ميجيڪل مومنٽ… ٻن لفظن جي ميلاپ مان ڦٽي نڪتل هڪ اهڙو لفظ جيڪو ڪنهن پرمسرت پل ڏانهن اشارو ڪري… ميجيڪل مومنٽ… ٻن لفظن جي ميلاپ کانپوءِ به ڪا مخصوص معنى نه ڏيندڙ لفظ… ٻين ڪيترن ئي لفظن جيان رڳو ڪنهن خاص پل ڏانهن اشارو ڪندڙ هڪ لفظ… هو ميجيڪل مومنٽ بابت سوچيندو آفيس جي بالڪوني ۾ اچي بيٺو آهي… اوچين عمارتن مان بتيون ٻري رهيون آهن… آفيس ٽائيم ختم ٿيڻ ۾ اڃان ٻه ڪلاڪ اٿس… آفيس پهچڻ مهل ئي کيس ٻڌايو ويو آهي ته سڀاڻي واري پرچي لاءِ گهڻا اشتهار اچي ويا آهن ان ڪري اخبار ۾ ڪارٽون يا ڪيريڪيچر لاءِ جاءِ ڪونه بچندي… پر ان هوندي به کيس ڏهاڙي پوري ڪرڻ لاءِ آفيس ۾ مقرر وقت تائين موجود رهڻو آهي… هو ڪامڪ سيريز جي ايندڙ قسط تي ڪم ڪندي ڪندي ٿڪجي پيو آهي… بالڪوني ۾ ايندي هن جي ذهن ۾ لفظ ميجيڪل مومنٽ نچڻ لڳو آهي… هو ان بابت سوچي رهيو آهي ۽ سگريٽ دکايو اٿائين… سهڻي ملوڪ سب ايڊٽر ليپ ٽاپ بند ڪري بالڪوني ۾ اچي هن جي پاسي کان بيٺي آهي… هن مرڪي سهڻي ملوڪ سب ايڊيٽر کي ڏٺو آهي… مون کي به سگريٽ ڏي… سهڻي ملوڪ سب ايڊيٽر هن کان سگريٽ گهريو آهي… هن نيري جينز جي کيسي مان سگريٽ جو پيڪٽ ۽ لائيٽر ڪڍي سهڻي ملوڪ سب ايڊيٽر ڏانهن وڌايو آهي… پيڪٽ وٺندي سهڻي ملوڪ سب ايڊيٽر جون آڱريون هن جي آڱرين سان ٽڪرايون آهن… سهڻي ملوڪ سب ايڊيٽر اڄ هن سان وڙهڻ جي موڊ ۾ آهي… هوءَ کيس ان ڳالهه تي قائل ڪرڻ گهري ٿي ته آرٽ جو هڪ مقصد هجڻ گهرجي… آرٽ کي سماج جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي ۽ آرٽ کي سوشلزم جو پرچار ڪرڻ گهرجي… سوشلزم وري هن لاءِ آمريت جي بدترين شڪل آهي… هن موجب سوشلزم ۾ ڪابه ميجيڪل مومنٽ ڪونهي…