گذريل ڇهن سالن دوران 63 ڪروڙن جي ڪڻڪ سرڪاري گودامن مان چوري ڪئي وئي: سنڌ اسيمبلي
سنڌ جي خوراڪ واري وزير نثار احمد کهڙو اسيمبلي کي ٻڌايو آهي ته گذريل ڇهن سالن دوران 63 ڪروڙن جي ڪڻڪ کي سرڪاري گودامن ۽ فلور ملن مان چورايو ويو آهي. فوڊ ڊپارٽمينٽ جي ڪارڪردگي بابت سوالن جي جواب ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته 130000 ڪڻڪ جون ٻوريون هن عرصي دوران چوري ڪيون ويون آهن تفصيل ڏيندي هن چيو ته گمبٽ ۾ خليق فلور ملز مان 26000 ٻوريون چوري ڪيون ويون آهن. جنهن جي ايف آءِ آر درج ڪيل آهي ۽ ان جو ڪيس نيب عدالت ۾ به موڪليو ويو آهي. سنڌ فلور ملز مان 20000 ٻوريون چوري ٿيون آهن جن جو ڪيس به نيب ڏانهن موڪليو ويو آهي. کپرو ۽ گرهوڙ شريف مان 15300 ٻوريون چوري ٿيون آهن، جن جو ڪيس اينٽي ڪرپشن ۾ داخل ڪيل آهي. ان کان علاوه 34480 ٻوريون صديق فلور ملز مان کڻي بغير ڪنهن سرڪاري پرمٽ يا ڪنهن آرڊر جي کپايون ويون آهن جنهن جو ڪيس حيدرآباد نيب ڪورٽ ۾ داخل آهي. ان کان علاوه السعيد فلور ملز ڪوٽ غلام محمد لڳ 9070 ٻوريون چوري ڪيون آهن جن جي ايف آءِ آر به درج ڪيل آهي ۽ ڪيس اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ هلي رهيو آهي. ڪنري لڳ جهولي لال فلور ملز مان 12560 ٻوريون چوري ڪيون ويون آهن جن جي ايف آءِ آر ڪنري پوليس ٿاڻي تي درج ڪيل آهي. ان کان علاوه ڪراچي مان 890 ٽن ڪڻڪ چوري ٿي آهي جنهن جو به ڪيس ڪورٽ ۾ هلي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هن معاملي ۾ آفيسرن کي عهدي تان لاٿو ويو آهي، ٽن کي سزا آئي آهي ۽ چئن ڄڻن کي سسپينڊ ڪيو ويو آهي. جڏهن ته 27 ڪيس پينڊنگ ۾ آهن.

