خاص

ريڪوڊڪ، بيرڪ جي بلوچستان کي 3 ملين ڊالر جي پهرين ادائگي

بيرڪ گولڊ ڪارپوريشن ريڪوڊڪ منصوبي لاءِ بلوچستان جي صوبائي حڪومت کي 3 ملين ڊالر (تقريبن 750 ملين رپين) جي پهرين ادائگي ڪري ڇڏي آهي. بيرڪ گولڊ ڪارپوريشن ريڪوڊڪ منصوبي جي نئين شراڪت داري جي فريم ورڪ تحت بلوچستان جي صوبائي حڪومت کي 3 ملين ڊالر (تقريبن 750 ملين رپين) جي پهرين ادائگي ڪري ڇڏي آهي. گذريل مهيني حتمي معاهدن تي صحيح ۽ ضروري قانوني تقاضن جي پورو ٿيڻ کانپوءِ بيرڪ ۽ بلوچستان حڪومت تازوئي صوبي لاءِ مختص ڪيل فنڊن جي ادائگي جي ٽائم ٽيبل تي گڏيل رضامندي ظاهر ڪئي هئي.