بلاگ

سيما عباسي
ڏات ۽ ذات جي سِيمائن تي بيٺل ھڪ شاعره

آئون ڪنھن به شخص کي تورڻ ۽ تڪڻ جي حق ۾ ڪڏھن به ناھيان رھيو. منھنجو مڃڻ آھي ته اوھان ڀلي ڪيترا به ڏاھا، تيز، تکا ۽ ھوشيار کڻي ڇو نه ھجو، پر اوھان ڪنھن جي ذات ۾ موجود اسرارن جو درست اندازو ڪڏھن به نٿا لڳائي سگھو. پنھنجي ھٿن سان ٺاھيل ڪنھن شيءَ بابت ٻڌائڻ ته ممڪن آھي، مگر ڪنھن ٻئي جي تخليق جو سھي ڇيد ڪرڻ آخر ڪھڙي صورت ممڪن ٿي سگھي ٿو…!

اھو ئي سبب آھي جو آئون ڪنھن مٿان پروفائل يا خاڪو، يا ڪنھن جي ڪتاب وغيره لاءِ مھاڳ لکڻ وقت گھڻو محتاط رھندو آھيان. ھا البت، اھو ضرور آھي ته اوھان ايترو ھر صورت لکو، جيتري اوھان جي سمجھه آھي. باقي ھڪ ئي وقت سڀ ڪجھه لکڻ جي ڪوشش ۾ اوھان کان گھڻو ڪجھه رھجي ويندو آھي، ۽ اڪثر ائين ئي ٿيندي ڏٺو ويو آھي…!

اھڙين ڳالھين جي خيال رکڻ سان گھٽ ۾ گھٽ ايترو ضرور ٿيندو جو اوھان مذڪور ذات سان ناانصافي ڪرڻ کان بچي ويندا ۽ ٻيو اھو ته اوھان جي ڪيل ڳالھه پڻ پنھنجن پيرن تي بيھي سگھندي ۽ اھو معاملو ويتر حساس تڏھن ٿي وڃي ٿو، جڏھن اوھان ڪنھن جي ذات يا ڏات سان مخاطب ھجو. ۽ اھو معاملو ھجي به ڪنھن شاعر ۽ ان جي شاعري بابت…!

ذات ۽ ڏات جي حوالي سان شاعر ھڪ ئي وقت ٻه زندگيون جيئندا آھن، ان ڪري اھي مرندا پڻ ٻه ڀيرا آھن. ھڪ حياتي سندن ذات ۽ ٻي حياتي سندن ڏات ۾ پنھان ھوندي آھي. اھڙيون ٻه حياتيون گذاريندڙ ھڪ شاعره کان آئون به واقف آھيان، سندس نالو سيما عباسي آھي. سيما توڻي جو گذريل ٻن ڏهاڪن کان لکي رھي آھي، مگر منھنجي شناسائي سندس ذات ۽ ڏات سان پوين پنجن سالن کان ئي آھي. ماڻھو جنھن شھر ۾ رھندو آھي، پورو واقف ته ان کان به ناھي ھوندو. شھر ته ڇا، اڪثر ماڻھو پنھنجي ذات ۾ موجود انيڪ اسرارن کان به اڻواقف رھجي ويندا آھن.

ڪجھه اھڙي ريت ساڳئي ڪڙم قبيلي ۾ رھڻ جي باوجود پنج سال پھريان تائين مون کي نه سيما عباسيءَ جي نالي جي خبر ھئي، ۽ نه اھا خبر ھئي ته سنڌ ۾ اھڙي به ڪا شاعرہ رھي ٿي، جيڪا لکي به دل سان ٿي ۽ جيئي به دل سان ٿي. ھونئن به جيڪو دل سان نٿو جيئي، سو دل وٽان ڪيئن لکي سگھندو…!

افتخار عارف ۽ احمد فراز کي انٽرويو ڏيندي، ھڪ ڀيري فيض صاحب چيو ھو ته:

اھو جيڪو اوھان، ڪنھن کي خوش ڪرڻ لاءِ لکو ٿا، اھو جيڪو اوھان، ڪنھن کان متاثر ٿي لکو ٿا، اھو جيڪو اوھان ڪنھن جي تقليد ۾ لکو ٿا، ۽ اھو سڀ، جيڪو اوھان ڪنھن کان مرعوب ٿي لکو ٿا، سو ھنر ۽ حرفت جو ڪو اعليٰ نمونو ته ٿي سگھي ٿو، مگر ان کي اسان تخليقي ادب نٿا چئي سگھون. فيض صاحب جي انھيءَ ڳالھه جي مصداق، ھر ليکڪ کي پنھنجي تحرير جو اھڙو ڇيد ضرور ڪرڻ گھرجي، جنھن سان ان جي ادبي بيھڪ يا مقام طئه ڪري سگھجي. شاعري ھجي يا ادب جي ڪا ٻي صنف، ان لاءِ لازم آھي ته اھا پنھنجي ھئيت، اسلوب ۽ پيشڪش ۾ ظاھر ظھور ۽ سمجھه ۾ ايندڙ ھجي. جڏھن ته قائدا، اصول ۽ فني لوازمات ٻئي درجي جون گھرجون يا ضرورتون آھن. اسان جي سنڌي شاعري، پنھنجي انتھائي آزمائشي دور مان گذري رھي آھي، ھونئن به لطيف فن جي ھر صنف مسلسل تجربن ۽ مشاھدن جي صورت ۾ اڳيان وڌندي آھي. تخليقي ادب لاءِ ڪو مخصوص فارمولو يا قائدو طئه ڪرڻ، ڪنھن به صورت ۾ مناسب ناھي، مگر اھو به مناسب ناھي ته اسان نواڻ جي نالي ۾ پنھنجي ھر تخليق، خاص ڪري شاعريءَ جو چھرو مسخ ڪرڻ شروع ڪريون. بدقسمتيءَ سان، اڄڪلھه سنڌي شاعريءَ سان پڻ ڪجھه اھڙو ئي ورتاءُ ٿي رھيو آھي. نواڻ جي شوق، تجربن جي لاچار سنڌي شاعريءَ کي بنھه گھڻو ٿڪائي ڇڏيو آھي. ھڪ نظم ۾ ھڪڙو ئي موضوع يا مضمون ھئڻ بنھه لازمي آھي. اھڙي ريت غزل لاءِ مناسب آھي ته ان جو مواد ۽ موضوع، عين غزل جي روايتن ۽ گھرجن مطابق ھجي. مگر اسان وٽ، گھڻو تڻو ان جي ابتڙ لکجي رھيو آھي.

ھڪ نظم ۾ ڏھه مضمون ۽ ڏھن غزلن ۾ ھڪ مضمون پڙھندڙن کي نه رڳو منجھائين ٿا، پر انھن جي پڙھڻ واري شوق لاءِ به سازگار ثابت نٿا ٿين. ادب جي ڪا مخصوص معنيٰ ٿيندي آھي ۽ نه ئي ان جي مختلف صنفن جي ڪا طئه ٿيل تشريح ئي ھوندي آھي. اھڙي صورت ۾ مناسب ۽ سمجھه ڀريو يا آسان ۽ سنھنجي رستي اختيار ڪرڻ ۾ ئي عاقبت ۽ دانشمندي آھي. لفاظي کان بچڻ ۽ شعر کي ان جي موضوع ۽ خيال جي بنياد تي بچائي رکڻ لاءِ سنڌ جي نوجوان ۽ نشانبر شاعر نور چاڪراڻي جو ھي نظم، ادب ۾ پنھنجي رستي جي چونڊ ڪرڻ جي حوالي سان ڪافي مددگار ثابت ٿي سگھي ٿو. ھو لکي ٿو:

مون نظم جي تسبيح پئي ٺاھي

مختلف رنگن جا انيڪ مڻيا

نظم جي ريشمي ڌاڳي ۾

پوئيندو رھيس.

تشبيھن ۽ استعارن جي

ڪپڙي سان مھٽڻ ڪري

لفظن جا مڻيا چمڪندا رھيا

پر خيال جو ثواب

ڪٿي به نظر نه آيو….!

شاعري ڏانھن اسان جي موجود غير سنجيده رويئي کي نور چاڪراڻي بنھه خوبصورت انداز سان پيش ڪيو آھي. جڏھن سنڌي شعري ادب ناحق لفاظي جي ڪري پنھنجي تخليقي صورت ئي نه، حياتياتي سيرت پڻ وڃائي رھيو ھجي، تڏھن سيما عباسي پنھنجي بيان جي سادي انداز ۽ خيال جي شگفته اظھار سان ھمه وقت نظر اچي ٿي. سيما پنھنجي اسلوب ۽ اظھار جي اڪيلي مالڪياڻي آھي. ھوءَ ايترو لکي ٿي، جيترو ڀوڳي ٿي. ھوءَ اھو اظھاري ٿي، جيڪو سوچي ٿي. ھوءَ شعر ۽ پڙھندڙ جي وچ تي پاڻ کي نه، خيال کي بيھاري ٿي. سيما جي شاعري ڪنھن رڙ وانگر نه، ھڪ اڌمي وانگر آھي. ھن جي شاعريءَ ۾ دل منڊي وانگر ۽ درد ٽڪ ونگر سدائين گڏ نظر اچن ٿا. سيما کي خبر آھي ته شاعري، دل جي زور سان نه، دل جي درد سان لکبي آھي. سندس ھيٺ ڏنل شعر پڙھي ڏسو؛

جيڪو وھنوار مون سان دنيا ڪيو

تو به ساڳيو ڪيو، ته ڇا ٿي پيو…!

***