ايڊيٽوريل

پوليو مهم جي ڪارڪنن تي حملا ۽ زيادتي

سڄي ملڪ جي 41 ضلعن ۾ جولاءِ جي شروع کان پوليو جي خاتمي واري مهم شروع ٿي آهي. انهيءَ مهم دوران پنجن سالن کان گهٽ عمر جي 95 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا پيا وڃن. اسان جي سماج جو تاڃي پيٽو لڳي ٿو ته جتان ڪٿان ٽٽي رهيو آهي. خدمت خلق ڪندڙ ماڻهن جي اسان جي سماج ۾ جتي عزت به آهي ته اتي ڪجهه شيطان نما  انسان انهن سان غير انساني سلوڪ به روان رکن ٿا. 

اهو اسان جي ملڪ جي هر پوليو کان بچاءُ واري مهم جي تاريخ آهي. هن دفعي ته سماج دشمن عنصرن حد ڪري ڇڏي آهي. ٻه واقعا ان سلسلي ۾ اسان جي سڌ سماءَ جي ذريعن وٽان ماڻهن جي علم ۾ آيا آهن. هڪ باجوڙ ۾ نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪري پوليو ورڪر ۽ پوليس اهلڪار کي ماري ڇڏيو ۽ ٻي خبر اڃان لڱ ڪانڊاريندڙ آهي ۽ اسان جي سماج جي مڪروهه چهري کي ظاهر ڪري ٿي. جولاءِ کان هلندڙ پوليو کان بچاءُ واري مهم دوران جيڪب آباد ۾ پوليو ورڪر کي اغوا ڪري زيادتي جو نشانو بڻايو ويو. ٻن هٿياربندن اها زيادتي ڪئي ٻارن کي پوليو جي ڦڙن پيارڻ واري انتهائي اهم عمل ۾ مصروف ماڻهو سان اها زيادتي حيران ڪندڙ آهي. علائقي جي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته انهيءَ ۾ ٻه ماڻهو ملوث هئا جن جي شناخت ٿي وئي آهي ۽ انهن جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون جاري آهن. ائين چئجي ته اسان جي سماج ۾ اها بي رحمي ڪمزور ماڻهن لاءِ ڄڻ موقعا ڳولهي رهي آهي. هتي اها ڳالهه ڪجي ته بي حسي جو شڪار ۽ بنياد پرست نظرين وارا ماڻهو ڄڻ پوليو وائرس جي خاتمي واري مهم جا مخالف هجن ڄڻ اها مهم سندن ذاتي عقيدي جي خلاف هجي. صحت جي عام ڀلائي جي پوليو مخالف مهم جنهن مان سڄي دنيا جي ماڻهن جون اميدون آهن ۽ عالمي برادري انهيءَ تي توجهه ڏئي رهي آهي، سڄي دنيا جا ڊاڪٽر ۽ طبي سائنسدان تحقيق ڪري پورهيو ڪري رهيا آهن ته جيئن انهيءَ موذي مرض مان انسانيت جي جان ڇٽي جيڪو ٻارن کي معذور ڪريو ڇڏي. هر ماڻهو جو اهو بنيادي حق آهي ته کيس صحتمند زندگي ملي، پوءِ هي بي رحم ماڻهو ڪير آهن جيڪي انهيءَ حق جي سامهون ديوار بڻجي رهيا آهن. پوليو جي تاريخ گهڻي ڏکوئيندڙ آهي گذريل صدي يعني ويهين صديءَ جي شروع ۾ پوليو ترقي يافته ۽ صنعتي ملڪن ۾ هڪ اهڙي بيماري جو نالو هو جيڪا هر سال لکين ٻارن کي معذور ۽ اپاهج بڻائي رهي هئي. 1950ع ۽ 1960 جي ڏهاڪي ۾ پوليو جي موثر وئڪسين متعارف ٿيڻ کانپوءِ انهيءَ بيماري کي قابو ڪرڻ ممڪن ٿي ويو. ٿيو ايئن جو سڌريل ملڪن انهيءَ ڪم کي هنگامي بنيادن تي ڪيو ۽ انهن ملڪن ۾ ان بيماري جو مڪمل خاتمو ڪري ڇڏيو. ان جي جاءِ تي ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ پوليو کي اهم مسئلو سمجهڻ ۾ به ڪجهه وقت لڳو. 1988ع کان پوليو جي خاتمي جي عالمي مهم شروع ٿي. ان وقت پوليو جي بيماري زور تي هئي، انهيءَ وقت کان وٺي اڄ تائين پوليو جي ڪيسن ۾ 99 سيڪڙو تائين ڪمي آندي وئي آهي ۽ تڏهن کان پوليو جي خلاف ڪم ڪندڙ وئڪسين جي ذريعي 2.5 بلين ٻارن کي بيماريءَ کان محفوظ ڪيو ويو آهي. انهيءَ تي ڪثير رقم خرچ ٿي آهي ۽ لکين پوليو ڪارڪن انهيءَ ۾ خدمتون ڏنيون آهن. هن وقت دنيا ۾ ٽي ملڪ اهڙا بچيا آهن جتي پوليو وائرس جي منتقلي جي عمل کي قابو ۾ نه آندو ويو آهي. پاڪستان به انهن ملڪن ۾ شامل آهي ۽ افغانستان به انهيءَ قطار ۾ آهي.

ڏک جهڙي ڳالهه آهي ته جامد ۽ بنياد پرست ماڻهن صحت جي انهيءَ احترام جوڳي مهم کي هميشه نشانو بڻايو آهي. هن دفعي ته انهن دنگ ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن هنن باجوڙ کان وٺي جيڪب آباد تائين پوليو جي ڪارڪنن کي نشانو بڻايو آهي. انهن جون جانيون به ورتيون آهن ۽ عزت به ورتي آهي. اسين وفاق ۽ چئني صوبن جي انتظاميه ۽ صحت جي متعلقه شعبن کي اهو چونداسين ته اهي پوليو جي خاتمي واري مهم جي ڪارڪنن جي عزت ۽ جانين جي حفاظت ڪن ته جيئن انهيءَ موذي مرض کان نجات ملي سگهي. ڇاڪاڻ جو اهو مرض ماڻهن کي معذور ڪريو ڇڏي، پر ڇا ڪجي جو جڏهن سماج ئي معذور هجي ته پوءِ ڪيڏانهن وڃجي.