بلاگنئون

ڦل جي مٽيءَ جو ماٺيڻو ماڻهو

دنيا اندر دوستي جيترو خوبصورت لفظ آهي ايترو ئي احساسن جو خوبصورت رشتو، قرب ۽ محبت جو رشتو، نازڪ جذبن جو رشتو، پنهنجائپ جو رشتو، ڀائپي ۽ برادريءَ جو رشتو هوندو آهي. مطلب ته دنيا ۾ دوست زندگيءَ ۾ نه بلڪه دوستن سان ئي زندگي آهي ۽ سنجيده دوست ملڻ ڏينهون ڏينهن محال ٿيندا پيا وڃن. ان جو هڪ سبب اهو آهي ته دوستي قربانيءَ جو نالو آهي ۽ هن دور ۾ قربان ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. دنيا ۾ اسان کي گهڻا ئي ماڻهو ملندا آهن، پر سڀ دوست ناهن هوندا. ڇو ته دوستي هڪ عظيم رشتو آهي ان لاءِ اوهان جو هم خيال انسان ئي اوهان جو بهترين دوست ٿي سگهي ٿو. اهو اوهان جي هر ڏک ۽ سک ۾ ساٿ ڏيندڙ هجي، اهڙو ئي هڪ قصو ذهن تي تري اچي ٿو.
هڪ ڏينهن هڪ شخص جو گهوڙو بيمار ٿي پيو، مالڪ ڊاڪٽر کي گهرايو، ڊاڪٽر گهوڙي کي ڏسي ڪجھه دوائون لکي ڏنيون ۽ کيس چيائين ته ڏهه ڏينهن دوائون کارائينس پوءِ به جيڪڏهن ٺيڪ نه ٿئي ته ماري ڇڏجانس. اهو سڀ گهوڙي سان گڏ بيٺل ٻڪر ٻڌو پئي، مالڪ روز گهوڙي کي دوائون کارائيندو هو، ٻڪر روز گهوڙي کي چوندو هو ته ٻيلي همت ڪر پنهنجن پيرن تي بيهي نه ته مارجي ويندين، پر گهوڙي همت نه ڪئي، آخري ڏينهن آيو مالڪ آسرو پلي شهر مان زهر وٺڻ هليو ويو، ٻڪر آخري ڀيرو گهوڙي وٽ ويو ۽ کيس چيائين همت ڪر، اٿي پنهنجن پيرن تي بيھُه نه ته اڄ مارجي ويندين، اڄ مالڪ آسرو پلي ڊاڪٽر جي مشوري تي زهر وٺڻ ويو آهي، نيٺ گهوڙي کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي ۽ گهوڙو همت ڪري اٿيو ۽ هلڻ ڦرڻ شروع ڪيائين، مالڪ شهر مان جيئن زهر وٺي واپس آيو ته ڏٺائين گهوڙو ٺيڪ ٿي ويو آهي ۽ گهمي ڦري رهيو آهي، خوشي مان گهر وارن کي سڏي چيائين گهوڙو ٺيڪ ٿي ويو آهي، ان خوشيءَ ۾ ٻڪر کي ذبح ڪريو.
بلڪل ايئن ئي ڪڏھن ڪڏھن ٻين جو خيال رکندي رکندي اسان پاڻ کي قربان ڪري ڇڏيندا آهيون، جن کي تراشڻ چاهيندا آهيون جن جي تربيت ڪندا آهيون، جن کي سونهن بخشيندا آهيون، جن کي جڳ ۾ سرخرو رکڻ لاءِ سنوارڻ تعمير ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، اهي ئي اسان جي ذات مان نقص ڪڍندا آهن، اسان جي ڪردار تي سوال ڪندا آهن، اسان کي عيبدار چئي ڇڏيندا آهن، پر اهي ڪردار ماڻهن جي ڪري پنهنجي روش نه مٽيندا آهن، پر پنهنجي جستجو جاري رکندا آهن.
ساهتي پرڳڻي جو هڪ اهڙو ئي شفاف ۽ بي عيب ۽ جاکوڙي ڪردار منهنجو پيارو دوست ۽ کاهوڙي انسان استاد فياض احمد ڦل آهي جنهن کي دوست ڦل جي مٽيءَ جو ماٺيڻو ماڻهو سڏيندا آهن.
فياض احمد ولد غلام رسول ڦل 1981 ۾ ڦل شهر ضلعي نوشهروفيروز ۾ جنم ورتو. ابتدائي پرائمري تعليم اتان ئي حاصل ڪري ميٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڦل مان 1997 ۾ پاس ڪيائين، انٽر 1999 ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نوشهروفيروز مان ڪيائين ان کانپوءِ 2004ع ۾ بي اي ۽ 2006ع ۾ ايم اي (سنڌي ۾) ڪيائين. اهڙي طرح B.ED محرابپور سيڪنڊري ڪاليج مان پروفيشنل ڪيريئر جي حيثيت سان ڪيائين. ان بعد درس ۽ تدريس جو باقاعده آغاز مون پبلڪ اسڪول ڦل کان ڪيائين ۽ پرائيويٽ استاد جي حيثيت سان 2002 کان 2008 تائين اسٽار گرامر اسڪول نوشهروفيروز ۾ داخل ٿيو.
ان کانپوءِ 2012 ۾ بحريا فائونڊيشن ڪاليج نوشهروفيروز ۾ ڪم ڪرڻ لڳو، 2013 ۾ کيس تعليم کاتي سنڌ ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر طور سرڪاري نوڪري ملي وئي. فياض بلڪل خاموش طبيعت انسان آهي، پر سندس اندر ۾ علم ۽ ادب جو وڏو سمنڊ ڇوليون ڏيندي نظر اچي ٿو. سندس ادبي زندگيءَ ۾ ڪجھه شاعري مضمون ڪهاڻيون ۽ سفر ناما لکيل آھن، پر ڪنهن رسالي يا اخبار وغيره ۾ ڇپائي نه سگهيو آهي يا کڻي ائين چئجي ته کيس مشهور ٿيڻ جو ڪو گهڻو شوق به نه آهي. ڇو ته سندس طبيعت جي ماٺار رڳو ڪم ڪرڻ طرف مائل آهي، کيس ادب جي صنفن مان سفر نامو وڌيڪ سٺو لڳندو آهي. خاص طور تي عبدالواحد آريسر، رسول بخش پليجو ۽ عبدالقادر جوڻيجو سندس پسند جا ليکڪ آھن. جڏهن ته شاعرن ۾ کيس صرف ئي صرف لاکيڻو لطيف پسند آهي. فياض پنهنجي مزاج ۾ ماٺيڻو آهي، هن جو اعليٰ گُڻ اُهو آهي ته؛ هو زندگيءَ جي انيڪ مصروفيتن باوجود به ادب جي آڱر پڪڙيو بيٺو آهي، سندس نظر ۾ ادب زندگيءَ جو اعليٰ مقصد آهي، جيڪو نه صرف ماڻهوءَ کي هميشه زنده رکي ٿو، پر سماج ۾ منفرد سُڃاڻپ به ڏئي ٿو. هونئن به چوندا آهن ته محبت بازار جو سودو نه آهي جو هرڪو خريد ڪري سگهي، سو فياض احساسن ۽ جذبن جي ميلاپ سان مليل خوبصورت خيالن ۽ خوابن جي دنيا جو يگانو ماڻهو آهي. نئون ماڻهو جڏهن به ساڻس ملندو آهي ته سندس طبيعت پرکي کيس سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، پر ست سمنڊ گهري سوچ ۾ گم رهندڙ فياض ڪنهن کي به يڪدم انت نه ڏيندو آهي، پر پاڻ دوستن جي محفل ۾ سرگرم ۽ سمورن دوستن کي گڏ کڻي هلڻَ جي صلاحيت رکندڙ شخص آهي. توڙي جو سندس دوستن جو دائرو محدود آهي، پر زندگي کي زنده دلي سان گُذارڻ جو وٽس ڏانءُ آهي. پاڻ علمي ماڻهو رهندي خانگي اسڪولن کان خفا نظر اچي ٿو. ڇو ته اهو تعليم جو طبقاتي نظام ئي اڳتي هلي وڌيڪ طبقاتي نظام کي سگهارو ڪري ٿو، جنهن ڪري موجوده دور ۾ اڪثر ماڻهو طبقاتي نظام خلاف جدوجهد ڪرڻ بدران پاڻمرادو طبقو مٽائڻ جو خاموش انقلاب آڻين پيا. تاريخ گواهه آهي ته انقلاب هميشه خاموش ماڻهن ئي آندا آهن يا سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ”بيٺل پاڻي ٻوڙيندو آهي“ سو فياض جي خاموشيءَ جو به جلد بند ڀڄندو، علم ۽ ادب جو نئون انقلاب برپا ٿيندو. ڇو ته دنيا جي قومن جي پيڙهه (بنياد) تعليمي ڍانچي تي ٻڌل آهي ۽ اُهي علم، ادب ۽ شعور ذريعي پرکيا ويندا آهن.