بلاگنئون

بلوچن جو سوال ۽ رياستي ماٺار

بلوچ سوال کان سواءِ ڪو به اهڙو مسئلو ناهي يا اهڙو ٻيو ڪو ٻرندڙ اشو ناهي جنهن تي رياست کي ڳڻتي ڪرڻ گهرجي يا رياست ان اشوءَ تي ڪنهن مونجهاري جو شڪار هجي. ٻيا صوبا ان اهڙي صورتحال ۾ ڦاٿل ناهن، انهن وٽ ايتريون گمشدگيون نه ٿينديون هونديون جيتريون بلوچستان ۾ ٿين ٿيون. ڪي پي وٽ پنهنجا مسئلا آهن، پنجاب پنهنجي ونڊ ۽ ڪٽ ۾ پورو آهي، سنڌ سان ڪا ٻي ويڌن آهي جنهن تي پنا ويهي ڪارا ڪجن. ملڪ جو اهڙو ٻيو ڪو صوبو ناهي جتي انساني بحران هجي، اها ڳالهھ مڃجي ٿي ته گمشدگيون ڪيترين ئي مائرن جون جهوليون خالي ڪري ٿيون ڇڏن، ڪيترين ئي ونين جا سهاڳ اجاڙن ٿيون، ڪيترن ئي پيئرن جا سهارا کسي ٿيون وڃن، جن جو احساس انهن ماڻهن کي هوندو جن جا پيارا انهن کان زوريءَ کسجي کنڀجي ٿا وڃن. وري بحران اهو به آهي ته رياست ڀلا ڪنهن کي ذميوار ٿي سمجهي، جن مان رياست کي شديد خطرو لاحق هجي ٿو يا اهي باغي گروھه رياست کان ان جي ساک ۽ ساخت کسي ويندا، جيڪي به پيرا ملٽري فورسز آهن جن مان رياست سمجهي ٿي اهي جي خاموش ٿي وڃن ته هوندَ رياست جو مسئلو نبيرجي پئي. ان ڪري ته رياست جي رٽ کانسواءِ پنجاب جي ٻين صوبن ۾ چيلينج ٿي ٿي پئي جو اتي رياست جون “ايل اي ايز” به نه ٿيون پهچي سگهن. جيئن وزيرستان ۾، جيئن صوابي ۽ سوات جهڙن علائقن ۾ يا جيڪي علائقا فيڊرلي ايڊمنسٽريٽڊ هئا (۽ هاڻي ڪي پي سان ملايا ويا آهن) ته اتي سرڪار جي رٽ ختم هئي يا اتي سواءِ باغي گروهن جي (جيڪي گهڻي ڀاڱي بيروني طاقتن جي ٻَلَ تي عسڪري ادارن سان جنگ لڳايو ويٺا هئا)، پر وري 2021 ۾ اهڙو به دور ڦريو جنهن آمريڪي اختيارين کي لاچار ڪيو ته اهي “جنرل ايمنيسٽي” جو اعلان ڪري ڇڏين، جنهن ۾ سڀ گڏھه گهوڙا برابر ٿي ويا، اسيٽيٽ جا عسڪري آپريشن به مات ٿي ويا. پوءِ ڀلي هاڻي چمن کان افغاني حملا آور ٿين، ڪي پي جي علائقن مان پاڪستاني فورسن تي هٿيار سڌا ٿين، ڳالھه ته پوءِ به نبري ٿي وڃي، پر هاڻي جي ٻين صوبن ۾ رياست هڪڙو لهجو ٿي ڳالهائي وري بلوچن سان ٻئي لهجي ۾ ڳالھه ٿي ڪري ته اها ٻه چاپڙائپ آهي. پوءِ جي مذهبي گروهن سان ڳالهيون ٿين ٿيون ته بلوچ باغين سان به ڳالهيون ڪيون وڃن ۽ مسئلي جو مستقل حل ڳولهيو وڃي.
ملڪ اندر گيس ۽ ٻين معدني وسيلن جي کوجنا 1964 کان اڳ ئي ٿي چڪي هئي جنهن ۾ رياست وٽ ادارا ٺهڻ، معاشي ترقيءَ جا منصوبا جڙي ويا هئا، پر بلوچستان ۽ ٻين صوبن کي هٿ وٺي پوئتي رکيو ويو، اڄ تائين انهن صوبن ۾ ترقي جو تناسب ۽ لائيف انڊيڪس جي شرح اڃا تائين گھٽ آهي جيڪا وري به ڪرندي ٿي رهي، جو جڏهن ٻوڏون، طوفان، قدرتي آفتون، سامونڊي اُٿلون ۽ گهڻيون بارشون يا ڪڏهن خشڪ ساليون به اچن ٿيون ته انهن صوبن جي حالت ڳڻتي جوڳي هجي ٿي، جو ملڪ ايٽمي طاقت هوندي به ان جا عام شهري بنيادي سهولتن کان محروم هجن ٿا، انهن وٽ تعليم جو تناسب ٻين صوبن کان گهٽ هجي ٿو. انهن صوبن وٽ يا خاص بلوچستان وٽ اهي سڀ ترقيون وڏن ايلاز منٿن کانپوءِ عمل ۾ اچن ٿيون، ان ڪري ته جنهن شهر مان گيس نڪتي انهن ماڻهن کي 2006 ۾ گيس جي سهولت سان نوازيو ويو ۽ ڪوئٽا کي پاڻ 1986 ۾ گيس ملي، پر پنجاب جي شهرن کي گيس نڪرڻ شرط ئي گيس مهيا ڪئي وئي ۽ انهن صوبن ۾ ترقي جي گهٽ تناسب جي ڪري انهن ماڻهن کي نظر انداز ڪيو ٿو وڃي ته جيئن اهي ڀلي لاچارگيءَ جي حالت ۾ زندگي گذارين ۽ وڏا صوبا (رڳو پنجاب) نفرت جو ٿو کائي يا ماڻهن کي هٿ وٺي چون ٿا ته اهي پنجاب کان نفرت ڪن ۽ هڪ فاصلو رهي جو اهي ماڻهو ڪڏهن به پنجاب ۾ ٿيندڙ ٻين صوبن جي فيصلن تي اثر انداز نه ٿين ۽ پوءِ اهي پاڻ ۾ ملي ڀڳت ڪري پيا فيصلا ڪن ۽ جيڪي وڻين سو ڪن.
اها ڳالھه گذريل مهيني واضح ٿي وئي هئي، جڏهن پرامن، غيرهٿياربند مظاهرو ڪندڙن جو هڪ قافلو جيڪو تربت کان اسلام آباد پهتو ته وفاقي اختيارين کين گادي واري هنڌ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو، پر بلوچ لانگ مارچ جنهن ۾ هزارين بلوچ عورتن، مردن ۽ ٻارن سان گڏ ترقي پسند سياسي ڪارڪنن، قومپرستن ۽ ٻين برادرين سان تعلق رکندڙ عام ماڻهن ثابت ڪيو ته اهي هاڻي هڪ آسمان هيٺ آهن. نوجوان عورتن جي اڳواڻي ۾ قافلو بلوچستان ۽ ان کانپوءِ سرائيڪي، پختون ۽ پنجابي علائقا ٽپندو وکون هڻندو وڃي پڳو. اهو لانگ مارچ جمهوري روايتن جو سڀ کان وڏو معنيٰ خيز اظهار هو، جيڪو اسلام آباد جي اوسي پاسي پهتو. مارچ ڪندڙن جا مطالبا ڪافي عام ھئا (جيڪا انھن جي سادگي ھئي، پر اها حڪمران طبقي کي ناگوار گذري) جن ۾ جبري گمشدگيون ۽ ان سان گڏ “انڪائونٽر ڪري مارڻ” جي مذموم عمل جو خاتمو آڻڻ هو، جيڪو بلوچن جي بنيادي حقن جي حاصلات جو شروعاتي آواز آهي. تربت مان اٿندڙ ان احتجاج جو مقصد صرف اهو هو ته انهن استحصالي طبقن جو احتساب ڪيو وڃي، جيڪي اهڙن سمورن عملن ۾ ملوث آهن. بلوچن جو هڪ سادو سوال اهو به هو ته آخر اهڙن مطالبن کي اٿارڻ رياست وٽ ايترو حرام ڇو آهي؟ ۽ خاص طور تي بلوچ نوجوانن لاءِ اهو بيان ڪرڻ ڇو ممنوع آهي؟ ملڪ ۾ تقريبن هرڪو اڳي ئي ڄاڻي ٿو ته رياست جا ڪجھه ڪارندا اهڙا به آهن جيڪي چاهين ٿا ته انهن جو ڪنهن به طرح حساب ڪتاب نه ٿئي ڪير انهن تي آڱر نه کڻي.
يا سوال اهو آهي ته بلوچ لانگ مارچ جڏهن سڄي ملڪ ۾ پنهنجو موقف مڃائي سگهي ٿو، همدرديون ميڙي سگهي ٿو ته پوءِ مکيه اسٽريم پارٽيون ۽ بلوچستان جا مڪتبه فڪر جي چونڊيل نمائندن کي پاڻ ڏانهن راغب ڪرڻ ۾ ڇو سست آهي؟. نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي جنهن 8 فيبروري تي چونڊن جي تاريخ جي تصديق ڪندي ئي استعيفيٰ ڏني هئي، جيڪو ان جو خاص مطالبو هو ۽ نيٺ هو پيپلزپارٽيءَ ۾ شامل ٿيو. نگران وزيراعظم جو تعلق به بلوچستان سان آهي، سينيٽ چيئرمين به بلوچستان جو آهي ۽ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ به بلوچستان مان آهي، پر لانگ مارچ ڪندڙن تي پرتشدد ڪريڪ ڊائون کانپوءِ رياست فوري طور تي نوٽيس ورتو جيڪو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ سوين حراست ۾ ورتل ماڻهن جي طرفان داخل ڪيل درخواست کانپوءِ ڪيو ويو. جنهن مان سوال ٿو پيدا ٿئي ته آخر اهو ڇو آهي ته بلوچن کي باربار بربريت جو نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ انهن جي زخمن تي وڌيڪ لوڻ ٻُرڪڻ کانپوءِ به نامناسب تدبيري قدم کنيا پيا وڃن؟ يا شايد اهڙيون ڳالهيون جيڪي ماضيءَ ۾ ٿيون انهن مان رياست ڪجھه به سبق ناهي سکيو، پر بلوچن جو سوال نه رڳو اهو واضح ڪري ٿو ته رياست ڪجهھ به ناهي سکيو. اسلام آباد جي لانگ مارچ جي منظرن رياستي شڪي ماڻهن کي اهو يقين ڏياريو ته هڪ جمهوري وفاق جنهن ۾ بلوچن جهڙيون قومون حقيقي شهريت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام آهن، ڇو ته بلوچن جي رويي ۽ عملن کي بيان ڪرڻ جو ٻيو ڪو طريقو ناهي، جنهن ۾ انهن رياستي عنصرن کي ڪري ڏيکارجي ته جيڪي اسان تي پراڻي طرز جي نوآبادياتي طرز جي حڪمراني ڪن ٿا.
مارچ ڪندڙن مطالبو ڪيو هو ته کين راڄڌاني ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ انهن کي ڳالهھ چوڻ جي اجازت ڏني وڃي. انهن جي ٻولي آگ بگولا نه هئي نه ئي ڳالهھ کي بگاڙيندڙ هئي، پر رڳو هڪ عرض ٻڌڻ جي هڪ درخواست هئي. اهي يقيني طور تي تمام گهڻي اميدن سان نه آيا هئا، پر هڪ گمشدگين جي ياد دهاني ڪرائڻ جي لاءِ جن هڪ تاريخي ٽريڪ رڪارڊ ڏنو. اهو ئي سبب آهي جو نوجوان عورتون ۽ مائرون، جيڪي پيدل ان طرف آيون جنهن طرف کي وفاق جي علامت سمجهيو وڃي ٿو، انهن کي پرامن احتجاجي ڪيمپ ڏانهن وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جو مطالبو ڪرڻ گهرجي ها، انهن تي لاٺي چارج نه ڪيو وڃي هان، پر بلوچن کي واٽرڪينن ۽ هٿيارن سان پوليس وين ۾ گهليو ويو، پر دنيا سوال ٿي ڪري ته ڪيئن ۽ ڇو انهن سان ايترو وحشياڻو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، جنهن کي ڪيترن ئي بلوچن ۽ انهن سان يڪجهتي ۾ بيٺل ماڻهو ڪافي عرصي کان وٺي برداشت ڪري رهيا آهن، پر بلوچ سوال کي تسليم ڪرڻ واقعي هڪ جمهوري جدوجهد جي امڪان کي کولڻ به آهي، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ مظلوم قوم کي مرڪزيت واري خاني ۾ جاءِ ڏني وڃي. لانگ مارچ جي رستي ۾ جيڪو يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو، ان کي نه وسارڻ گهرجي ته ان گوڙشور ۾ ڇا ٿيو، جڏهن اهو مارچ اسلام آباد ۾ داخل ٿيو جنهن اسٽيبلشمينٽ کان حساب ڪتاب نه ورتو، جيڪي آرام سان رياست بلوچن کي گهلي ساڻو ڪرڻ ٿي چاهي، پر ان عقوبتن هوندي ترقي پسند ۽ عام ماڻهن لاءِ فقط اها ئي اُميد آهي، اهي بلوچن جي آواز کي ڪن کولي ٻُڌن جيڪي مظلوم روڊن تي نڪري آيا هئا ته جيئن گمشدگين ۽ انڪاؤنٽرڊ قتلن جي لاءِ پنهنجي نفرت کي واضح ڪري سگهن ته جيئن اهو تسليم ڪيو وڃي ته بلوچن کي انصاف ڏياري هيءَ رياست شايد کين هڪ منصفانه ۽ جمهوري مستقبل ڏانهن وٺي وڃي.