تاريخ جي هر اهم موڙ پٺيان ڪو نه ڪو “نظريو” بيٺو هوندو آهي. قومون صرف زمين جي ٽڪري تي گڏ نه ٿينديون آهن، پر ڪنهن فڪر، ڪنهن عقيدي، ڪنهن اجتماعي خواب هيٺ منظم ٿينديون آهن. اهوئي خواب جڏهن سياسي شعور ۾ بدلجي ٿو ته “نظريو” بڻجي وڃي ٿو. “نظريو” دراصل خيالن، اصولن ۽ قدرن جو اهڙو منظم مجموعو آهي جيڪو ڪنهن فرد يا قوم جي عملن کي رهنمائي ڏئي ٿو. اهو رڳو جذباتي نعرو نه ، پر هڪ فڪري ڍانچو هوندو آهي، جنهن ۾ ماضي جي تجربي، حال جي ضرورت ۽ مستقبل جي اميد شامل هوندي آهي. نظريو قوم کي سڃاڻپ ڏئي ٿو، شعور ڏئي ٿو ۽ مشڪلاتن ۾ حوصلو ڏئي ٿو. جڏهن ڪو نظريو اجتماعي شعور ۾ گهر ڪري وڃي ٿو ته پوءِ اهو تاريخ جو رخ به بدلائي سگهي ٿو. برصغير هند جي مسلمانن لاءِ ويهين صدي جي شروعات ۾ هڪ وڏو سوال اهو هو ته آزاديءَ کانپوءِ انهن جي سياسي، ثقافتي ۽ مذهبي سڃاڻپ جو ڇا ٿيندو؟ هندستان ۾ مسلمانن جي هڪ وڏي آبادي هئي، پر اڪثريت هندن جي هئي. نظريه پاڪستان جو بنيادي نقطو اهو هو ته مسلمان ۽ هندو ٻه جدا جدا قومون آهن. انهن جا مذهب، تهذيبون، ريتون رسمون، تاريخي روايتون ۽ سماجي نظام مختلف آهن، تنهنڪري انهن کي هڪ گڏيل قومي ڍانچي ۾ رکڻ سندن سڃاڻپ لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو.
هي تصور سياسي صورت ۾ 1940ع ۾ All-India Muslim League جي لاھور اجلاس ۾ پيش ٿيو، جيڪو “قراردادِ پاڪستان” جي نالي سان مشهور ٿيو. ان تحريڪ جي قيادت “قائداعظم” ڪئي جنهن ۾ جناح جو دليل هو ته مسلمان هڪ الڳ قوم آهن ۽ کين پنهنجي سياسي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪرڻ جو حق آهي. هن “ٻه قومي نظريي” کي سياسي ۽ آئيني دليلن سان پيش ڪيو ۽ نتيجي طور 14 آگسٽ 1947ع ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو. هاڻي اچون ٿا ان شخصيت ڏانهن، جنهن جو نالو نظريه پاڪستان جي بحث ۾ اهم حيثيت رکي ٿو. مولانا ابوالڪلام آزاد ننڍي کنڊ جي وڏن عالمن، اديبن ۽ سياستدانن مان هڪ هو. هو “انڊين نيشنل ڪانگريس” جو اهم اڳواڻ رهيو ۽ آزاديءَ کانپوءِ هندستان جو پهريون تعليم جو وزير به بڻيو. مولانا آزاد جو سياسي نظريو “گڏيل قوميت” هو. سندس خيال هو ته هندستان ۾ رهندڙ هندو ۽ مسلمان صدين کان گڏ رهن ٿا، انهن جي گڏيل تهذيب هڪ نئين “هندستاني قوم” کي جنم ڏنو آهي. مولانا آزاد پاڪستان جي قيام جو سخت مخالف هو. سندس خيال ۾ مذهب جي بنياد تي ملڪ ورهائڻ مسلمانن جي مفاد ۾ نه هو. هن پنهنجي مشهور ڪتاب India Wins Freedom ۾ لکيو ته پاڪستان جو قيام مسلمانن کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيندو، هڪ حصو نئين رياست ۾، ٻيو هندستان ۾ اقليت طور دربدر ٿيندو رھندو!
هن لکيو ته: مان هندستان جي آزاديءَ کي ورهاست کانسواءِ ڏسڻ چاهيان ٿو، ڇو ته ورهاست سان نه رڳو ملڪ ڪمزور ٿيندو، پر مسلمانن جي سياسي طاقت به ٽٽندي. مولانا آزاد جي نظر ۾ مسلمانن جو اصل مفاد هڪ گڏيل، سيڪيولر هندستان ۾ هو، جتي سڀني مذهبن کي برابري جا حق ڏنل هجن. سندس خطبن جي مجموعو “خطبات آزاد” ۽ تفسير ترجمان القرآن ۾ به هن قومي يڪجهتي ۽ بين المذهبي هم آهنگي تي گھڻو زور ڏنو آھي. مولانا آزاد جو دليل اهو هو ته اسلام قوميت کي رڳو نسل يا زمين سان نٿو جوڙي، بلڪه اخلاقي قدرن سان به ڳنڍي ٿو. تنهنڪري مسلمان هندستان ۾ رهي به پنهنجي ديني سڃاڻپ برقرار رکي سگهن ٿا. انھيءَ ڪري چئي سگهجي ٿو ته پاڪستان جو نظريو ۽ مولانا آزاد جي سوچ ۾ بنيادي فرق “قوميت” جي تعريف تي هو. پاڪستان جي نظريي مطابق مذهب قوميت جو بنياد ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته مولانا آزاد مطابق قوميت صرف گڏيل وطن، تاريخ ۽ سياسي جدوجهد سان ٺهي ٿي. انهيءَ ڪري مولانا آزاد ھميشه پاڪستان جي مخالفت ڪندي سيڪيولر رياست جي حمايت ڪئي. هاڻي سوال اهو آهي ته اڄ جي پاڪستان کي ڏسي ڪري ڇا مولانا آزاد جو نظريو درست محسوس ٿئي ٿو؟ دراصل پاڪستان جي قيام کانپوءِ ڪيترن ئي سياسي بحرانن، فوجي مداخلتن، لساني تڪرارن ۽ 1971ع ۾ بنگلاديش جي ڌار ٿيڻ جهڙن واقعن مان گذريو جنهن کي ڏسي مبصرن مولانا آزاد جي نظريي جي تائيد به ڪئي. وري بنگلاديش جي قيام پڻ مولانا آزاد جي نظريي جي ڪنهن حد تائين حمايت ڪئي ته رڳو مذهب قومي يڪجهتي لاءِ ڪافي ناهي! ڪجهه ناقد چون ٿا ته جيڪڏهن پاڪستان پنهنجي بنيادي اسلامي اصولن، انصاف، مساوات ۽ برداشت تي مڪمل عمل ڪري ها ته حالتون مختلف هجن ها. مبصرن جي خيال ۾ مولانا آزاد جو خدشو ڪنهن حد تائين درست ثابت ٿيو، ڇو ته ورهاست سان ھندن کي ته پنهنجو ھڪ ملڪ ملي ويو، پر مسلمان ٻن وڏين رياستن ۾ ورهائجي ويا ۽ هندستان ۾ پاڪستان کان وڌيڪ مسلمان ھجڻ باوجود اڄ اقليت ۾ ٿي رھڻ تي مجبور آھن.
تاريخ جذبات جي بنياد تي نه بلڪه حقيقتن جي آڌار تي فيصلا ڪندي آھي، انھي ڪري مولانا آزاد جو نظريو پنهنجي جاءِ تي علمي ۽ اخلاقي طور وزن رکي ٿو. هن جو خواب هڪ گهڻ مذهبي، گهڻ ثقافتي رياست جو هو، پر ننڍي کنڊ جي سياسي حالتن، فرقيوار فسادن ۽ سياست جي خدشن مسلمانن کي هڪ جدا رياست ڏانهن ڌڪيو. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت مولانا ابوالڪلام آزاد پاڪستان جي قيام جي مخالفت ڪئي ۽ هو گڏيل هندستان جي حمايت ۾ بيٺل رهيو، جڏهن ته پاڪستان جو قيام ٻه قومي نظريي تحت عمل ۾ آيو، جنهن جي سياسي قيادت محمد علي جناح ڪري رهيو هو. مولانا آزاد جو خيال هو ته مذهبي بنيادن تي ورهاڱو مسلمانن کي سياسي طور ڪمزور ڪندو ۽ مستقبل ۾ علاقائي ۽ لساني مسئلا پيدا ٿيندا. تاريخ تي نظر وجهبي ته پاڪستان ڪيترن ئي سياسي بحرانن، 1971ع ۾ اوڀر پاڪستان جي الڳ ٿيڻ ۽ اندروني اختلافن کي ڏٺو، جنهن سبب ڪجهه مبصر چون ٿا ته مولانا آزاد جا خدشا ڪنهن حد تائين درست ثابت ٿيا؛ پر ساڳئي وقت پاڪستان هڪ آزاد رياست طور پنهنجي سڃاڻپ، ايٽمي صلاحيت ۽ عالمي حيثيت به حاصل ڪئي، جنهن ڪري ٻيا ماڻهو سمجهن ٿا ته پاڪستان جو قيام هڪ تاريخي ضرورت هئي. انھيءَ ڪري چئي سگهجي ٿو ته مولانا آزاد جو نظريو مڪمل طور درست يا مڪمل طور غلط قرار ڏيڻ بدران، ان کي تاريخي حالتن ۽ نتيجن جي روشني ۾ متوازن انداز سان سمجهڻ گهرجي. انھيءَ ڪري مولانا آزاد جا پاڪستان جي باري ۾ ڪجهه خدشا درست ثابت ٿيا ته ڪجهه غلط پڻ ثابت ٿيا. ھاڻي جيڪڏهن پاڪستان انصاف ۽ برابري تي ٻڌل رياست بڻجي ڪم ڪري ته نظريه پاڪستان جي روح کي ڄڻ نئين زندگي ملي ويندي، پر جيڪڏهن اسان ھميشه فرقيواريت، لسانيت ۽ عدم برداشت ۾ ڦاٿل رهون ته پوءِ مولانا آزاد جا خدشا درست ثابت ٿيندي نظر ايندا، ڇو ته “نظريه پاڪستان ۽ مولانا آزاد” جو بحث رڳو تاريخي اختلاف نه آهي، پر اڄ جي فڪري سڃاڻپ جو سوال پڻ آهي ۽ نظريو تڏهن زنده رهندو آهي جڏهن قوم ان تي عمل ڪري ٿي. اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پاڪستان پنهنجي قيام جي مقصد انصاف، اخوت ۽ اسلامي اخلاقي قدرن کي مضبوط ڪري. ساڳئي وقت بين المذهبي احترام ۽ آئيني برابري کي پڻ يقيني بڻائي، جيئن دنيا آڏو هڪ مهذب ۽ پرامن رياست جو نمونو پيش ڪري سگهي.