ايڊيٽوريل

5 فيبروري ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي جو ڏينهن

ڪشمير قيامِ پاڪستان کان وٺي اڄ ڏينهن تائين انساني ضمير لاءِ هڪ سوال آهي. ڪشمير مسئلي جي تاريخ پراڻي به آهي ۽ ڏکوئيندڙ به.
27 آڪٽوبر 1947 تي ڀارت مقبوضه ڪشمير ۾ پنهنجون فوجون لاهي ڇڏيون ۽ ڪشمير تي قبضو ڪري ڇڏيو. جيڪو نه ڪشميري عوام کي قبول هو، نه پاڪستان جي عوام انهيءَ کي پهرئين ڏينهن کان قبول ڪيو آهي. تاريخ جي ستم ظريفي اها به آهي ته پهرين جنوري 1948 تي ڀارت ڪشمير جي مسئلي تي گڏيل قومن جي اداري کان مدد گهري ورتي ۽ گڏيل قومن جي اداري هڪ قرارداد جي ذريعي راءِ شماري ڪرائڻ جو چيو. 26 جنوري 1950 تي ڀارت پنهنجي آئين ۾ آرٽيڪل 370 جو اضافو ڪيو، جنهن ۾ رياست ڄمون ۽ ڪشمير کي دفاع، خارجه ۽ مواصلات کان علاوه خودمختيار حيثيت ڏني وئي. جڏهن ته اهو والاريل ڪشمير جي عوام ۽ عالمي برادري سان دوکو هو، تڏهن ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي 5 آگسٽ 2019 ۾ آرٽيڪل 370 ختم ڪري ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي هڪ پاسي ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ڪشمير جو مسئلو اقوام متحده ۽ ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ اڃا تائين حل طلب آهي.
پاڪستان جو عوام شروع کان ئي اهو سمجهي ٿو ته ڪشمير پاڪستان جو اڻٽٽ حصو آهي ۽ والاريل ڪشمير جو عوام به مسلمان هئڻ جي ناتي پاڪستان سان گڏجڻ چاهي ٿو، پر ڀارت جي والاريل ڪشمير تي جابرانه حڪومتون ڪشمير جي ماڻهن کي اهو موقعو ئي نه ٿيون ڏين ته اهي پنهنجي متعلق ڪو فيصلو ڪري سگهن. گڏيل قومن جي اداري جي قرارداد موجود آهي، جنهن ۾ راءِ شماري جو چيل آهي. نه راءِ شماري ٿي ٿئي ۽ نه والاريل ڪشمير جي ماڻهن کي پنهنجي مرضي مطابق فيصلي ڪرڻ جو حق ٿو ڏنو وڃي. ڀارت طاقت جي زور تي ڪشمير تي قبضو رکيو ويٺو آهي، پر نه والاريل ڪشمير جو عوام انهي قبضي کي مڃي ٿو ۽ نه ئي هڪ آزاد جمهوري ملڪ پاڪستان انهي قبضي کي مڃي ٿو. آرٽيڪل 370 جو خاتمو به والاريل ڪشمير جي مسئلن جو حل ڪونهي. پاڪستان جو اهو مطالبو هميشه رهيو آهي ته ڪشمير جي عوام کي پنهنجي راءِ جي اظهار جو موقعو ڏنو وڃي. ان جي بدران ڀارت والاريل ڪشمير جي عوام سان ظلم ۽ جبر جي انتها ڪري ڇڏي آهي.
اسانجو ملڪ پهرئين ڏينهن کان وٺي انهيءَ مسئلي جي حل لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ اسان تي جنگون به مسلط ڪيون ويون آهن، پر والاريل ڪشمير لاءِ اسانجو عزم ڪڏهن به ڪمزور نه ٿيو آهي ۽ نه ٿيندو. اسانجي ۽ ڪشمير جي عوام جي منزل هڪ آهي ۽ هڪ ڏينهن ايندو جو ڪشمير ڀارت جي ظلم مان آزادي حاصل ڪندو. 1990 جي ڏهائي ۾ جڏهن والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي ظلم جي انتها هئي ته حريت ڪانفرنس ۽ ٻين ڪشمير سان يڪجهتي ملهائڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ پهريون دفعو 5 فيبروري 1990 تي ڪشميرين سان يڪجهتي جو ڏينهن ملهايو ويو. انهيءَ سال کان وٺي اڄ تائين پاڪستان هر سال 5 فيبروري ڪشميرين سان يڪجهتي جو ڏينهن ملهائيندي والاريل ڪشمير جي عوام کي اهو پيغام ڏيندو آهي ته پاڪستانين جون دليون ڪشميرين جي دلين سان گڏ ڌڙڪي رهيون آهن ۽ 5 فيبروري جو پيغام عالمي ضمير جي نالي به آهي ۽ دنيا جي اهم طاقتن لاءِ هڪ يادگيري آهي ته ڪشمير جو مسئلو اڃا حل طلب آهي.
ڪنهن به مسئلي جو حل ڳالهيون ٻولهيون هونديون آهن. اسين 5 فيبروري 2024 تي ملهائجندڙ يڪجهتي واري ڏينهن تي عالمي ضمير کان اهو مطالبو ٿا ڪريون ته گڏيل قومن جي اداري جي والاريل ڪشمير متعلق قرارداد تي عمل ڪري راءِ شماري ڪئي وڃي ۽ پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي ملڪن کي گڏ ويهي ڪشمير جو عزت ڀريو حل ڪڍڻ گهرجي. انهيءَ ڪري اسين اهو سمجهون ٿا ته ٻئي ملڪ گڏجي ڪشمير جي مسئلي کي حل ڪن. پاڪستان جيئن ته هڪ امن پسند ملڪ آهي اهو 5 فيبروري تي ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي لاءِ هر سال بنا ڪنهن تعطل جي ڪشمير جو ڏينهن ملهائيندو رهيو آهي جنهن سان سڄي دنيا کي اهو پيغام ويندو آهي ته والاريل ڪشمير جو مسئلو حل طلب آهي، انهيءَ کي جيستائين حل نه ڪيو ويندو تيستائين خطي ۾ ديرپا امن جو قيام ممڪن نه ٿيندو.