بلاگنئون

سماجي ناانصافيون اسان جي سماج جي ترقيءَ لاءِ وڏي رنڊڪ بڻيل آهن!

اسان جو سماج اهڙو سماج آهي، جنهن بابت ناانصافين لکڻ لاءِ ويهجي ته پنا ئي کٽي پون. اسان جي اڻ برابريءَ واري سماج ۾ ماڻهو ماڻهو کي اهميت نه، پر پئسي کي اهميت ٿو ڏئي. اتي انساني جسم کي نه، پر پئسي کي طاقتور سمجهيو ويندو آهي. اسان وٽ سچ ڳالهائڻ جي همت پئسي واري ماڻهو کي آهي. جيڪڏهن غريب سچ ڳالهائي ته ان جي زبان ڪٽڻ جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي.
اسان جي اڻبرابريءَ واري سماج ۾ ته امير ۽ غريب جون بازارون به الڳ آهن. هر ڪٿي غريب کي پنهنجي حيثيت ياد ڏيارائي ويندي آهي. ڇا غريب جي ڪا حيثيت ناهي؟ يا ان وٽ دل ڪونهي؟ بس ان جي حيثيت صرف ان لاءِ گهٽ آهي ته ان وٽ پئسو ڪونهي. وڏي ناانصافيءَ جي ڳالهه هيءَ به آهي ته غريب ماڻهن کي هر دور ۾ رڳو آسرا ڏنا ويندا آهن. اسان جي سماج ۾ هڪ گهر جو گاڏو هلائيندڙ مزدور کي پنهنجي پورهئي جو جائز اجورو به نٿو ملي سگهي. اهو غريب پنهنجي ڀاتين جي هر خواهش ڪيئن ٿو پوري ڪري سگهي؟ تعليم مفت ته سرڪاري اسڪولن ۾ موجود آهي، پر ڪاليج ۽ اڳتي يونيورسٽين جون ڳريون فيون ۽ ڪتابن توڙي ٻين شين جي مد ۾ ايترا ڳرا خرچ غريب عوام ڪيئن ٿو برداشت ڪري سگهي. اهو صرف اهو سوچي سگهي ٿو، جنهن جي گهر ۾ محدود وسيلا هوندا آهن، ان گهر جو ڪو ٻارُ هڪ رول ماڊل ٿيڻ جا خواب ته ڏسڻ چاهي ٿو، پر مجبورين ۽ محرومين جا ڪيچ مڪران وارا ڏونگر سندن رستي ۾ رڪاوٽ بڻجي بيهي رهندا آهن. ڪاش وقت جا ارباب اختيار انهن بيحد ضروري ۽ بنيادي سهولتن کي غريب ۽ ڳوٺاڻي سماج جي عوام لاءِ سولو ڪري مهيا ڪن، ته جيئن عوام سولائيءَ سان زندگي گذاري سگهي ۽ انهن جو اولاد سماج ۾ ڪنهن وڏي منصب تي پهچڻ جا خواب ڏسي سگهي.
مان ته اهو به چوان ٿي ته اهي ووٽ وٺندڙ سياستدان به سماج ۾ عدل ۽ انساني برابري نٿا چاهين. ان جو هڪ مثال ته اسانجي سماج جي غريب طبقي کي امدادي پئسا ڏيڻ لاءِ سڄو ڏينهن رش ۾ رلايو ويندو آهي، جنهن دوران انڪم سپورٽ جي پئسن جي قسطن حاصل ڪرڻ لاءِ بئنڪن ٻاهران ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهي، الائي ڪيترا ماڻهو بيهوش ٿين ٿا ۽ پنهنجون جانيون به وڃائي ٿا ويهن. ان کان بهتر آهي آهي ته اهي انهن عورتن لاءِ هڪ ادارو کولين، جنهن ۾ انهن کي نوڪريون ڏنيون وڃن. انهن وٽ جيڪو هنر آهي، انهي حساب سان ڪم ڪري پنهنجي محنت سان ڪمائي سگهنديون، پر اسان جي سماج ۾ انهن ڳالهين تي سوچيو ئي نه ويندو آهي. هتي مظلوم غريب آهي.
هي اقتداري عهدا ۽ حڪومتون به عجيب شيون آهن، جن جي نازڪ ۽ دلڪش ادائن کي اسانجي سماج جو غريب عوام ڪڏهن سمجهي نه سگهيو آهي. جيڪڏهن اهي سياستدان توڙي ڪامورا ڪنهن غريب جي شاديءَ تي ويندا آهن ته ميزبان جو سڄو ڌيان ان هڪڙي شخص ڏانهن هليو ويندو آهي. اها ڳالهه سڀني کان وسري ويندي آهي ته هر آدميءَ جو احترام ڪرڻ اسان لاءِ هڪجيترو ضروري آهي. اهي ڳالهيون سوچيندي مون کي هيلن ڪيلر جو هڪ قول ياد ايندو آهي ته، “جيستائين عوام هڪ ٻئي جي ڀلائيءَ لاءِ ذميوارين جي احساس سان ڀرپور نه ٿيندو، تيستائين سماجي انصاف ڪڏهن به حاصل نه ٿي سگهندو.”
هتي اها ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته هي دور ملڪ جي نوجوان طبقي جو دور آهي. دنيا جي هر ملڪ جي ترقي ۽ مستقبل جي خوشحاليءَ جو دارومدار گهڻو ڪري نوجوان طبقي تي ئي هوندو آهي. جن کي اڳتي هلي قومي ذميوارين کي سنڀالڻو هوندو آهي. دنيا جي هر قوم پنهنجون اميدون نوجوان نسل سان ڳنڍي رکندي آهي، پر هتي اسان وٽ نوجوان نسل کي روزگار به وقت تي نٿو ملي. ان لاءِ سٺين مارڪن حاصل ڪرڻ کانپوءِ به سياستدانن توڙي سفارشن عيوض نوڪريءَ لاءِ ڌڪا کائڻا ٿا پون. سرڪاري ادارن ۾ نوڪريون ناهن، ته خانگي ادارن ۾ وري بهانا ڄاڻائي پنهنجن عزيزن رشتيدارن کي نوڪريءَ تي رکيو ويندو آهي. وري اسان جي خانگي ادارن، خاص ڪري خانگي اسڪولن وٽ ته اسان جي مادري زبان سنڌيءَ جي ڪائي اهميت ۽ حيثيت ناهي. اسان وٽ ماڻهو رڳو فرفر انگريزي ڳالهائي فخر محسوس پيا ڪندا آهن، جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ کان ڄاڻي واڻي ڪن لاٽار ڪري ڇڏيندا آهن. مونکي انٽرويو دوران محسوس ٿيو ته سنڌي ٻوليءَ کان انهن خانگي اسڪولن وارن کي ايڏو ڀئو ڇو ٿو ٿئي، ته خبر پئي ته انهن کي هوشيار ٻار اهي لڳندا آهن، جن کي رڳو انگريزي ايندي آهي. پنهنجي مادري ٻوليءَ طرف خانگي اسڪولن وارن جو اهڙو رويو ڏسي مون کي شيخ اياز جو هي بيت ياد آيو هو ته:
پنهنجي ٻوليءَ ۾ ميان، جي تون چوندين ماءُ،
توکي اهڙو ساءُ، ڏيندي ٻيءَ ٻولي ڪٿي!؟