شُهرت جي بُک
بُک ڏاڍي بڇڙي بلا آهي، انسان جيستائين جيئرو آهي، تيستائين هن جي اندر ۾ مختلف قسمن جي بک زنده رهي ٿي، جيڪا مرڻ تي ختم ٿئي ٿي ڇو ته بک جو خاتمو اڃان تائين جديد دور جي جديد سائنسي ٽيڪنالاجي به ايجاد نه ڪري سگهي آهي. اوهان ڏسو ٿا، لکو ٿا، پڙهو ٿا ۽ ٻڌو ٿا ته هر هنڌ بک جي حاڪميت آهي، پوءِ اها بک ماني جي هجي، پئسي جي يا ڀل ٻي ڪا ئي بک ڇو نه هجي، پر بک انسان کي الائي ڪٿان کان ڪٿي ٿي پهچائي، سو يار مون کي به شهرت جي بک آهي.
مون کي نه پنهنجو يار ڪجو
پل ڀي نه زندگي ۾ پيار ڪجو
مان مهر فقير سچ جو ليکاري
جي ڪوڙ لکان سنگسار ڪجو
سچ لکڻ ايئن آهي، جيئن زهر جو پيالو پيئڻ ۽ اهڙو سچ سڀ ڪوئي ناهي لکندو ڇو ته پنهنجيون خاميون پيش ڪرڻ وارن کي ماڻهو آڱرين جي بندوقن سان وار ڪري زخمي ڪندا آهن، پر پوءِ به سچ لکندڙ ۽ چوندڙ جو ڳاٽ ڪارونجهر جي ڪر وانگر اوچو ئي رهندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو مون به ادب جي دنيا ۾ ڪجھ واضح نموني سان سچ کي وائکو ڪندي عام ۽ خاص آڏو پيش ڪيو آهي. اميد ٿي ڪجي ته هن سچ جو احترام ڪندي کيس ڀليڪار ڪئي ويندي.
ياد ٿو پوي ته جڏهن شروع شروع ۾ ڪنهن اخبار يا رسالي ۾ مواد ۽ مواد سان گڏ تصوير شايع ٿيندي هئي ۽ ڳوٺ وارا ڏسندا هئا ته کين حيرت ٿيندي هئي ۽ انهن جي اهڙي حيرت تي سچ ته اندر منجھ لکڻ خاطر ويتر ئي اتساهه پيدا ٿيندو هو ۽ دل جوان ٿي ويندي هئي ته مان هاڻي ڳوٺ ۾ به مشهور ٿيڻ لڳو آهيان، انڪري ويتر وڌيڪ محنت ڪندو هئس ته جيئن اڃا وڌيڪ شهرت ماڻي سگهان، ڇو ته شهرت جي بک اهڙي بک آهي، جيڪا ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺندي آهي، ڇو ته مان شهرت جو بکيو آهيان.
سومر 08.05.2023 تي روزاني آجيان شڪارپور سنڌ ۾ شاعر دوست ممتاز علي ٿرواسيءَ کان واٽس اپ تي ورتل انٽرويو شايع ٿيو هو، جنهن تي ادب دوست سائين ذلفي چاچڙ سوال نمبر 15 مهر فقير بابت ڪجھ چوڻ چاهيو ته؟ تي پنهنجو ڪمينٽ ڪجھ هن طرح لکيو ته
آخري سوال اوھان کي نه ڪرڻ گهرجي ھا.
کيس چيم: ان جو سبب؟
چيائين: ان مان اھو تاثر پيدا ٿئي ٿو ته فقير واکاڻ پسند آھي، جيڪو پنهنجي تعريف ٻڌڻ چاھي ٿو، ادبي حلقي ۾ ان عمل کي سٺو نٿو سمجهيو وڃي. وڌيڪ اوھان جي مرضي جيئن مناسب سمجهو ايئن ڪيو.
بقول ذلفي چاچڙ جي اهو به هڪ ڪڙو سچ ۽ تلخ حقيقت آهي ته پڙهندڙ اهڙي سوال تي آڱرين جا هٿيار اڀا ڪندا ۽ تنقيد به ڪندا ته فقير واکاڻ پسند آهي، جيڪو پنهنجي تعريف ٻڌڻ چاهي ٿو، تنهنڪري ئي مان چاچڙ صاحب جي لفظن سان متفق آهيان.
مان هيل تائين واٽس اپ رستي ڪيترن ئي ادب دوستن کان انٽرويو ڪري چڪو آهيان، جيڪي اخبارن ۾ پڻ شايع ٿي چڪا آهن ۽ انهن سڀني دوستن کان سوال نمبر 15 مهر فقير بابت ڪجھ چوڻ چاهيو ته؟ جنهن جي جواب ۾ سڀ دوست منهنجي ساراهه جا ڍڪ ڀريندا آهن، ڪو به دوست منهنجي ڪا خامي بيان نه ڪندو/لکندو آهي ۽ نه وري ڪو دوست رهنمائي خاطر ڪا صلاح ڏيندو آهي، خبر ناهي ته ڇو؟ ٿي سگهي ٿو ته اهي دوست دوستيءَ منجھ تعريف ڪندا هوندا، جيڪو عمل هڪ طرح سان مناسب ناهي، ڇو ته جيڪڏهن مون ۾ ڪا ڪمي ڪوتاهي يا ڪا برائي آهي ته پوءِ دوستن تي اهو دوستيءَ جي ناتي سان فرض عائد ٿو ٿئي ته هو خوبيءَ سان گڏ خامي به واضح طور تي لکن ته جيئن مان پاڻ کي سڌاري، سنواري ۽ چمڪائي سگهان.
حقيقت اها به آهي ته مون اهو سوال سوچي، سمجهي ۽ ڄاڻي واڻي رکيو هو ته جيئن ادب دوست منهنجي ساراهه ڪن، ٿورو يا گهڻو واهه واهه جو استعمال ڪن ڇو ته مان هجان يا کڻي ٻيو ڪير ئي هجي، پر تنقيد ۽ خامي ڪير به پسند ناهي ڪندو. مون پنهنجي عمر ۾ اهو نوٽ ڪيو آهي ته هتي سڀ ڪو تعريف جو طالب آهي ۽ تعريف ڪرڻ سان دوستيون به قائم رهن ٿيون، جڏهن ته تنقيد جي ڪري دوستين ۽ رشتن منجھ ڏار پون ٿا ۽ بعد ۾ ڪير به ڪنهن کي اوري کان يا پري کان ڏسڻ به پسند ناهي ڪندو.
ياد ٿو پوي ته خميس 04.05.2023 تي سائين علي محمد درد سولنگي صاحب جن مون کان انٽرويو ورتو هو، جنهن ۾ هيٺيان 02 سوال ڪيا ويا هئا، جن جو جواب مون هن ريت ڏنو هو
سوال 43 لکڻ اوهان جو شوق آهي يا مجبوري ؟
فقير: شروع شروع ۾ شوق، پر هاڻي شهرت جي بک.
سوال 44 شهرت اوهان کي ڪيئن لڳندي آهي ؟
فقير: خوشي ٿيندي آهي، ڪڏهن ڪڏهن ته شهرت سبب تڪبر ۽ انا به رونما ٿيندي آهي.
ڪهڙو شاعر، ڪهڙو اديب يا ڪهڙو دانشور آهي يا وري اهو ڪهڙو انسان آهي جنهن کي شهرت جي بک ناهي، شهرت جي بک ڏاڍي بڇڙي آهي، مون نوٽ ڪيو آهي ته اڪثر ليکڪ هڙان وڙان خرچ ڪري، اوڌر وٺي، قرض کڻي ڪتاب شايع ڪرائيندا آهن، ايئن مهورت تي به الڳ خرچ ڪندا آهن ۽ بعد ۾ هو 500 يا مٿي جي قيمت وارو ڪتاب ياري دوستي تحت گفٽ ڪندا آهن، ايتري قدر جو هو اهڙن ماڻهن کي به ڪتاب تحفي طور ڏيندا آهن جن جو ادب سان پري پري جو به واسطو نه هوندو آهي، هو اهڙو عمل ڇو ۽ ڇا لاءِ ڪندا آهن ؟ ها اها آهي شهرت جي بک.
مان ادبي ۽ نصابي ڪتابن جو دشمن ڪونه آهيان ۽ نه وري اديبن سان ڪو نانگ وارو وير آهي، پر اهو ڪجھ لکندو آهيان جيڪو ڏسندو ۽ جنهن سان ضمير مطمئن ٿيندو آهي. ان ڪري ئي هي چونڪو، مان چوسٽن کي چونڪو چوندو ۽ لکندو آهيان لکيو اٿم ته
ايڏا لقب خطاب نه ڏيو
اڻ ڳڻيا عذاب نه ڏيو
ٻچن سوڌو بک تي هان
ماني ڏيو ڪتاب نه ڏيو
برابر ڪتابن جي اهميت ۽ قدر آهي، پر جتي بک جي بادشاهي هجي اتي ڪنهن وزير جي وزيري ۽ مشير جي مشيري ڪجھ به نه ڪري سگهندي آهي. ڪير آهي جنهن کي شهرت جي بک ناهي، جي شهرت جي بک نه هجي ها ته هوند اڄ ايشيا جي وڏي ۾ وڏي تنظيم جي هام هڻندڙ سنڌي ادبي سنگت سنڌ ايئن قبيلائي سسٽم ۽ قوم پرستن جي گروهن وانگر ٻن ڌڙن ۾ نه ورهائجي ها، پر بس هتي هرڪو مون وانگر عهدي جو طالب آهي، ڪير به ڪنهن جي هيٺان رهي ڪري ڪم ڪرڻ کي پنهنجي توهين ٿو سمجهي، سڀني جي خواهش هوندي آهي ته ڪنهن اهڙي عهدي تي هجان جو چار سلامي هجن، ڪنهن پروگرام ۾ وڃان ته هيٺ ويهڻ بجاءِ مٿي اسٽيج تي رکيل سڀ کان وڏي ۽ سهڻي ڪرسيءَ تي ويهان ۽ سڀڪو سائين سائين ڪري هٿ ٻڌي سيس نمائي آڏو بيهي ڊڄي ڊڄي ڳالھ ڪري يا وري مون سان ملاقات ڪرڻ خاطر ايڊوانس بڪنگ ڪرائي، جيئن ڊاڪٽر وٽ ايڊوانس بڪنگ جو رواج آهي. ڀل ته مريض مري ته مري، پر ڊاڪٽر کي اول مقرر ٿيل فيس گهرجي، ها اهڙي بک مون کي به آهي ڇو ته مان به شهرت جو بکيو آهيان.
تازو آچر 05.03.2023 تي آرٽس ڪائونسل ڪراچي سنڌ ۾ ٽن ڏينهن جو سنڌ ادبي ميلو (سنڌ لٽريچر فيسٽيول) منعقد ٿيو هو. جنهن جي آخري رات جو نوجوان شاعرن جي ادبي ويهڪ هئي، جنهن ۾ ٻين شاعرن سان گڏ بدين (شهر ڏيئي، تعلقو ٽنڊوباگو ۽ ضلعو بدين) سان تعلق رکندڙ نوجوان نثر جي شاعر سانول جمالي ولد زاهد گل جمالي جو ان ويهڪ ۾ نالو ڪين هو، انهن ڏينهن ۾ فيس بوڪ تي ڪافي دوستن جون پوسٽون پڙهيم جيڪي سانول جي حق ۾ هيون ته انهيءَ جو نالو به شامل ڪريو، ان ڏينهن تي ڪراچي ۾ سانول سان ملاقات به ٿي هئي، جنهن اتي جيئن تيئن الائي ڪيئن به ڪري انهيءَ ويهڪ ۾ نالو لکرائي پنهنجو نثري نظم پڙهي خوب داد حاصل ڪيو، مطلب ته جيڪڏهن منهنجي تحرير غلط آهي ته پوءِ مان غلط آهيان، پر اتي ان پروگرام ۾ جيڪي به پڪا ۽ پوڙها پري پري کان وقت سيڙائي ڀاڙو ڪرايو خرچ ڪري آيا هئا ۽ جن جيڪو جيڪو اسم پڙهيو هو، انهن جي اهڙي عمل سان ڪنهن ضرورتمند کي ڪپڙا ته نه مليا هئا، ڪنهن بکئي جي بک جو خاتمو ته نه ٿيو هو، فٽ پاٿ تي ڄمندڙ ۽ مرندڙ کي ڪو اجهو يا جهوپڙي ته نه ملي هئي، ها مگر انهن شاعرن کي واهه واهه جو داد ضرور مليو هو ۽ هنن جو ڳاٽ اوچو ضرور ٿيو هو، ڇو ته جهڙيءَ طرح مان شهرت جو بکيو آهيان، تهڙيءَ طرح ئي اها بک سڀ ڪنهن جي اندر ۾ موجود هوندي آهي، ڀل پوءِ ڪير مڃي يا نه مڃي، ڪوئي انهيءَ بک جو کليل اظهار ڪري يا نه ڪري اهو انهيءَ جي ضمير جو فيصلو آهي، ها پر اهو سچ آهي ته مان شهرت جو بکيو آهيان.
اوهان نوٽ ڪيو آهي الائي جي نه، پر مون خاص ڪري نوٽ ڪيو آهي ته جڏهن ڪو ليکڪ پنهنجو ڪتاب شايع ڪرائيندو آهي ته ڇپائي جي عمل کان پهريان ئي پنهنجن هم خيال ۽ ويجهن دوستن کان انهيءَ ڪتاب جو مهاڳ لکرائيندو آهي، پريس ۾ پهچڻ کان اول ئي هو ڪتاب جي تعريف ۾ تاثر لکرائي ڪتاب جي مُهڙ يا پُڇڙ ۾ شامل ڪري اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته هي ڪتاب يا ڪتاب جو مصنف هر قيمت تي هر خامي کان آجو آهي، ڇو ته دوستي ياريءَ جي بنياد تي مهاڳ ۽ تاثر لکندڙ ڪتاب ۽ مصنف جي خامين کي پاسيرو رکي ڪري ساراهه جا ڍڪ ڀري زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيندا آهن. سچ اهو آهي ته مان به وقت به وقت پنهنجي شهرت کي برقرار رکڻ خاطر مختلف ادب دوستن جي ادبي پورهئي تي لکندو آهيان ۽ ايترو ئي نه، پر جن سان سٺي عليڪ سليڪ هوندي آهي، انهن کي ميسيج ڪري يا فون رستي عرض ڪندو آهيان ته مهرباني ڪري مون بابت ڪجھ لکي ڪري اخبارن منجھ شايع ڪرايو ته جيئن منهنجو نالو به زنده رهي، ها اهو ئي سبب آهي جو مان شهرت جو بکيو آهيان.
ياد ٿو پوي ته گذريل سال 26.11 تي منهنجو جنم ڏڻ هو، سو ڪيترن ئي دوستن سان رابطو ڪري کين چيم ته مهرباني ڪري منهنجي جنم ڏڻ جي مناسبت سان ٿورو يا گهڻو لکي ڪري اخبارن ۾ شايع ڪرايو ته اوهان جا ٿورا ٿيندا، ايئن ئي مون کي به ڪافي دوست اهڙي ئي عمل ڪرڻ جو چوندا آهن سو اهو سڀ ڪجھ ڇا آهي ها اهو سڀ بک جو حصو آهي جنهن کي شهرت جي بک چوندا آهن.
اڄ ڪلھ نه ڄاڻ ڪيتريون ئي اخبارون ۽ رسالا مارڪيٽ ۾ اچن ٿا جڏهن تهPDF تحت به ڀرمار لڳل آهي، اڪثر اخبارن جو لوگو تبديل آهي نه ته باقي مواد ساڳيو آهي، جن ۾ مون جهڙا ڪيترائي لکندڙ لکندا آهن ۽ جي انهن اخبارن جو سروي ڪبو ته هڪ ليکڪ جو ليک نه ڄاڻ ڪيترين ئي اخبارن ۾ ملندو، جيڪي آسان سسٽم يعني جي ميل تحت مواد موڪلي هر اخبار ۾ شامل ٿين ٿا ته جيئن ڪا اخبار رهجي نه وڃي ته اهڙي عمل کي ڪهڙو نالو ڏجي ها اهو سڄو عمل بک جو عمل جنهن کي شهرت جي بک چوندا آهن.
هلندي هلندي ايترو عرض ڪندس ته جي هن لکڻيءَ سان ڪنهن دوست جي دل آزاري ٿي هجي ته خدارا فقير سان ناراض نه ٿيندا، ڇو ته سچ چئي چئي هيل تائين اڪيلو ٿي ويو آهيان.
***