بلاگ

دلير سياسي اڳواڻ

هڪ شخصيت جنهن جي انفراديت محب وطن شاعر ۽ دلير سياسي اڳواڻ جي حيثيت ۾ سنڌ واسين کي هميشه ياد رهندي. سندس شاعريءَ جو مجموعو ”تحفه سنڌ“ سنڌي سٻاجهڙن سان محبت جو بيمثال نمونو هو، تڏهوڪي ايوبي حڪومت کي برداشت نه ٿيو ۽ ڪتاب کي ضبط ڪيو ويو، مرحوم حيدر بخش جتوئي 7 آڪٽوبر 1901ع تي پنهنجي اباڻي ڳوٺ بکو ديرو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو ۽ ابتدائي تعليم به ان ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين. ”حيدر“ جڏهن هوش سنڀاليو ته آسپاس رڳو سر سبز ٻنيون ۽ پوکون ڏٺائين، دل کي مست ڪندڙ سنڌوءَ جي پاڻيءَ جي رواني هن جي اندر جي اُڌمن کي اظهار جو موقعو فراهم ڪيو ۽ پنهنجي شاعريءَ کي گل وَ بلبل ۽ گلستانِ چمن کي پري رکي پنهنجي اردگرد زراعت ۽ هاري جي عظمت کي فوڪس ڪيو. تعليم جي شوق کيس ڳوٺ کان شهر تائين آندو، 1927ع ۾ بي.اي جو امتحان پاس ڪري سرڪاري ملازم ٿيو ۽ روينيو کاتي ۾ مختيارڪار جي حيثيت ۾ خدمت ڏنائين. نوڪريءَ دوران شاعريءَ جو شوق به جاري رکيائين، روينيو کاتي جي بي حسي غريب کاتيدارن ۽ هارين سان وڏيرن ۽ ڪامورن پاران ٿيندڙ جٺ، حيدر جهڙي فقير منش آفيسر کان برداشت نه ٿي سگهي. تنهن سبب هن 1943ع ۾ انگريز سرڪار جي ملازمت تان استعفيٰ ڏني ۽ پوءِ ”سنڌ هاري ڪميٽي“ ۾ شريڪ ٿي ڪم ڪرڻ لڳو جنهن جي نتيجي ۾ کيس بيشمار تڪليفون برداشت ڪرڻيون پيون، ايتري قدر جو گهر جي چلهه به مشڪل سان ٻرندي هئس، پر هن شخص ڪڏهن به هار نه مڃي ۽ پنهنجو عشق شاعري ۽ هاري سياست سان ڪندو رهيو. ان دوران هن شاعريءَ جو مجموعو ”آزادي قوم“ به منظر عام تي آندائين جنهن جي هر هڪ لفظ ۾ جوش ۽ تلخي هئي، ان وچ ۾ هن ”هاري حقدار“ نالي اخبار به جاري ڪئي جنهن جو پاڻ ايڊيٽر ٿيو ۽ ان عرصي ۾ هاري ڪميٽي جي صدارت به حاصل ڪئي. ملڪ جي آزادي کانپوءِ شاعريءَ جو مجموعو ”هاري گيت“ جي نالي سان شايع ڪيائين. هڪ شاعر مجازي عشق، سوز ۽ ساز کان هر گز پري نٿو ٿي سگهي، پر ”حيدر“ جو عشق هاري ڏاٽو ۽ ڪوڏر جي عظمت سان هو، جنهن جو اظهار پنهنجي هن شعر ۾ ڪري ٿو:

تنهنجي محنت ٿي ڪري ڪڻڪ ۽ جوئر پيدا

ڌوڙ مٽيءَ منجهان موتي ۽ جواهر پيدا

باغ باغات گُلستان معطر پيدا

آهي ڇا ڇا نه ڪيو ڏاٽي ۽ ڪوڏر پيدا

هي جهان آهي ڪرامت ۽ فسانو تنهنجو

اٿ ئي هاري اجهو آيو زمانو تنهنجو

1958ع ۾ ملڪ ۾ جنرل ايوب خان مارشلا نافذ ڪئي ۽ ون يونٽ ٺاهي سنڌ ۽ سنڌ واسين لاءِ ويڌن ڪيائين، جنهن جي ٽوڙڻ لاءِ سنڌي عوام سان گڏجي جدوجهد ڪيائين، جنهن جي نتيجي ۾ جيل جون صعوبتون به ڪاٽيائين. جيل ۾ قيد هجڻ دوران سندس پٽ جي سخت بيمار هجڻ جي خبر ٻڌائين. اخبارن ۾ سندس رهائي لاءِ گُهر ڪئي وئي، پر آمر حڪومت کي ڪو رحم ڪونه آيو. ”حيدر“ جي صبر سندس گهر وارن کي آٿت ڏنو ۽ رب پنهنجو رحم ڪيو. ون يونٽ جي خاتمي کانپوءِ ”حيدر“ جيل مان آزاد ٿي معمول مطابق هاري حقدار آفيس ۾ ماروئڙن ۽ مسڪينن لاءِ دردن جو درمان بڻيو. حيدر بخش جتوئي عمر جي آخري حصي ۾ بيحد عليل ٿي پيو، جنهن سبب هو اسان کان 21 مئي، 1970ع تي جدا ٿي ويو.

***