اسان ته وڻ ڪٽي ان مان ڪاغذ ٺاهي وري ان ئي ڪاغذ تي لکندا آهيون ته وڻ بچايو، يا دونهين ڇڏڻ وارين گاڏين تي گرين پليٽ هڻي (جيڪا پنجاب جي گاڏين تي لڳل هوندي آهي، گرين پليٽ سرڪاري گاڏين واري نه، ان ۾ ته سرڪاري سائي جهنڊي جي نشاندهي ٿيل هوندي آهي ته هي رياست جي گاڏي آهي ان کان پاسي ٿي لنگهو) ان ڪري اسان جهڙن غريب ملڪن ۾ اها عياشي آهي ته جيئن وڻي تيئن ويٺا ڪنداسين، پر سوال اصل اهو آهي ته اسان ڪچرو ڪيون ڇو ٿا، شين کي ٽيٽرا پيڪ ۾ بند ڪري ڇو نٿا کپايون يا وڪرو ڪيون ته جيئن ڪَليون پلاسٽڪ جون ٿيلهيون يا رَديءَ جون اخبارون يا ٻيا ڪاغذ ۽ کاڌي پيتي جون شيون جيڪي روڊن تي سر عام کپن يا هلن ٿيون، انهن کي ٽيٽرا پيڪ ۾ بند ڪري صاف سٿرو ڪري وڪڻجي يا انهن عام ماڻهن کي پابند ڪجي ته اهي شيون ائين سر عام روڊن تي کليل دونهين، مٽي جي دز يا مضرِ صحت ڪري نه کپائين ۽ عوام به نه واپرائي، پر کاڌي پيتي ۽ عام واهپي جون شيون ۽ هوٽلون جڏهن روڊن تي کليل هونديون يا رستي تي رکيل فروٽ يا سبزيون به انهن ايندڙ ويندڙ گاڏين جي دونهين ۽ مٽي جي دز ۾ لٽبيون رهبيون ته پوءِ حفظانِ صحت جا اصول وڃي پائن ڌوڙ يا جيڪي ماڻهو ڀلي گاڏين جا شيشا مٿي ڪري اندر گاڏي جي اي سي ۾ ويهي کائين، پر انهن کي به ته اهي ئي شيون ملنديون يا اهي ئي سبزيون يا فروٽ ملندا جيڪي رستي جي مٽي ۾ لٽبا خراب ٿيندا ٿيا رهن يا رستي تي کليل مڇي، بند ڪباب، برگر يا ٻيون عام واهپي يا کائڻ پيئڻ جون شيون ملن ٿيون جيڪي ماڻهو وڏي شوق سان کائين ٿا. غير صحتمند پنهنجي جاءِ تي پر انهن جي استعمال سان جيڪو ڪچرو ٿئي ٿو ان جو مثال دنيا ۾ ڪٿي به نه ملندو، ان ڪري انهن ماڻهن کي ڪير سمجهائي ته شيون ائين نه واپرايو جيڪي مضرِ صحت هجن يا اسان انهن ماڻهن کي ڇا چئون جيڪي سگريٽ جي دٻي تي لکيل هدايتن کي به درگذر ڪري سگريٽ واپرائين ٿا، پر ڳالھ عام ماڻهن جي ناهي ڳالھ غريب ملڪن جي حڪومت جي آهي ته اهڙا قانون ۽ دائرا به نٿا گھڙين جن مان ماڻهن کي ڊپ هجي، ان ڪري غريب ملڪن جا ماڻهو جي اهي جيڪڏهن روڊن تي گھڻي دونهين هلائڻ وارا رڪشا، پراڻيون بار کڻڻ واريون گاڏيون، ٽريڪٽر يا موٽرسائيڪلون نه هلائين ته ڇا ڪن، يا ريڙهن تي رکيل مڇيون جيڪي رات دير تائين روڊن تي ڦهلائي کليل هوٽلون نه هلائين ته ڇا ڪن، ان ڪري درد ان ڳالھ جو آهي ته ايتري دونهين ڇڏڻ سان ڀلا جي موسم ساڳي خراب ڪري سگهجي ٿي جيئن ترقي يافتا ملڪ صنعتون هلائي ڪن ٿا ته ڳالھ ته مڙئي ساڳي آهي، ان ڪري اها ڳالھ به آهي ته وڌندڙ سروس سيڪٽر وارن ملڪن (جيئن پاڪستان) جو ڳڻپ ۽ شمار ترقي يافتا ملڪن ۾ ناهي، پر صنعتي ملڪن جي ترقي ڳڻپ ۽ شمار ۾ ضرور آهي.