اهو سچ آهي ته ويهين صديءَ اندر سنڌ ۾ شيخ اياز سڀني کان وڏو شاعر تسليم ڪيو ويو آهي. هو پنهنجي دور جو عظيم ۽ نامور شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ئي دور جي نامور اديبن ۽ نقادن جڏهن سندس شاعريءَ جو اڀياس ڪيو ته اعتراف ڪيائون ته “اياز جي شاعري سنڌي ٻوليءَ جو هڪ ڪرشمو آهي. هو پنهنجي همعصر نسل ۽ آئنده نسلن جو معمار ۽ محسن شمار ٿيندو ۽ تاريخ ان جا اوترائي ڳڻ ڳائيندي.”
واقعي شيخ اياز جي ڪرشماتي شاعريءَ جو اثر ڪالهه ته ڇا، پر اڄ جي نوجوانن به قبول ڪيو آهي، پنهنجي هن محسن جي سخن مان معنيٰ جا موتي هٿ ڪرڻ ۾ شاگرد ڪامياب ويا آهن. نوجوان طبقو دل سان سندس احترام ڪري ٿو ۽ سندس شاعريءَ جو مطالعو ڪري ان مان پنهنجي رواجي ڳالهائڻ يا تقرير ۽ مضمونن ۾ مثال پيش ڪري کيس ياد ڪري ٿو. ان جو هڪ وڏو سبب اهو به آهي ته شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ ۾ نااميدي کي ٿڏي آٿت سان گڏ انقلاب جي ڳالهه ڪندڙ شاعر آهي. هن جي شاعريءَ ۾ پنهنجي ديس اندر خوشحالي آڻڻ جو عزم ۽ ديس جي لاءِ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جو جذبو نظر اچي رهيو آهي. اها به وري هڪ حقيقت آهي ته شيخ اياز جي شاعريءَ جو محور صرف ۽ صرف سنڌ ناهي. هو دنيا اندر امن، شعور، پيار ۽ پنهنجائپ کي قائم ڪرڻ جو خواهشمند نظر اچي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هڪ ٿورڙي عرصي ۾ شيخ اياز جي فڪر کي عام ڪرڻ لاءِ مترجم اڳيان آيا آهن ۽ انهن مختلف ٻولين ۾ معياري ترجما ڪري شيخ اياز جي محنت کي محبت سان ڌارين اڳيان پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن. سنڌ اندر ته اياز ترقي پسنديءَ جي لاٽ ٻاري انقلاب برپا ڪري ڇڏيو. سندس دور ۾ جيڪو به جابر آيو سو سندس شاعريءَ سان ئي زير ٿيو. شيخ اياز پنهنجي دور ۾ شاعريءَ وسيلي احساس ڏيارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. محبت کان وطن دوستيءَ تائين، انسانيت کان زندگي پرستيءِ تائين هن جي واٽ شاعريءَ کي عروج بخشي پنهنجي ديس اندر شعوري انقلاب آڻڻ هو. ان ڪوشش ۾ هو ڪيتري قدر ڪامياب ٿيو، ان جو فيصلو ته ايندڙ وقت ڪندو. ها البته ايترو چئي سگهجي ٿو ته اڄوڪي دور ۾ جيڪڏهن ٿورو ڪي گهڻو شعور آيو آهي ۽ عام ماڻهو به بيدار ٿيو آهي ته ان ۾ هن ڪوي جي ڪلام جو ڪمال به آهي. سندس ڪلام يا نثري تحريرن امرتا ماڻي ورتي آهي. هو اسان جي ترقي يافته دور ۾ به ترقي پسند شاعرن ۾ ليکيو وڃي ٿو. شيخ اياز جي ادبي خدمتن جي اها روشني صدين تائين جاري رهندي.