همراهه پيگ پورو ڪيو ۽ ڇڏيل ڪهاڻي کي اڳيان وڌايائين:
هو بيڊ تي ليٽي عورتن جي دُن بابت سوچڻ لڳو. هن سوچيو انسان جو دُن سان گهرو ڳانڍاپو ٿيندو آهي تڏهن ته جڏهن هو ما جي پيٽان نڪرندو آهي ته ناڙي جي ڪري دُن سان ئي جڙيل هوندو آهي. هو جڏهن يونيورسٽي ۾ فلسفي جو شاگرد هو ته هن دُن جي حوالي سان هڪ عجيب ڳالهه پڙهي هئي. اها مستقبل ۾ ٿيندڙ ٽيڪنالاجي جي ترقي ۽ انسان جي بقا جي حوالي سان هئي. انسان دُن بنا انسان ئي نه هجي ها، اهو دُن آهي جيڪو انسان کي اهو بڻائي ٿو جيڪو هو آهي. يونيورسٽي جي انهن ئي ڏينهن ۾ هن جي ذهن ۾ هڪ سوال طوفان جيان اڀريو هو: ڀلا دُن جهڙو بيڪار ۽ بي معنا حصو ڄاڻ يا انسان کي سمجهڻ جي حوالي سان پنهنجي ڪا ڀاڱيداري ڪري سگهي ٿو؟ سندس اهڙن اجاين سوالن ۽ خيالن جي ڪري شفا جيڪا يونيورسٽي ۾ هن جي اڪيلي دوست ٿي سگهي هئي، اها به هن کان پري ٿيڻ لڳي. هن جي اهڙن عجيب خيالن جي ڪري ئي اڪثر شاگرد هن کي بي حيا ۽ ڪافر سڏيندا هئا. جڏهن شفا تي هن سان گڏ ويهڻ ۽ بحث ڪرڻ جي ڪري ساڳيا ڪفر ۽ بي حيائي جا الزام لڳڻ شروع ٿيا ته هو هن کان ڇڊي ٿيڻ لڳي. هڪ ڀيرو هو شفا سان گڏ ڪينٽين تي ويٺل هو، ڪينٽين ۾ ٻيا به ڪيترائي شاگرد ويٺل هئا. ويٺي ويٺي هن کي خبر ناهي ڇا ٿيو جو شفا کي چيائين: شفا مان تنهنجو دُن ڏسڻ چاهيان ٿو؟ اهو ٻڌي شفا جو منهن ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو، هو هيڏانهن هوڏانهن ڏسي اٿي ۽ ڪينٽين کان ٻاهر هلي وئي. هو اٿيو ۽ هن جي پٺيان ويندي کيس سڏيائين: شفا…شفا… منهنجي ڳالهه ته ٻڌ… پر هو ڪونه بيٺي. اهو ته ڀلو ٿيو جو شفا اها ڳالهه ڪنهن سان به ڪونه ڪئي. نه ته يونيورسٽي جا مذهبي جنوني هن لا ٻڙڌڪ مچائي ڇڏين ها، کيس مذهبي توهين ۽ بي حيائي جي الزام ۾ جيئرو ساڙي ڇڏين ها، پر ان هوندي به هن دُن جي حوالي سان پنهنجي ڄاڻ وڌائڻ ٿي گهري. نيٺ کيس ان سوال جو جواب ملي ويو. هو سيمينار لائبريري ۾ ڪو ڪتاب ڳولي رهيو هو جو هڪ ڪٻٽ مان کيس اهو ئي ڪتاب مليو جيڪو هن ما جي ڪٻٽ مان ڪڍيو هو. ان ڪتاب جي پهرئين مقالي ۾ ان سوال جو جواب هو ان ۾ ايندڙ وقت ۾ ٽيڪنالاجي جي ترقي جو ذڪر هو. ان ۾ اهو به لکيل هو ته بني بشر (هومو سيپين) ٻن درجن ۾ ورهائجي سگهجن ٿا، اهو تڏهن جڏهن مشينن کي انسانن جهڙي جسماني ۽ ذهني سگهه ملي ويندي، تڏهن انسان ۽ مشين ۾ بنيادي فرق ڄاڻ يا دليل بدران احساس واري جذبي جو هوندو. اهو اهڙو وقت هوندو جڏهن بني بشر (هومو سيپين) ساڳيو نه رهندو ۽ هومو سينٽين يا هومو ڊاٽم ٿي پوندو. هومو ڊاٽم جي روزاني واري زندگي انفارميشن نيٽ ورڪن ۾ گذرندي. ان وقت اهو به ممڪن آهي ته بني بشر (هومو سيپين) جو نئون نالو هومو امبليڪس (ناڙي وارو) ٿي پئي. دُن کي جدائي سان گڏ ڳانڍاپي وارو نشان به سڏيو وڃي ٿو. هڪ اهڙو نشان جيڪو انساني جسم تي ثقافت جو پهريون وڍ ڏيندڙ آهي. ان ۾ اهو به لکيل هو ته مشيني انسان ۽ حقيقي انسان ۾ فرق رڳو دُن جو ئي هوندو
ان ڪري هن لا هاڻي دنيا جي سموري سونهن عورت جي دُن ۾ وڃي لڪي. ان وقت کيس پنهنجي دُن بابت خيال آيو هو هڪدم بيڊ تان اٿيو ۽ ڀت ۾ لڳل انساني قد جيڏي آئيني اڳيان اچي بيٺو. هن هڪ جهٽڪي سان ٽي شرٽ لاٿي ۽ آرسي ۾ پنهنجي دُن کي ڏٺائين. هن کي پنهنجي دُن جي چوڦير هلڪڙا وار نظر آيا. ان وقت کيس ان فوٽو واري مائي جو دُن ياد آيو، جيڪو هن ڪجهه سالن اڳ ما جي ڪتاب ۾ رکيل ڏٺو هو. هن چاهيو ٿي هن جو دُن به ان فوٽو واري مائي جي دُن جيان سهڻو نظر اچي. هو واش روم ويو ۽ اُتان شيونگ مشين کڻي اچي وري آرسي اڳيان بيٺو ۽ دُن وٽ اڀرندڙ وارن کي ڪوڙڻ لڳو. وار ڪارپيٽ تي اچي ڪريا. هن آرسي ۾ دُن جي آس پاس واري ميدان کي بنا وارن جي ڏٺو ته هن جي منهن تي مرڪ تري آئي. هو بيڊ تي اچي ليٽيو ۽ پنهنجي دُن ۾ آڱر ڦرڻ لڳو. هاڻ هو روز دُن وٽ شيونگ مشين ڦرڻ لڳو.
ان ڏينهن جڏهن هو اسپتال کان موٽيو ته کيس اها ڪال گرل ياد آئي جنهن سان هو پهريون ڀيرو جنسي عمل لا ويو هو. اها ڪا ايتري سهڻي مائي نه هئي ۽ وڌندڙ عمر جي ڪري ان جو اگهه به گهٽجي رهيو هو. ان مائي کيس پنهنجو نالو ذلف ٻڌايو هو ۽ کيس وري رابطي ڪرڻ جو چئي نمبر به ڏنو هئائين. هو ان ڪال گرل سان ڪنهن هوٽل جي ڪمري ۾ رڳو اڌ ڪلاڪ ئي ترسيو هو ۽ ان جو ڪارڻ رڳو ئي رڳو ان مائي جو دُن هو. ٻئي ڀيري هن جڏهن ذلف سان رابطو ڪيو ۽ هن سان ڪنهن ٻئي هوٽل جي ڪمري ۾ ويو تڏهن به هن سان رڳو اڌ ڪلاڪ ئي گڏ هو ان مان پنجويهه منٽ هو هن جي دُن سان کيڏندو رهيو. ان کانپو وري هن ڪڏهن به ذلف سان رابطو ڪرڻ جو نه سوچيو. ان رات هسپتال مان موٽي اچي جڏهن هو بيڊ تي ليٽيو ته کيس هڪ عجيب خيال آيو: ٿي سگهي ٿو امي کي سندس عاشق دوکو ڏئي ڇڏي ويو هجي ۽ هو ڪال گرل ٿي وئي هجي! ان خيال تي هن ذلف سان رابطو ڪيو ۽ هن سان گڏ ما کي ڳولڻ لڳو. پر کيس ما ڪال گرل طور به ڪونه ملي. جنهن جي ڪري هن جو من ويتر اداس رهڻ لڳو. خبر ناهي ڇو هن ما کي ڳولڻ ٿي گهريو! ٿي سگهي ٿو هن کي لڳندو هجي ته هن جو ناڙو ڪڏهن به سندس ما جي دُن کان نه ڪٽيو ويو هجي ۽ هو هر وقت ما سان گڏ ئي هجي. هن جي ما ننڍي هوندي کان ئي کيس دُن جي حوالي سان ڪيتريون ئي آکاڻيون ٻڌائيندي هئي، انهن مان هڪڙي آکاڻي يهودين جي مذهبي روايت جي حوالي سان هئي. هن ما کي چوندي ٻڌو هو ته يهودين جي مذهبي روايت موجب جڏهن سندن خدا پهريون انسان تخليق ڪيو ته اهو مرد هو ۽ ان کي دُن ڪونه هو. اهو مرد باغ ۾ اڪيلو گهمندو هو ۽ سدائين اداس رهندو هو. جڏهن خدا ان مرد کي ڏٺو ته يهودين جي خدا جنهن کي اهي ياهوا سڏيندا آهن کي لڳو جيئن ته هن مرد کي دُن نه ڏنو آهي ان ڪري هو اداس آهي. پو يهودين جي خدا ان مرد کي ننڊ ڪرائي ۽ هن جي پاسراٽي مان عورت کي ڪڍي ورتو ۽ ان عورت جي پيٽ ۾ يهودين جي خدا آڱر هڻي هن جو دُن ٺاهيو. جڏهن اهو پهريون مرد ننڊ مان سڄاڳ ٿيو ته پنهنجي پاسي کان هڪ مائي کي ليٽيل ڏٺائين. ان کان به وڌيڪ حيرت جي ڳالهه اها هئي ته ان مائي جي پيٽ ۾ دُن هو، جنهن کي اهو مرد ڪيتري ئي دير تائين ڏسندو رهيو ۽ وري اداس ٿي ويو جو هن کي ان دُن جي ڪري اها مائي پاڻ کان وڌيڪ سهڻي لڳي ۽ پو اهو مرد دُن نه هجڻ ڪري سدائين مائي کي پاڻ کان گهٽ ڏيکارڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويو. شايد هن کي ما جون ٻڌايل اهي آکاڻيون ۽ قصا وڻندا هئا جن کي ٻڌندي ٻڌندي کيس ننڊ اچي ويندي هئي. هاڻي به هن ما کي ڳولي هن کان آکاڻيون ۽ قصا ٿي ٻڌڻ چاهيا. يا اهو به ٿي سگهي ٿو ته هن ما کي ڳولي ان ڪرڙي واري قصي جي پڄاڻي مٽرائڻ ٿي چاهي! ٿي سگهي ٿو ته هو ما واتان اهو ٻڌڻ گهرندو هجي ته ٽيهن سالن کانپو جڏهن ڪرڙي سانڊو ۽ سانڊو ڳوهه ۽ ڳوهه واڳون ٿيو پئي ته واڳون اسان سڀني کي ڳڙڪائي نه ويندو آهي. اسان مان ڪجهه خاص ماڻهن کي ڇڏي ڏيندو آهي ۽ هو به انهن خاص ماڻهن مان هو!
هن وري ڪهاڻي ٻڌائڻ بند ڪئي. ساحر وري پنهنجو ۽ هن جو پيگ ٺاهيو ۽ هوريان هن کي چيائين: پو ڇا ٿيو؟
هن پيگ ۾ هٿ وجهي وري ڳالهائڻ شروع ڪيو:
سر هڪ ڏينهن صبح جو هو ننڊ مان اٿيو، ڪمري مان نڪري نيرن ڪرڻ لا هال ۾ آيو پنهنجي لا ڪافي جو مڳو ٺاهي هال ۾ رکيل صوفا سيٽ تي ويٺو. بي ڌياني ۾ هن جو هٿ دُن ڏانهن ويو، پر کيس پنهنجو دُن نه مليو، هو ڏاڍو پريشان ٿي ويو، اهو دُن هن جو ما سان ڳانڍاپي جو نشان هو ۽ اهو نشان ئي گم ٿي ويو. هن جي اُڻتڻ وڌي جڏهن کيس ڪجهه به سمجهه نه آيو ته پريشاني ۾ سامهون شيشي جي ٽيبل تي ان ڏينهن جي اخبار پيل ڏسي هڪدم کڻي ورتائين. هو اڪثر اخبار کي نظر انداز ڪري ڇڏيندو هو، پر اخبار هنن جي گهر پابندي سان ايندي هئي. هڪ ڀيرو هن ما کان ٻڌو هو ڪموڊ تي ويهي اخبار پڙهڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي. هن اخبار کڻي ورتي ۽ پريشاني ۾ ڪافي پيئندي هن اخبار پڙهڻ شروع ڪئي. فرنٽ پيج تي لڳل هڪ خبر هن کي ڇرڪائي وئي، ان جي سرخي هئي: ڪراچي جي هڪ پوش علائقي مان نفسياتي قاتل گرفتار. هن ان اسٽوري جا تفصيل پڙهڻ شروع ڪيا. رات ڪراچي پوليس هڪ ٽرپ تي ڪراچي جي هڪ پوش علائقي جي فليٽ تي ڇاپو هڻي هڪ پنجاهه سالن جي عورت کي گرفتار ڪيو. هن جو فرج انساني گوشت سان ڀريل هو جنهن کي ليب اماڻيو ويو آهي. انچارج آفيسر موجب عورت نوجوان ڇوڪرن کي پنهنجي عشق جي ڄار ۾ ڦاسائي فليٽ تي وٺي ايندي هئي هنن سان جنسي عمل ڪري پو کين بيهوشي جي دوا ڏئي کين ڳڀا ڳڀا ڪري فرج ۾ رکي ڇڏيندي هئي. افسر موجب: ان عورت پوليس کي بيان ڏيندي ٻڌايو آهي ته هو صبح جو اٿي انهن ڇوڪرن جي رت سان وهنجندي هئي ۽ سندن گوشت پچائي کائيندي هئي. هن جو چوڻ آهي ته کيس هڪ خواب ۾ آسماني طاقتن پاران اشارو مليو هو ته ايئن ڪرڻ سان هو ڪڏهن به پوڙهي نه ٿيندي ۽ هن جي سونهن سدائين برقرار رهندي. هڪ سوال جي جواب ۾ آفيسر پريس کي ٻڌايو ته هن وقت تائين ان عورت ست ڇوڪرن جو قتل ڪيو آهي.
اها خبر پڙهندي ئي هن کي اڌ مٿي ۾ سور ٿيڻ لڳو، هو سمجهي ويو ته اها عورت هن جي ما ئي هئي. هن کي گرمين جي موڪلن جو هڪ ڏينهن ياد آيو جڏهن هو اڃا تيرهن سالن جو هو. هن جي ما کيس ڪهاڻي ٻڌائيندي ٻانهن ۾ چڪ هڻندي کلي چيو هو: دل ٿي چئي توکي کائي ڇڏيان. ان تي هن ما جي اکين ۾ ڏٺو. کيس ان وقت ما جي اکين ۾ عجيب وحشت نظر آئي هئي. هو ڊڄي ويو هو. اخبار ۾ ان عورت جو فوٽو به ڏنل هو. هن فوٽو ڏٺو ته کيس پڪ ٿي وئي اها نفسياتي قاتل هن جي ما ئي هئي. هن هڪ ڀيرو وري دُن واري جا تي هٿ ڦيريو پر کيس دُن نه مليو، هن کي لڳو ڄڻ هن جو انسانيت سان ناتو ئي ڪٽجي ويو هجي! هاڻي هو ويتر خوف ۾ رهڻ لڳو.
هن وري ڪهاڻي ٻڌائڻ بس ڪئي، ساحر ڪجهه گهڙين لا اکيون بند ڪري گهري سوچ ۾ ٻڏي ويو. هن وري اکيون کوليندي چيو: پو ڇا ٿيو؟ پر اهو همراهه وڃي چڪو هو. جنهن جي ساحر کي خبر ئي نه پئي هئي. هو ڪجهه گهڙين لا ان خالي ڪرسي کي تڪيندو رهيو. هڪ پل لا کيس خيال آيو ٿي سگهي ٿو هو واش روم ويو هجي! ان سوچ تي هن جي منهن تي مرڪ اچي وئي، هن سگريٽ دکايو ۽ ان همراهه جنهن اڃا کيس پنهنجو نالو ڪونه ٻڌايو هو جي موٽڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. سگريٽ پورو ٿيڻ لڳو پر اهو همراهه ڪونه موٽيو ته ساحر جي اڻ تڻ وڌڻ لڳي ۽ هن بيري کي سڏيو. بيرو هن وٽ آيو ۽ هوريان چيائين: جي سر؟
هي همراهه جيڪو مون سان گڏ ويٺو هو اهو ڪيڏانهن ويو؟ ساحر سگريٽ کي ايش ٽري ۾ رکندي پڇيس.
جي سر! بيري ويتر حيراني مان کيس چيو.
ڇا ٿيو، مون پڇيو هي همراهه جيڪو مون سان گڏ ويهي شراب پي رهيو هو اهو ڪيڏانهن ويو؟ ساحر ٿورو خفا ٿيندي پڇيس.
پر سر اوهان ته سدائين جيان هن ٽيبل تي اڪيلا ئي ويٺل هئا، هن ٽيبل تي اوهان جي موجودگي ۾ ڪنهن کي ويهڻ جي اجازت ئي نه هوندي آهي. بيري ويتر حيراني مان چيس.
ها پر اڄ هڪ همراهه مون سان ويٺو هو. هو لڳ ڀڳ ٽيهه سالن جو ڪلين شيو همراهه هو، هن سامهون واري ڪرسي تي ويهي مونکي ڪهاڻي پي ٻڌايائين. ساحر ان خالي ڪرسي ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
سوري سر پر هن ٽيبل تي اوهان کانسوا ٻيو ڪنهن کي به سروو نه ڪيو ويو آهي. اوهان ته پنهنجو پاڻ سان ئي ڳالهائي رهيا هئا. ڪيڏي مهل هن ڪرسي تي ٿي اچي ويٺا ۽ ڪيڏي مهل هُن ڪرسي تي. ان حوالي سان مون مئنيجر صاحبه کي به آگاهه ڪيو. هنن چيو ته اوهان کي تنگ نه ڪيو وڃي. ٿي سگهي ٿو اوهان ڪنهن ڊرامي جو اسڪرپٽ لکندا هجو ۽ اهو اوهان جي لکڻ جو طريقو هجي. بيري هوريان چيس. هن ويران نظرن سان بيري کي ڏٺو، بيري هن کي ڏسي اکيون هيٺ ڪري ڇڏيون. هوريان هوريان ساحر کي اڌ مٿي ۾ سور پوڻ لڳو، هن ساڄو هٿ مٿي تي رکي ان کي زور ڏنو. هو اٿيو ته بيري هڪدم هن جو ليپ ٽاپ ۽ ڪتاب کڻي ورتا. هو شراب جي نشي ۾ لڏندو لمندو در وٽ آيو در تي بيٺل گارڊ هن کي سلام ڪندي در کوليو. بيرو هن جي پٺيان پٺيان هلڻ لڳو. هن کي پنهنجو ساهه منجهندي محسوس ٿيو. ڊرائيور هن جي سامهون گاڏي بيهاري، بيري هن لا گاڏي جو در کوليو هن گاڏي جي پٺئين سيٽ تي پاڻ کي ڇڏي ڏنو.
ڊرائيور هن کي فليٽ تي ڇڏيو. هو پنهنجي ڪمري ۾ بيڊ تي سڌو ليٽيو، هن جون نظرون ڇت ڏانهن ويون، نشي جي ڪري ڇت سان چنبڙيل ڪرڙي هن کي ڌنڌلي نظر آئي، ڪرڙي کي ڏسندي هن رڙ ڪندي چيو: امان چوندي هئي ٽيهن سالن ۾ ڪرڙي سانڊو، سانڊو ڳوهه ۽ ڳوهه واڳون ٿيو پئي ۽ واڳون اسان سڀني کي ڳڙڪائي ويندو آهي. بي ڌياني ۾ هن جي آڱر دُن ڏانهن وئي. هن کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ رڙ ڪيائين: منهنجو انسانيت سان ناتو ٽٽي چڪو آهي منهنجو دُن گم ٿي چڪو آهي.
…(ختم)…
***