بلاگنئون

اليڪشن، انقلاب جي صورت ناهي

انقلابن جو صورتون اهي ناهن جيڪي اسان وٽ آهن، اسان وٽ انقلاب اهو به آهي ته سياسي لبرل پارٽيءَ کي ووٽ نه ڪجي، پر ڪنهن مذهبي پارٽيءَ کي ووٽ ڪجي. هڪڙي پارٽيءَ کي ڇڏي ٻي پارٽيءَ کي ووٽ ڪجي، جيڪي پارٽيون اوتيل، پوتيل ۽ ڌوتل سياسي ۽ مذهبي پارٽيون آهن. انهن سياسي ۽ مذهبي پارٽين کي آزمائي آزمائي نسل هليا ويا، پر ڪا تبديلي ناهي آئي، ان ڪري هيل انهن پارٽين کي ووٽ نه ڪيو، پر سوال اهو به آهي ته جي انهن پارٽين کي ووٽ نه ڪيون ته پوءِ ڇا ڪيون؟ مثال انقلاب اهو به آهي ته هاڻي وري نئين پاڪستان جي نعري تحت عمران خان کي ووٽ ڪيون، پر اهڙو ووٽ به ڪري ڏٺوسين، ڪو کڙتيل نه نڪتو. وري زرداريءَ جي پارٽيءَ کي ووٽ ڪري ڏٺوسين ڪجھه نه وريو جو اڃان تائين ماڻهن کي روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جي لڳي پئي آهي، ماڻهن کي بنيادي سهولتون مهيا ناهن. مثال هيل تائين به شڪارپور شڪاگو نه ٿي، لاڙڪاڻو لنڊن نه ٿي سگهيو، يا ميرن جا ڳوٺ مليشيا نه ٿي سگهيا، وري نيون آباديون به نيوزيلينڊ نه ٿي سگهيون، پر هاڻي جي نوازشريف کي ووٽ ڪبو ته مَن اهو پاڪستان کي پيرس ڪري ڇڏي. ان ويچاري 1998 ۾ قرض اتارو ملڪ سنوارو جو نعرو ته ڏنو هو، پر ڪري نه سگهيو، پر مصيبت اها به آهي ته نوازشريف هن ڀيري به نابري واري ڇڏي آهي، چئي ٿو ته جي 9 مئي نه ٿئي ها ته ملڪ ترقي جي پل ٽپي هن ڀرِ هليو وڃي ها ۽ ملڪ ملير ٿي وڃي ها، پر هاڻي ڪجھه نه ٿيندو ۽ هي پاڻ مڃي ٿو ته هي هن ڀيري (نوازشريف) به وزيراعظم ٿيڻ ناهي آيو. حلانڪه اها به حقيقت ڏسڻ ۾ ٿي اچي ته ڪورٽون، عدليه، ايوان، عسڪري ادارا، سياسي ۽ مذهبي پارٽيون، فوجي اسٽيبلشيمنٽ ۽ ان سان لاڳاپيل ۽ سمهت سڀ جو سڀ پارٽيون هڪ پيج تي آهن، اهي سياسي گُرَ ڀلي ڀت سمجهن ٿا جيڪي عوام نه ٿو سمجهي ۽ ٻيو ته اهي سڀ سياسي ۽ مذهبي پارٽيون ڪٿي لبرل پاڪستان جا عشق کڻي ووٽن واري ڏينهن نڪري ٿا پون ته ڪي مذهبي جنون سوار ڪري اليڪشن جا رخ ٿا ڪن. اهي سمجهن ٿا ته واقعي ئي انهن جي هٿ ۾ آهي ته اهي ووٽ سان انقلاب آڻي سگهن ٿا، پر اهو فلسفو سمجهڻ جي اشد ضرورت آهي ته ووٽ سان رڳو سياسي پارٽين جي تبديلي ممڪن آهي، معنيٰ هڪ جو وارو ويو ۽ هاڻي ٻيو ايندو ۽ وري ٽيون ۽ ائين ئي رياست هلندي رهندي.
وري اليڪشن ويجهو ايندي ئي شهر جو ڀتيون ماڻهن سان ڳالهائن ٿيون. ڪٿي نوازشريف جي نعري هيٺان لکيل هوندو آهي ته ڪاليداس ۽ مفت شفاخانو، ڪٿي ايم ڪيو ايم جي ڀتين تي لکيل نعرن هيٺان اڌ اکري لکيل هوندو آهي ته ڪاري جادوءَ جي مصيبت مان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو، جتي جتي مريم نواز جا نعرا لکيل هوندا آهن اتي اتي اڳ ۾ ٻيا به نعرا لکيل هوندا آهن جن کي ڌار ڌار ڪري پڙهڻو پوندو آهي جو انهن سان گڏ محبوب توهان جي قدمن ۾ به لکيل هوندو آهي ۽ پي پي جي نعري سان گڏ بنگالي جادو، اتي وري جماعت اسلامي جي نعرن سان مرداڻا ڪمزوري جي حڪيمن جا نالا به لکيل هوندا آهن، ان ڪري اتي اتي اهي نعرا الڳ الڳ ڪري پڙهڻا ٿا پون. وري ڪٿي ڪٿي انهن ماڻهن، سياسي گروئن ۽ مذهبي اڳواڻن جي نعرن سان گڏ جنت جا اشتهار ۽ دوزخ جا دڙڪا به هوندا آهن. وري شهر جي جنهن به روڊ تان گذر ٿو ٿئي ته رڳو جهنڊن جي هوا کائڻي ٿي پئي ۽ رنگ برنگي جنهڊن جي ڇانوَ ۾ گذرڻ سان اهو احساس ٿو ٿئي ته هي ملڪ گھٽ ۾ گھٽ غريب ناهي، ڀلي پوءِ اهي غريب ماڻهو، فقير ۽ لاچار ڦاٽل ڪپڙا پائي گهمن، پر جهنڊن جا نوان ڪپڙا رڳو ڏسي سگهن ٿا. ٻي حقيقت اها به آهي ته گڏھه ۽ گهوڙو سدائين ساڳو ٿو رهي، پر ان جا آٿر مٽبا ٿا رهن. ان ڪري ووٽ ڪو انقلاب برپا نه ٿو ڪري سگهي، رڳو اهو آهي ته هڪ اڳواڻ کي نندي ٻئي کي چونڊي سگهجي ٿو. هڪ کي پوئتي ڪري ٻئي کي عوام هرو ڀرو ڪرسي آڇي سگهي ٿو، ڇو ته عوامي طاقت رڳو ڪرسي مٽائي سگهي ٿي، سسٽم مٽائڻ رياست جي وس ۾ به ناهي. رياستي مهندار اهو سمجهن ٿا ته عوام ڪجهھ به نه ٿو سمجهي، اهي اها ڳالهھ پڪي ڪيو ويٺا آهن ته هن ڀيري نوازشريف نه ايندو، ان ڪري اهي سڀ پوڙها ۽ کَکَ ملڪ جي ملڪيتن وانگي رياست ۽ سياست تي به قابض آهن. هرو ڀرو سياسي ضد ڪيو ويٺا آهن ۽ عوام چاهي ٿو ته سسٽم ڀلي ڪجهھ به هجي، پر عوام جي اڳواڻي هاڻي نوجوان رت کي سونپڻ گهرجي جيڪي گهٽ ۾ گهٽ ڪرپٽ ناهن. دنيا کي اهو نوجوان پنهنجي نظر سان ڏسن ٿا جيڪا رڳو نواڻ آهي، ان ڪري فرسودگي واري سياست به ختم ٿيڻ گهرجي. وري جيڪي به مومن مسلمان آهن اهي به اهو ٿا سمجهن ته ماضيءَ وانگي هيل به اسٽيبلشمينٽ محبوبيت جو اعلان ڪري چڪي آهي، رڳو اليڪشن نما سياسي نڪاح باقي آهي ۽ رڳو 8 کان 9 فيبروري ٿيڻ جي دير آهي ملڪ ملير ٿي ويندو.
جلسا “رينٽ آ ڪرائڊ” ٿي پيا آهن، معنيٰ ماڻهن کي ٽرانسپورٽ ڪري هڪ شهر مان ٻئي شهر ۾ آڻڻو ٿو پوي. ماڻهن کي اليڪشني خيراتي ڀت کارائي، مفت جي بسن ۾ چاڙهي، وڏيرا، شاھه، سيد، ڪاروباري ماڻهو، صنعتڪار، سرمائيدار انهن زرخريد ماڻهن کي طعنيٰ مهڻا ڏئي، ووٽن جي اسٽيشن ڏانهن مرغوب ڪن ٿا ۽ کٽي سوڀارو ٿا ٿين. وري ڪٿي ڪٿي مذهبي ۽ لساني عنصر به استعمال ٿئي ٿو جو ماڻهن کي اهو سمجهائن ته “هوجمالو” چئي الاتوهار ڪيو ۽ ووٽ ڪيو، پر حيرت اها به آهي ته جماعت اسلامي وارن سدائين ڪراچي ۽ مهاجر واري سياست ڪئي آهي، جيئن ايم ڪيو ايم تي زور پوندو آهي ته اهي به لساني سياست ڪندا آهن، تيئن هاڻي مذهبي فيڪٽر سان گڏ لساني سياست به ڪن ٿا، سمجهن ٿا ته اهي هر طبقي جي ماڻهن جو ڌيان ڇڪائي سگهندا ۽ ماڻهن ۾ جذبو ٻاري ماڻهن کان ووٽ وٺي سگهندا، پر ڪا به سياسي پارٽي عام ماڻهن جو ڪو به سطحي مسئلو حل نه ڪري سگهندي ۽ جنهن ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ کان وٺي، نوڪريون، بجلي، گيس ۽ ٽرانسپورٽ جا نظام صحيح نه ڪري سگهندا، يا اندروني ۽ بيروني مسئلا به حل نه ڪري سگهندا.
پيپلزپارٽيءَ جو شهرن ۽ ڳوٺاڻن ۾ امپريشن الڳ الڳ آهي، انهن ٻنهي هنڌن تي پارٽي جا ويسٽيڊ انٽريسٽ به ٻيا رهندا آيا آهن. مثال ڳوٺن ۾ جيڪي به پير، وڏيرا، مير، شاھه، سيد ۽ ٽيڪنوڪريٽ آهن اهي پنهنجي لائين سڌي ڪرڻ جي لاءِ هر ان پارٽيءَ جي وڪالت ٿا ڪن، جنهن ۾ انهن جا پنهنجا انٽريسٽ آهن. اهي سمجهن ٿا ته انهن ٽيڪنوڪريٽس جي هيل دال ڳري ويندي پوءِ اهي هيٺين ليول تي پنهنجي ليول سڌي ڪري انهن اٻوجھه ماڻهن جي آڏو وڪالت به ڪري ويندا ته پيپلزپارٽي صحيح آهي، وري جنهن جا انٽريسٽ نون ليگ ۾ آهن ته اهي نوازشريف جي مٿي تي هٿ رکي قسم کائڻ لاءِ به تيار آهن. جيڪي ايم ڪيو ايم کي پنهنجو ٿا سمجهن ته اهي پوءِ لنڊن واري جي هيل واري صلاح به نه ٿا وٺن ته لغڙ وارا سڀ جا سڀ چور، فريبي، وڪائو ۽ مارڪيٽ جا وکر آهن. عمران خان پوءِ به صحيح آهي، ان ڪري ته هيل ڪنهن ٻئي کي ووٽ نه ڪيو ۽ رڳو عمران خان کي ووٽ ڪيو، لغڙ کي ووٽ نه ڪيو ۽ جي ڪيو ٿا انهن جي پنهنجي حلف يافته ماڻهن کي ووٽ ڪيو. وري جنت جون ٽڪيٽون به ورهائجن ٿيون، پوءِ جيڪي چاهن ٿا ته پاڪستان هيل به جنت ٿي ويندو جيئن 2018 ۾ ٿي ويو هو ته هيل به اهي سڀ جون سڀ مذهبي پارٽيون پوءِ هڪ جهنڊي جي ڇانوَ ۾ اچي پاڪستان ۾ انقلاب آڻي سگهڻ جي قوت ساري سگهن ٿيون.
هڪڙي ٻي حقيقت به آهي ۽ جلسا ڪري دنيا کي وائڙو ڪرڻو هوندو آهي ته پاڪستاني عوام هاڻي جمهوريت جي لاءِ آتو ويٺو آهي، رڳو رياست ڪنجوسائپ ٿي ڪري ته 700 ڪروڙ ڊالر جيڪي بارود جي دونهين ۾ سڙي ٿا وڃن اتي اليڪشن جا رڳو 52 ارب روپيا جي ويا ته ڇا ٿي پيو؟ ڪهڙو عوام رياست کان اڪائونٽبلٽي ٿو گهري ۽ ڪنهن جو دم ناهي ته اهي سياست ۽ رياست کان سوال ڪن ته اهي ڪروڙين اربين روپيا ۽ ڊالر وڃن ڪاڏي ٿا؟ ڪهڙي بَلا ويٺي آهي جيڪا اهي ڊالر ۽ روپيا ڳهي ٿي وڃي يا هاڻي 300 ارب جي “جي ڊي پي” واري ملڪ جا نوان نوٽ ايندا ته پهرين جيڪي 300 ارب روپيا مارڪيٽ ۾ اڳ ئي پيا آهن اهي ڪاڏي ويندا؟ يا جڏهن اهي پيسا ٻيڻ ٿيندا ته زخيرا وڌي ويندا ته ڇا پوءِ مهانگائي ختم ٿيندي يا ڪجهھ جهڪي ٿيندي؟. اهي سوال عوام ڪڏهن انهن اڳواڻن کان نه ٿو پڇي ته گروئر (هاري) بک ٿو مري، پر بروڪر (واپاري) سکيو ويٺو آهي، پوءِ اٽو سستو ٿئي يا مهانگو، فائدو ڪنهن کي ٿيڻو آهي؟ اهي اليڪشن سان لاڳاپيل سوال ناهن، پر هنن سياسي پارٽين کي به انهن فرقن ۾ ورهائي کڻو، جيڪي جنتون ۽ دوزخ ورهائي ٿا ڏين، عوام انهن کي هاڻي ڪرسي به ورهائي ونڊي ڏيندو. عام پرسيپشن اهو به آهي ته عمران خان جي نفرت ۾ رياست ٻوٽيون حرام ۽ رهو حلال ڪيو ويٺي آهي، اهي سمجهن ٿا ته بغض معاويه ۽ حبِ علي تحت هيءَ رياست هيل به پي ڊي ايم ۾ ڪرسيءَ کي خيراتي ڀت سمجهي ورهائيندي.