شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي 27 ڊسمبر 2007 تي لياقت باغ راولپنڊي ۾ شهيد ڪيو ويو. 2007 کان وٺي سال 2024 تائين پاڪستان جو عوام انهيءَ ڏکائيندڙ واقعي کي وساري نه سگهيو آهي. اهڙي موقعي تي جڏهن ملڪ کي شهيد راڻي جي اڳواڻيءَ جي ضرورت هئي ته کيس راهه تان هٽايو ويو، جيئن جمهوري نظام ملڪ ۾ پنهنجون پاڙون پختيون نه ڪري، انهيءَ ڪري جمهوريت دشمن ۽ عوام دشمن قوتن هن جي جان وٺي ملڪ جي ماڻهن سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي.
شهيد محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان ۽ دنيا جي هڪ قدآور شخصيت هئي ۽ هن پنهنجي زندگي محنت ۽ جدوجهد سان ٺاهي هئي ۽ هن ۾ سياسي اڳواڻي جي قدرتي صلاحيت هئي. وقت جي امتحانن مان ڏکن ۽ تڪليفن مان گذري ۽ سياسي رهنمائي جي نه وسرندڙ ڪردار جي ڪري هوءَ ملڪ جي ٻه دفعا وزيراعظم رهي چڪي هئي. هوءَ پاڪستان ۽ مسلم دنيا جي پهرين خاتون وزيراعظم هئي ۽ ايشيا ۾ به عورتن جي رهنما جي طور تي هن جي سڃاڻپ هئي. ملڪ جو عوام هن سان جذباتي طرح لاڳاپيل هو. هوءَ ملڪ جي سياسي ۽ شخصي سڃاڻپ هئي. پهرين عوامي رهنما ذوالفقار علي ڀٽو جي ڌيءَ هجڻ جي ڪري هن جي زندگي سياسي لاهن چاڙهن ۾ گذري. سندس والد ذوالفقار علي ڀٽو عدالت جي هڪ متنازعه فيصلي جي ڪري جڏهن ڦاهي چاڙهيو ويو، تڏهن انهيءَ واقعي هڪ طرف پاڪستان جي سياسي حالتن کي بدلائي ڇڏيو ۽ محترمه بينظير ڀٽو انهن ئي ڏينهن ۾ پنهنجي والد جي سياسي دشمنن جي طرفان انتقامي ڪاررواين کي منهن ڏنو. ڏک ۽ تڪليفون برداشت ڪيون. ننڍي عمر ۾ جيل ۾ قيد رهي. سياسي مخالف حاڪمن پنهنجي ظلم جي بنياد تي ٺهيل ضابطن جي ڪري هڪ طرف پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن کي نشانو بڻايو، ٻئي طرف انهيءَ جي ليڊرشپ جنهن ۾ محترمه نصرت ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه تي به بي انتها ظلم ڪيو ويو. انهن لاءِ ڄڻ سياست ڪرڻ، پارٽي جي اڳواڻي ڪرڻ، عوامي ۽ جمهوري جدوجهد ڪرڻ جا سڀ رستا ظالم حڪمرانن بند ڪري ڇڏيا. 1981 ۾ سياسي جدوجهد جي نتيجي ۾ کيس سکر جيل ۾ بند ڪيو ويو. اهي به سندس زندگي جا ڏکيا ڏينهن هئا. سندس سياسي جدوجهد جي تاريخ سندس والد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جي خاتمي سان شروع ٿي هئي. مارشل لا حڪومت جيڪا ماڻهن کي قيد ڪري رهي هئي، سياسي ڪارڪنن کي ڪوڙا هڻي رهي هئي. انهيءَ مارشل لا جي خلاف 1981 ۾ بحالي جمهوريت جي نالي سان سياسي جماعتن جو اتحاد ٺاهيو ويو. ايم آر ڊي جي تحريڪ ملڪ جي اهم سياسي تحريڪ آهي. جنهن ۾ ملڪ جي عام ماڻهن پنهنجون جانيون ڏنيون ۽ سياسي جدوجهد جي نتيجي ۾ جوانيون جيل ۾ گذاريون. ايم آر ڊي تحريڪ کي آمر جي حڪومت گوليون هلائي هڪ طرح سان ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن جمهوري عمل بحال نه ٿي سگهي. 1984 ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي جيل مان آزادي ملي، جنهن کانپوءِ هن ٻن سالن تائين برطانيا ۾ جلاوطني جي زندگي گذاري. اپريل 1986 ۾ هوءَ جڏهن وطن واپس موٽي ته لاهور ايئرپورٽ تي هن جو ايترو ته شاندار استقبال ڪيو ويو، جنهن جو مثال پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ نٿو ملي. پاڻ تنهن ڏينهن مينار پاڪستان ۾ هڪ وڏي عام جلسي کي خطاب ڪيو. ملڪ جو عوام پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ان جي رهنما شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جو هميشه احترام پئي ڪيو ۽ اڳتي هلي جيڪي عام چونڊون ٿيون، انهن ۾ به ماڻهن ووٽ پيپلز پارٽي کي ڏنا. طويل آمريت جي زماني کانپوءِ 16 نومبر، 1988 تي ملڪ ۾ عام چونڊون ٿيون جنهن جي نتيجي ۾ بينظير ڀٽو صاحبه 2 ڊسمبر 1988 تي 35 سالن جي عمر ۾ ملڪ ۽ اسلامي دنيا جي پهرين خاتون وزيراعظم طور تي حلف کنيو. ٻيهر 1993 ۾ ٿيل چونڊن جي نتيجي ۾ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه هڪ دفعو ٻيهر ملڪ جي وزيراعظم ٿي.
سال 2007 ۾ هوءَ جڏهن پاڪستان آئي ته جيئن ملڪ ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ حصو وٺي سگهي، پر لڳي ٿو ته هن جي خلاف قاتلاڻه سازشن جو دور به انهيءَ سان گڏ شروع ٿي ويو. هن تي پهريون قاتلاڻو حملو 18 آڪٽوبر 2007 تي ڪراچي ۾ ٿيو، جڏهن پاڻ ڪراچي ايئرپورٽ مان ٻاهر نڪري شاهراهه فيصل تي آئي ته ڪارساز جي مقام تي وڏو قاتلاڻه حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ سوين ڪارڪنن پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو. 27 ڊسمبر 2007 اهو دردناڪ ڏينهن آهي، جنهن جي ياد پاڪستان جي عوام کان ڪڏهن به نه وسرندي. 27 ڊسمبر 2007 تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو عوامي جلسي کي خطاب ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي گاڏي ۾ اسلام آباد اچي رهي هئي ته لياقت باغ جي مرڪزي دروازي تي بم ڌماڪو ۽ فائرنگ ڪري کيس شهيد ڪيو ويو. سياست جي دنيا سازشن سان ڀريل آهي ۽ سياسي رهنمائن جي جان وٺڻ به ڪا نئين ڳالهه ڪونهي، پر ڀٽو خاندان جي ٻن شخصن جيڪي ملڪ جي وزيراعظم جي عهدي تي رهيا، انهن جي ياد پاڪستان جي عوام کان نه ٿي وسري. 27 ڊسمبر جو ڏينهن جڏهن به اچي ٿو تڏهن ڏک ۽ غم جي لهر هر پاڪستاني محسوس ڪري ٿو. عوام جي پاران مليل انهيءَ تحسين ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو رت شامل آهي.