بلاگنئون

ماحولياتي گدلاڻ ۽ حڪومت جا فرض

اسان ته وڻ ڪٽي ان مان ڪاغذ ٺاهي وري ان ئي ڪاغذ تي لکندا آهيون ته وڻ بچايو، يا دونهين ڇڏڻ وارين گاڏين تي گرين پليٽ هڻي (جيڪا پنجاب جي گاڏين تي لڳل هوندي آهي، گرين پليٽ سرڪاري گاڏين واري نه، ان ۾ ته سرڪاري سائي جهنڊي جي نشاندهي ٿيل هوندي آهي ته هي رياست جي گاڏي آهي ان کان پاسي ٿي لنگهو) ان ڪري اسان جهڙن غريب ملڪن ۾ اها عياشي آهي ته جيئن وڻي تيئن ويٺا ڪنداسين، پر سوال اصل اهو آهي ته اسان ڪچرو ڪيون ڇو ٿا، شين کي ٽيٽرا پيڪ ۾ بند ڪري ڇو نٿا کپايون يا وڪرو ڪيون ته جيئن ڪَليون پلاسٽڪ جون ٿيلهيون يا رَديءَ جون اخبارون يا ٻيا ڪاغذ ۽ کاڌي پيتي جون شيون جيڪي روڊن تي سر عام کپن يا هلن ٿيون، انهن کي ٽيٽرا پيڪ ۾ بند ڪري صاف سٿرو ڪري وڪڻجي يا انهن عام ماڻهن کي پابند ڪجي ته اهي شيون ائين سر عام روڊن تي کليل دونهين، مٽي جي دز يا مضرِ صحت ڪري نه کپائين ۽ عوام به نه واپرائي، پر کاڌي پيتي ۽ عام واهپي جون شيون ۽ هوٽلون جڏهن روڊن تي کليل هونديون يا رستي تي رکيل فروٽ يا سبزيون به انهن ايندڙ ويندڙ گاڏين جي دونهين ۽ مٽي جي دز ۾ لٽبيون رهبيون ته پوءِ حفظانِ صحت جا اصول وڃي پائن ڌوڙ يا جيڪي ماڻهو ڀلي گاڏين جا شيشا مٿي ڪري اندر گاڏي جي اي سي ۾ ويهي کائين، پر انهن کي به ته اهي ئي شيون ملنديون يا اهي ئي سبزيون يا فروٽ ملندا جيڪي رستي جي مٽي ۾ لٽبا خراب ٿيندا ٿيا رهن يا رستي تي کليل مڇي، بند ڪباب، برگر يا ٻيون عام واهپي يا کائڻ پيئڻ جون شيون ملن ٿيون جيڪي ماڻهو وڏي شوق سان کائين ٿا. غير صحتمند پنهنجي جاءِ تي پر انهن جي استعمال سان جيڪو ڪچرو ٿئي ٿو ان جو مثال دنيا ۾ ڪٿي به نه ملندو، ان ڪري انهن ماڻهن کي ڪير سمجهائي ته شيون ائين نه واپرايو جيڪي مضرِ صحت هجن يا اسان انهن ماڻهن کي ڇا چئون جيڪي سگريٽ جي دٻي تي لکيل هدايتن کي به درگذر ڪري سگريٽ واپرائين ٿا، پر ڳالھ عام ماڻهن جي ناهي ڳالھ غريب ملڪن جي حڪومت جي آهي ته اهڙا قانون ۽ دائرا به نٿا گھڙين جن مان ماڻهن کي ڊپ هجي، ان ڪري غريب ملڪن جا ماڻهو جي اهي جيڪڏهن روڊن تي گھڻي دونهين هلائڻ وارا رڪشا، پراڻيون بار کڻڻ واريون گاڏيون، ٽريڪٽر يا موٽرسائيڪلون نه هلائين ته ڇا ڪن، يا ريڙهن تي رکيل مڇيون جيڪي رات دير تائين روڊن تي ڦهلائي کليل هوٽلون نه هلائين ته ڇا ڪن، ان ڪري درد ان ڳالھ جو آهي ته ايتري دونهين ڇڏڻ سان ڀلا جي موسم ساڳي خراب ڪري سگهجي ٿي جيئن ترقي يافتا ملڪ صنعتون هلائي ڪن ٿا ته ڳالھ ته مڙئي ساڳي آهي، ان ڪري اها ڳالھ به آهي ته وڌندڙ سروس سيڪٽر وارن ملڪن (جيئن پاڪستان) جو ڳڻپ ۽ شمار ترقي يافتا ملڪن ۾ ناهي، پر صنعتي ملڪن جي ترقي ڳڻپ ۽ شمار ۾ ضرور آهي.

موسمي اثر پنهنجي جاءِ تي، ڀلا جي غريب ماڻهو وڻ ڪپي باھ ٻاري پنهنجي ٻچن کي ماني نه پچائي ڏئي ته ڇا ڪري يا سردي ۾ جي سيءَ جي بچاءَ کان باھ ٻاري هٿ سيڪي سردي نه گهٽائي ته ڇا ڪري، پر ڳالھ اها به منجهائي ٿي ته جيڪي گھٽ ترقي وارا ملڪن جا غريب ماڻهو رڪشا، موٽرسائيڪلون، ننڍيون وڏيون بار کڻڻ واريون گاڏيون يا گھڻي دونهين ڇڏڻ واريون گاڏيون نه هلائين ته ٻچن جو گذر سفر ڪيئن ڪن، ان ڪري ترقي پنهنجي جاءِ تي پر گذر سفر جو ڇا ڪجي يا موسمي اثر پنهنجي جاءِ اتي وڻ نه ڪپجن ته پوءِ ڇا ڪجي، اتي گھڻي دونهين واريون گاڏيون نه هلائجن ته ڇا ڪجي، ان ڪري ڳالھ جي ٿوري ڀيٽ ڪيون ته جيڪي صنعتي ترقي وارا ملڪ آهن اهي جيڪڏهن صنعتن جي دونهين ذريعي ماحول ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ڇڏين ٿا، پر ترقي ڪن ٿا انهن جي ناڻي يا سڪي جي قدر ۾ ۽ غريب ملڪن جي سڪي ۾ وري ڏينهن رات جو فرق هجي ٿو، ساڳي ڳالھ اها به آهي ته جيڪي (ڄاڻي واڻي) غريب ملڪ آهن انهن جون حڪومتون به جيڪڏهن ملڪ جي غريب عوام کي اپنائڻ جي بدران جيڪڏهن صنعتن جي ذريعي روزگار جا وسيلا پيدا ڪن ته هوند اهو دونهون به ڪم جو ٿئي ۽ جيڪي به پراڻيون گاڏيون يا گھڻي دونهين واريون گاڏيون وهن ٿيون اهي به بند ٿي وڃن ۽ اتي صنعتي ترقي به ٿئي، پوءِ موسمن جا اثر يا غضب به برداشت ڪري وڃجن، پر اسٽاڪ هوم يا فرانس ۾ ٿيندڙ جي 8 يا جي 20 ملڪن جي مسلسل گڏجاڻين ۾ ان ڳالھ جي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي آهي ته جيڪڏهن گرمي جو پد گھٽائڻو آهي ته دنيا جي ملڪن کي سوچڻو پوندو ۽ عمل پيرا به ٿي ڏيکارين، ان ڪري جو جنهن رفتار سان صنعتي زون يا صنعتي ترقي ٿي رهي آهي يا جنهن انداز ۾ روڊن جا روڊ گاڏين ۽ دونهن سان ڀربا ٿا وڃن يا جنهن اسپيڊ سان ايسيون ۽ گهر ۾ رکيل فرجون يا آئوٽر ميٿين گيس، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گيس، نائٽروجن آڪسائيڊ ۽ هائيڊرو فلورو ڪاربان جهڙيون مضر گيسون ڇڏين ٿيون انهن گيسن جو شايد ڪنهن کي اندازو هجي يا اي سي جو آئوٽر ٻاهر جيڪي گيسون ڇڏين ٿا انهن جو ڪاٿو ڪير ڪري، يا جنهن اسپيڊ سان اهي گيسون ماحول ۾ ڇڏين ٿا، ان اسپيڊ سان وڻن جي پوکائي، صفائي سٿرائي يا ڪچري ڪرڻ جي رجحان ۾ گھٽتائي نه ٿئي، مٿي اسان جيئن چيو ته غريب ملڪن جا ماڻهو جيڪڏهن ڀلا ائين روزگار نه ڪن ته حڪومت انهن جو ٺيڪو ته نه کڻندي جيئن ترقي يافتا ملڪن ۾ ٿئي ٿو جو انهن جي ٻارن ٻچن يا پڙهيل لکيل بيروزگار شاگردن يا معاشري جي ٻين ناڪاره فردن کي به ڪم جو فرد بڻائي معاشري جي لاءِ فائديمند بڻائين ٿا جنهن مان هو پاڻ به خوشحال ٿئي ٿو ۽ معاشرو ۽ ملڪ به خوشحال ٿئي ٿو ۽ اهي زندگي گذارڻ جا ڍنگ به سکي وٺن ٿا.

وري ساڳي ڳالھ اها به آهي ته ڪير به ماڻهو ”ريپر“ يا خراب ڪاغذ يا ٽشو پيپر يا پلاسٽڪ جون ٿيلهيون يا خالي دٻا يا ٻيون جيڪي به شيون استعمال ڪن ٿا اهي ڪڏهن به پنهنجي گاڏيءَ اندر رکن نٿا، پر اهي گاڏي کان ٻاهر ضرور ڦٽي ڪندا آهن يا اهي پڙهيل لکيل سمجهندا آهن ته جڏهن حڪومت جو ڪو نمائندو انهن کي چئي يا سختي ڪري يا ڏنڊ ڏوھ هڻي ته پوءِ اهي قانون کان ڊڄندا جيئن ٻاهرين ملڪن ۾ اهو قانون روا آهي ته ڏوھ گناھ ته پري جي ڳالھ پر ڪير به گاڏي کان ٻاهر يا روڊ رستي تي ڪو گند ڪچرو نه اڇلائيندو نه ته ٻي صورت ۾ ريال، درهم، ڊالر يا يورو ڀرڻا پوندس، ان ڪري حڪومت جي ڊپ ۾ اهي ماڻهو صفائي سٿرائي به رکن ۽ ٻين کي سبق به سيکارين ته اهي اهڙو ڪچرو نه ڪن، اسان ته اهو به ڏٺو ته دبئي ۾ سمنڊ جي ڪناري ڪير به ماڻهو پاڻي جي خالي بوتل يا جوس جي خالي دٻي اڇلائڻ جي همت نه پيو ساري ته متان انهن جا قانون لاڳو ڪندڙ ماڻهو جيڪي خانگي ڊريسن ۾ ملبوس گهمندا وتندا آهن اهي پڪڙي نه وجهن يا ڏنڊ ڏوھ نه پوين، ان ڪري جيڪي به ڪچري جا وڏا دٻا رکيل آهن انهن ۾ ئي ڪچرو اڇلائجي پر پاڪستان ۾ ان ڳالھ جي آزادي آهي ته جيئن وڻي تيئن ڪيو ڪابه سختي ناهي ان ڪري ته گهر ۾ ڪچرو صاف ڪري گهر جي ٻاهران اڇلائڻ به اها گندگي ٿي جيڪي گهر جي اندر ٿي، ڇو ته ٻاهر جي هوا ۾ اچي انهن ئي ماڻهن کي ساھ کڻڻو هوندو آهي ۽ ساڳي ڳالھ گاڏي ۾ سفر ڪرڻ جي لاءِ به آهي ته جيڪڏهن گاڏي ۾ ڪچرو نٿو رکي سگهجي ته ٻاهر به نه اڇلائجي ڇو ته ٻنهي صورتن ۾ ڳالھ مڙئي ساڳي آهي.

ان ڪري ته ڪچري جي اڇلائڻ سان نه رڳو هوا ۾ گندگي ٿي ٿئي پر ساڳي جاءِ تي گلن، ٻوٽن، وڻن گاهن ۽ جنگلي جيوت يا ماحول کي به نقصان رسي ٿو جنهن جو ازالو يا قيمت اها ئي آهي ته اسان جي ڌرتي تي گرمي جو پد ويندو وڌندو ۽ ڏينهون ڏينهن ويندو ٿو چڙهندو، پر ان جا اپاءَ اسان جهڙا ملڪ وقت سر ناهن وٺندا يا ڪچرو ڪري ان جي لاءِ لکين ڪروڙين رپين جون مشينون، صفائي جو عملو يا وڏيون حڪمت عملين ضرور ڪندا آهن، پر کان بهتر آهي ته قانون ۽ ضابطا جوڙجن جنهن سان ماڻهن تي سختي ڪري سگهجي، ماڻهن جي لاءِ مناسب روزگار جا ذريعا ڳولهجن يا گھڻي دونهين وارين گاڏين مان جان ڇڏائجي، روڊ رستن تي ٺاهيل (ڀتي خوري جي لاءِ) هوٽلن جا قبضا ڏياري اڌ روڊ بند ڪري (جيئن برنس روڊ کي رات جو اٺين وڳي هڪ پاسي کان بند ڪري ڇڏيندا آهن ۽ جيڪي به ريڙهن وارا هوندا آهن اهي روڊن تي هوٽلون ۽ کاڌي پيتي جا دڪان کولي هلائيندا آهن ۽ ڪمائيندا آهن جو صبح سان ان روڊ سان جي گذر ٿئي ته رڳو ٽشو پيپر، گند ڪچرو نظر ايندو ۽ روڊ ائين لڳندا آهن ڄڻ حڪومت ٺهرايا ئي ان ڳالھ جي لاءِ آهن ته ڀلي ماڻهو انهن تي هوٽل ڦهلائي ڇڏين) ان ڪري حڪومت پاڻ ئي ان ڳالھ جي ڇوٽ ڏيندي يا حڪومت انهن ماڻهن جي لاءِ روزگار جا وسيلا ۽ ذريعا نه ٺاهيندي ته پوءِ ماحول کي ڪير بچائيندو يا پوءِ ماڻهن جي مرضي آهي ته اهي روزگار جي بهاني روڊ بلاڪ ڪن، روزگار جي بهاني ڪچرو ڪن، روزگار جي بهاني وڻ ڪپين يا روزگار جي بهاني رڪشا، موٽرسائيڪلون يا ڪي ٻيون گاڏيون هلائين ته ڀلي هلائين، ان ڪري ماڻهن کي روزگار سان ڪم آهي، ماڻهن کي گهر ۽ گاڏي جو اندريون ماحول صاف سٿرو کپي باقي مڙئي خير آهي.