ڪهاڻيوننئون ڪهاڻي: ڪول جو چڪ September 13, 2024 Zahida Abro ڪار ھن ايندي ئي ڪاوڙ ۾ دڙڪو ڏيندي چيو ته ڪاٿي ھئين معتبر سڄو ڏينهن عيد مبارڪ به ڪونه چئي اٿي ڇو؟ چيم پرائيويٽ ڊيوٽي آھي مصروف ھئس آفيسر تمام ڏنگو ماڻھو آھي موبائل ھلائڻ ناھي ڏيندو ان ڪري عيد مبارڪ ڪونه چئي سگھيس معذرت ڪيان ٿو. چيائين ھاڻي جو ھاڻي ڪن پڪڙي جلدي سوري ڪر. مون به حڪم جي تعميل ڪندي پھرين درجي جي شاگرد وانگر ٻئي ڪن پڪڙيندي چيو آءِ ايم سوري سر. ۽ ھٿ جوڙي چيم بس ھاڻي ته خوش آھين نه يا اڃان اسان مسڪينن تي ڪاوڙ باقي آھي، پيار ڀري انداز ۾ کلندي جلدي ۾ پنھنجون ٻانھون وڌائيندي منھنجي چيلھه ۾ ورائي ڀاڪر پائي چميون ڏيڻ ايئن شروع ٿي وئي جيئن سانوڻي جي برسات ۾ مينھن جون ڦڙيون سڪل ڌرتيءَ کي چمنديون آھن مون به ان خوبصورت لمحن کي پنھنجي دماغ جي يادگار خاني ۾ ميموري طور سانڍڻ لاءِ پنھنجي ٻانھن ۾ ايئن قابو ڪيو ڄڻ ھو ۽ مان ٻه نه پر ھڪ آھيون. کيس اھڙي حسين موقعي جو فائدو وٺندي ايئن پئي چميو جيئن ڪو مذهبي ماڻھو پنھنجي عقيدي جي مقدس ڪتاب کي چمندو آھي. اسان ٻنھي ھڪ ٻئي کي ايئن پئي چميو ڄڻ ڪو اڄ ھتي چمڻ جو عالمي مقابلو رکيل آھي ۽ اسين ٻئي ان مقابلي جا فاتح ٿيڻ وارا رانديگر ھجون. ھن جو انداز محبت ايئن پئي لڳو ڄڻ ٿر جي واريءَ وانگر پيار جي برسات لاءِ گھڻن سالن کان پياسي ۽ اڃايل ھئي. گھڻي دير ھڪٻئي ۾ گم ٿي وڃڻ کانپوءِ کلندي پڇيومانس ته اڄ ايترو پيار ٿي ڪرين ڄڻ مان ھن دنيا ۾ اڄوڪو ڏينھن ئي آھيان ۽ ھي پنھنجي بس آخري ملاقات ھجي. ڇا ٻئي چڪر نه ملندينءِ ڇا؟ مرڪندي چيائين چريا پاڻ کي محبت جو ھر ڏينھن زندگي جو آخري ڏينھن سمجھي جيئڻو آهي، خبر ناهي سڀاڻي ڪير جيئرو ھجي الائي نه وري ملڻ جو موقعو ملي الائي نه. ھونئن به پاڻ ھتڙي ھن دنيا ۾ ڪي صديون رھڻ لاءِ ته ڪونه آيا آھيون ايئن چئي هن وري پيار جي واديءَ ۾ ھر ڏک، بک، جھيڙن، مهانگائي ۽ غربت جھڙين مصيبتن کان گهڻو پري وٺي وڃي پنھنجي خوبصورت خيالن جي دنيا ۾ گم ڪري ڇڏيو، بس سامھون سڄڻ ھو نظر سان نظر ھئي. پنھنجي نه ڪا ٻئي جي خبر ھئي. ھن جي ھرھڪ چمي منھنجي ھر ڏک ھر درد جو علاج ھئي، مرھم ھئي آسيس سڪون ۽ راحت ھئي، منھنجي ته جھڙوڪر عيد سان گڏ عيد ۽ حج به ٿي ويو ھجي، ايئن ئي سالن کان پنھنجي رٺل ڀاڳ جي ڪيل اڻ مندائتي مھرباني تي دل ئي دل ۾ خوشي پئي ٿي ۽ چيم واقعي رب جي رحمت مان ڪڏھن به نا اميد نه ٿجي، ھو ڪڏھن به ڪھڙي مھل به پنھنجي رحمت جا دروازا کولي ته کولي ٿو سگھي. ڇو ته ھو ھر شيءِ تي قادر آھي. مالڪ سائينءَ جي رحمت ۽ يار جي ڪيل عنايت جا مزا ماڻي ئي رھيو ھئس ته اچانڪ دروازي تان گھنٽي وڳي گھنٽي وڄڻ سان ھن کان ڇرڪ نڪري ويو ھٿ ڍرا ڪندي چيائين اڙي مون کان ته وسري ويو آهي. ٻاھر گاڏي ۽ ڊرائيور بيھاري آئي ھئس تنھنجو نمبر بند ھو ته امڙ سان ملڻ جو بھانو ڪري نڪري پيم سوچيم عيد مبارڪ چئي اچان وڏيري کي، ٻروچ ماڻھو آھيو ڪاوڙ به جلدي ڪندا آھيو ان ڪري پھريان توھان ڏي ھلي آيس. مون به سندس ٻانھن وڪوڙي گلي لڳائيندي عيد مبارڪ چوڻ سان گڏ ڳل تي چمي ڏيندي ٿورا مڃيندي چيم سائين جھڙا تھڙا توھان جا ئي آھيون ٽھڪ ڏئي چيائين ھل ڪنا خبر آهي تنھنجي ھاڻي گھڻا مسڪا نه ھڻ سڃاڻان ٿي توکي ۽ ھجت مان ڪن کان پڪڙيندي چيائين ھاڻي تنھنجي خبر پوندي استادن سان ٿو استاديون ڪرين. ايئن چئي ھن مذاق مذاق ۾ سئي نما وارن مان بڪل ڪڍندي منھنجي ڪن جي پاپڙي منجھ وھائي ڪڍي مون کان رڙ نڪري وئي دانھن ڪندي چيم جانو آھستي ۽ ائين ئي ننڊ مان جاڳ ٿي وئي. ڏٺم ته ڪن منجھ ڪول جو چڪ لڳل ھو ۽ مان خوابن جي خوبصورت دنيا مان نڪري حقيقت جي ھڻ مار واري جھان ۾ پھتس ۽ سوچن ۾ پئجي ويس ته ھيءَ دنيا واقعي ھڪ حسين خواب وانگر ئي آھي. جڏھن ڪا ڪول ڪن ۾ چڪ ھڻي جاڳائيندي ته خبر پوندي ته اسان جو اصل ماڳ ڪھڙو آھي. *** Post Views: 319