خاصنئون

اڄ قومي اسيمبلي جو اجلاس، آرمي ايڪٽ بل منظور ٿيڻ جو امڪان

اڄ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيندو جنهن ۾ ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن جي ملازمت جي مدي ۾ واڌاري متعلق بل منظور ٿيڻ جو امڪان آهي. جنهن ۾ آرمي ايڪٽ ترميمي بل 2020 جي منظوري ڏني ويندي. قومي اسيمبلي اجلاس جو 17 نقاطي ايجنڊا جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ آرمي ايڪٽ، پاڪستان ايئرفورس ايڪٽ ۽ پاڪستان نيوي آرڊيننس ۾ ترميم جا بل شامل آهن. دفاع وارو قائمه ڪميٽي جو چيئرمين ترميمي بلن جي باري ۾ قائمه ڪميٽي کي رپورٽ پيش ڪندو جنهن ۾ ڪالهه ٽئي بل گڏيل اتفاق راءِ سان منظور ڪيا ويا هئا. وزير دفاع پرويز خٽڪ آرمي ايڪٽ، ايئرفورس ايڪٽ ۽ نيوي آرڊيننس ۾ ترميم جون ڌار ڌار تحريڪون پيش ڪندو. قومي اسيمبلي فوجي سربراهن جي باري ۾ قانون سازي جي ڌار ڌار منظوري ڏيندي. حڪومت سپريم ڪورٽ کي ڏنل فيصلي تي حڪم امتناع جاري ڪرڻ ۽ نظرثاني جي درخواست به داخل ڪئي آهي، جنهن تي لارجر بينچ جوڙڻ جي به گذارش ڪئي آهي.