سڄي دنيا ۾ غربت، طبقاتي فرق ۽ اڻبرابري جهڙن تيزي سان وڌندڙ مسئلن انسانن کي انهيءَ سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي ته موجوده اقتصادي نظام ۾ سڀني جي لاءِ برابري ۽ انصاف ممڪن آهي؟ سوشلزم جيڪو هڪ اهڙو سياسي ۽ اقصادي نظريو آهي ته جيڪو انهن سمورن مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. انهيءَ ۾ دولت ۽ وسيلن جي منصفاڻي ورهاست جي ڳالھ ڪئي وڃي ٿي ته جيئن معاشري جي سمورن فردن کي هڪ جهڙا مواقعا ملن ۽ هر شخص جون بنيادي ضرورتون پوريون ٿي سگهن، پر هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته سوشلزم ڇو ضروري آهي؟ انهيءَ سوال جو جواب عالمي معاشي نقطهءِ نظر، سماجي برابري ۽ انسانيت جي فلاح جي حوالي کان نهايت اهم آهي.
معاشي برابري جو قيام: سرمائيداراڻي نظام ۾ وسيلن ۽ دولت پرمار مٺ جيترن هٿن ۾ هوندي آهي، جنهن جي ڪري معاشرتي اڻبرابري وڌي ٿي، دنيا جي هڪ ننڍڙي اقليت وٽ ڍڳ سارا وسيلا آهن. جڏهن ته دنيا جي اڪثريتي آبادي غربت ۽ محرومي جو شڪار رهي ٿي. سوشلزم جو مقصد اهو آهي ته دولت جي ورهاست کي منصفاڻو بڻايو وڃي ته جيئن هر فرد کي سندس محنت جو مناسب معاوضو ملي ۽ معاشرتي فرق گهٽ ۾ گهٽ ٿئي. سوشلزم جو بنياد وسيلن ۽ پيداوار جي ذريعن تي عوامي يا حڪومتي ڪنٽرول جو تصور آهي ته جيئن اهي سمورن فردن جي فائدي ۾ استعمال ٿي سگهن.
وري انسانيت ڏانهن ورڻ: سرمائيداري فردن کي محض ۽ پيداوار جي وسيلن جي طور تي ڏسڻ جو لاڙو وڌايو آهي يعني انهيءَ ۾ انسان جي فلاح جي بجاءِ صرف نفعو ڪمائڻ اصل مقصد بڻجي ويو آهي. سوشلزم انسانن جي بنيادي ضرورتن ۽ فلاح تي زور ڏئي ٿو. مقصد ته اهو نظريو اهوئي مڃي ٿو ته هر انسان کي صحت، روزگار ۽ ٻين بنيادي مسئلن تائين پهچ ملڻ گهرجي. چاهي اهو ڪنهن به طبقي سان تعلق رکندو هجي. سوشلزم هڪ اهڙي معاشرتي نظام جي جوڙجڪ جي ڪوشش ڪري ٿو ته جنهن ۾ انسانيت کي سندس اهميت ۽ مقام ڏنو وڃي نه ته هن کي هڪ معاشي يونٽ سمجهيو وڃي.
حڪومتي ذميواري ۽ ويلفيئر سسٽم: سوشلزم ۾ رياست جو ڪردار نهايت اهم هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ جي وسيلي حڪومت هن ڳالھ کي يقيني بڻائي ٿي ته هر شهري کي پنهنجا حق ۽ بنيادي خدمتون ميسر ڪيون وڃن. صحت، تعليم ۽ ٻين اهم عوامي سهولتن جي حوالي کان حڪومتي ڪردار کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهي ذميواريون فردن تائين پهچي سگهن. جڏهن حڪومت انهن بنيادي سهولتن کي ميسر ڪري ٿي ته فردن جي زندگي جو معيار بلند ٿئي ٿو ۽ معاشرتي فلاح ڏانهن وک وڌائي وڃي ٿي.
غربت جو خاتمو ۽ اقتصادي ترقي: سوشلزم جا حامي اهو مڃين ٿا ته جڏهن وسيلن جي منصفاڻي ورهاست ڪئي ويندي ته معاشرتي ترقي جو رستو صاف ٿيندو. غربت جو خاتمو ۽ معاشي ترقي هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن. جڏهن فردن وٽ ڪم، معياري تعليم ۽ صحت جون سهولتون هونديون ته اهي معاشرتي ترقيءَ ۾ حصو وٺي سگهندا، جنهن جو فائدو سموري معاشري کي ٿيندو. سوشلزم بي مدد سان غريب طبقن کي بهتر مواقعا مسر ڪري سگهجن ٿا، جنهن سان نه صرف انهن جي زندگي بهتري ايندي بلڪه سموري معاشرتي نظام ۾ به توازن اچي ويندو.
مفاداتي نظام جو خاتمو: سرمائيداراڻي نظام سدائين هڪ “مفاداتي” سوچ هوندي آهي، جتي دولت جي ڪنٽرولنگ ڪلاس جي مفادن کان اهم هوندا آهن. سوشلزم انهي مفاداتي نظام جو خاتمو چاهي ٿو، جتي عوامي بهبود کي سڀ کان اهم سمجهيو وڃي ۽ فردن جي بهبود ڏانهن وک وڌائي وڃي، انهيءَ قسم جي معاشي نظام ۾ ڪاروبار ۽ حڪومت هڪٻئي جي مفادن جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي بجاءِ عوامي بهبود جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا.
ماحولياتي تحفظ: سرمائيداري جو هڪ ٻيو نقصان اهو آهي ته اها اڪثر قدرتي وسيلن کي فالتو استعمال کي واڌارو ڏئي ٿي، جنهن جي نتيجي ماحولياتي مسئلا وڌن ٿا. سوشلزم ۾ ڇاڪاڻ ته وسيلن جي ورهاست حڪومت جي تحت ٿيندي آهي. ماحولياتي تحفظ ۽ پائيدار ترقي جي اصولن کي اپنائڻ وڌيڪ ممڪن ٿيندو آهي. سوشلزم هن ڳالھ کي وڌيڪ تسليم ڪري ٿو ته قدرتي وسيلا صرف ڪاروباري مفاد جي لاءِ نه بلڪه انسانيت جي فائدي جي لاءِ آهن ۽ انهن جو استعمال احتياط سان ڪرڻ گهرجي.
نتيجو: سوشلزم جي ضرورت هن ڳالھ کن چٽي آهي ته اها عالمي معاشي اڻبرابري، غربت ۽ طبقاتي فرق کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. اها هڪ هڙو معاشرتي نظام ميسر ڪري ٿي ته جنهن انسانيت کي فلاح کي اهميت ڏني وڃي ٿي ۽ ان ۾ وسيلن جي منصفاڻي ورهاست جي وسيلي هر فرد جي لاءِ بابري وارا مواقعا ميسر ڪيا وڃن ٿا. سوشلزم نه صرف معاشي انصاف جي ڳالھ ڪري ٿي بلڪه اها هن ڳالھ جي به خواهشمند آهي ته هر فرد کي هڪ بهتر زندگي گهارڻ جو حق هئڻ گهرجي. ان لاءِ سوشلز جو نفاذ انسانيت جي فلاح، برابري ۽ ترقي جي لاءِ نهايت ئي ضروري آهي.