ملالا ايپل ڪمپني سان گڏجي ڇوڪرين جي تعليم لاءِ ڪم ڪندي

ملالا يوسفزئي ۽ ڪمپيوٽر جي مشهور ڪمپني ايپل گڏجي ڇوڪرين جي تعليم لاءِ ڪم ڪندا. ملالا ايندڙ خميس واري ڏينهن سئٽزرلينڊ ۾ ٿيندڙ ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ خطاب ڪندي. هن قسم جي گڏيل سهڪار سان ملالا ۽ ايپل پاران لاطيني آمريڪا ۽ انڊيا اندر تعليم حاصل ڪندڙ ڇوڪرين جي تعداد ۾ هڪ لک جو اضافو ڪندا. هن باري ۾ ڳالهائيندي ملالا بيان ڏنو ته اسان سمجهون ٿا ته تعليم هڪ برابري جي طاقت آهي. ۽ فنڊ ذريعي اسان هر ڇوڪريءَ کي تعليم جو حق ڏيڻ چاهيون ٿا. ايپل جو سي اي او ٽم ڪُڪ جيڪو پڻ هاڻي ملالا فنڊ جي ليڊرشپ ڪائونسل جو حصو بڻجندو. هن اهڙي موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ملالا برابري جي وڪيل آهي، جيڪا اسان جي دور جي هڪ خاص انسان آهي، اسان کي وڏو فخر آهي ته اسان هن سان گڏجي ڇوڪرين جي تعليم کي وڌائڻ لاءِ ڪم ڪنداسين. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ ڇوڪرين جي تعليم کي مختلف خطرا موجود آهن. جنهن ۾ غربت، جنگ ۽ صنفي اڻ برابري اهم سبب آهن. ملالا فنڊ هن وقت پاڪستان، افغانستان، انڊيا، نائيجيريا ۽ شام جهڙن جنگ سٽيل ملڪن ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. ملالا هڪ پريس رليز ۾ چيو ته مان چاهيان ٿي ته هر ڇوڪري پنهنجو مستقبل پاڻ چونڊي.

Leave a Reply

Your email address will not be published.