پاڪستاننيو‍‍ز

ملڪ اندر زرداري هائوسن تي 273 پوليس اهلڪار مقرر ٿيل

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حيدرآباد سرڪٽ بينچ کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ زرداري هائوسن تي 273 پوليس اهلڪار مقرر ٿيل آهن. ايس يو پي جي وائيس پريزيڊنٽ سيد زين العابدين شاهه ۽ ايس يو پي جي انفارميشن سيڪريٽري امير علي ٿيٻو پاران هيءَ معلومات ڪورٽ آڏو داخل ڪيل پٽيشن جي ٻڌڻي ۾ پيش ڪئي وئي. درخواست ڪندڙن جي وڪيل مير مڱريو طرفان جسٽس محمود اي خان ۽ جسٽس خادم حسين تنيو کي ٻڌايو ته پوليس جا 71 جوان نوابشاهه ۾ زرداري واري هائوس تي، 62 جوان زرداري هائوس ڪراچي تي ۽ 12 بلاول هائوس ڪراچي تي، 18 بحريا ٽائون هائوس تي، 15 زرداري هائوس نئون ديرو تي، 35 زرداري هائوس لاهور تي ۽ 60 زرداري هائوس اسلام آباد تي ڊيوٽي تي مقرر ٿيل آهن. درخواستگذارن چيو ته پروٽوڪول جي هن رسم خاص طور تي حڪومت ۾ رهندڙ پارٽي پ پ سان ملڪ ۾ طبقاتي سرشتو قائم ٿي ويو آهي. هنن چيو ته بينظيرآباد ۾ 2303 ڪيس جن ۾ اغوا ۽ قتل جا ڪيس به شامل آهن رپورٽ ڪيا ويا آهن. جڏهن ته سوين اهلڪار ليڊرن جي گهرن تي ڊيوٽيون ڏيڻ لاءِ مقرر ٿيل آهن. هنن اهو به چيو ته ضلعي ۾ نه صرف زرداري پر ٻين ليڊرن کي به پوليس اهلڪار پروٽوڪول جي نالي تي مليل آهن، اهڙن ليڊرن ۾ اسلام الدين کي 3، خان محمد ڏاهري کي 2، ايم پي اي بهادر ڏاهري کي 4، عظيم مغل کي 3، قيوم قريشي کي 2، اشفاق زرداري کي 41 پوليس اهلڪار مليل آهن. درخواستگذارن چيو ته اهو سنڌ جي ماڻهن سان ٿيندڙ ظلم آهي جو انهن لاءِ مقرر ڪيل اهلڪار بنگلن تي ڊيوٽيون ڏيئي رهيا آهن. هنن ڪورٽ کي درخواست ڪئي ته ڪورٽ اهڙين مقررين کي ختم ڪري انهن پوليس اهلڪارن کي صوبي جي عوام جي خدمت لاءِ مقرر ڪري. جنهن کانپوءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ ۽ هوم سيڪريٽري سان گڏ بينظيرآباد جي ڊي. آءِ. جي ۽ ايس. ايس. پي کي نوٽيس موڪليا ته جيئن اهي هن معاملي تي پنهنجو جواب ڏين.