحدگي جو ڪارڻ ٻار نه هئا

نين خبرن موجب اينجلينا جولي ۽ بريڊ پٽ جي عليحدگي جو ڪارڻ سندن ٻار ۽ انهن جي تعليم نه هئي پر انهن وچ ۾ عليحدگي جو ڪارڻ اهو ٻڌايو پيو وڃي ته بريڊ پٽ ٻارن لاءِ هڪ عام زندگي چاهي رهيو هو جڏهن ته اينجلينا جولي انهن کي وڏي شخصيت بنائڻ جي خواهش رکي هئي. خبر موجب اطلاع ڏيندڙ شخص ٻڌايو ته هن جو ثبوت اهو آهي جو هنن ٻنهي ساڳئي معاملي تي اڃان به ڇڪتاڻ موجود آهي. اينجلينا اڄ به ٻارن کي پاڻ سان گڏ هر شو ۾ وٺي ايندي آهي جڏهن ته بريڊ پٽ ان جي برخلاف ڪندو آهي. اينجلينا ٻارن سان دوست جهڙو ورتاءُ رکندي هئي جڏهن ته پريڊ پٽ انهن سان روايتي ورتاءُ رکندو آهي. بريڊ پٽ تي اهو الزام هو ته هن پنهنجي پٽ ميڊوڪس کي چماٽ هنئي هئي جيڪو الزام هن تي ثابت نه ٿيو هو پر چيو وڃي ٿو ته ان ئي ڳالهه تان ٻنهي ۾ عليحدگي ٿي هئي. ياد رهي ته هن معاملي تي اهو به چيو ويو هو ته ٻنهي زال مڙس وچ ۾ ٻارن جي تعليم جي معاملي تي عليحدگي ٿي هئي، پر اها خبر هاڻي ڪوڙي ثابت ٿي وئي آهي.