بلاگنئون

طالبان اڄ به ساڳين طاقتن جي هٿ ۾ کيڏي رهيا آهن

هڪ اندازي موجب 2007 کان 2013 تائين ڌماڪن جو تعداد ٻيڻو هو، جيڪو 2001 کان 2005 تائين ايتري شدت ۽ گهڻائي وارو نه هو، ڇو ته لال مسجد واري آپريشن کانپوءِ ڪجھه مذهبي ڌريون اهي سڀ دهشت وارا ڪم ڪرڻ ۽ مڃڻ ۾ وڏيون اڳڀريون هيون، پر ان دوران هڪ اندازي موجب 100 کان وڌيڪ ماڻهن جي مارجي وڃڻ کانپوءِ حالتون وڌيڪ خراب ٿي ويون هيون، ڇو ته لال مسجد جي آپريشن کانپوءِ مذهبي گروھ افغانستان ۽ پاڪستان ۾ سي آءِ اي جي هجڻ تي جنرل مشرف ۽ افغان سرڪار تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندا هئا، ان ڪري جو اهي ٻئي ڌريون انهن گروهن جي پٺڀرائي ڪنديون رهنديون هيون. توڻي جو سي آءِ اي جو وڏو ارادو ۽ هدف رڳو پاڪستان کي خوار خراب ڪرڻ ۽ غير مستحڪم ڪرڻ هو. حيرت اها به هئي ته فوجي حڪومت هوندي پاڪستان سرڪار کي آمريڪي امداد ملندي رهي هئي. ان ڳالھه کان به انڪار ناهي ته سي آءِ اي جو نواز شريف جي حڪومت ڪيرائڻ ۽ مشرف کي آڻڻ ۾ وڏو هٿ هو. وري ٻئي پاسي يو ايس جي امداد ۾ اسپتالون، قدرتي آفتن جي ذمري ۾ مددون، غريبن جي لاءِ امدادي پيڪيج وغيره ڏيڻ به هو، پر اتي ڊرون حملن ماڻهن جي مت کسي ورتي هئي، ان جي موٽ ۾ آمريڪا وارن جي اها ڳالھه هوندي هئي ته اهي پاڪستاني عوام جي گهڻي عزت ڪندا آهن، پر خطي ۾ ڪجھه اهڙا عناصر (طالبان) به آهن جيڪي پاڪستاني عوام سان گڏوگڏ عالم انسانيت جي لاءِ خطري جو باعث آهن، ان ڪري يو ايس جا اهي ڊرون حملا جائز هئا ۽ ان ڪري اهي جاري رهندا آيا ۽ سي آءِ اي پنهنجو ڪم ڪندي رهي. سي آءِ اي جو اهو به چوڻ هو ته ڊرون حملا ڪنهن به طرح پاڪستاني عوام تي ناهن، پر طالبان جي ٺڪاڻن تي ڪيا پيا وڃن، جيڪي پاڻ پاڪستاني عوام تي حملن جون تياريون ڪندا ٿا وتن، پر اهڙن حملن ته پاڪستاني عوام ۾ جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون هيون. ان جي ابتڙ سي آءِ اي ته 2005 واري ڪشمير جي زلزلي ۽ 2010 واري مها ٻوڏ ۾ ماڻهن جي سر زمين تي لهي مدد ڪئي هئي ته جيڪو غلط اثر هو ان کي زائل ڪري سگهجي ۽ پاڪستاني عوام آمريڪا لاءِ مثبت خيال پيدا ڪري سگهي، پر اها ڳالھه ايتري به مبهم نه هئي ته سي آءِ اي ملڪي ايٽمي هٿيار سوگها ڪرڻ ٿي چاهيا، انهن جي چرپر تي پابندي هڻڻ پئي چاهي. انهن آمريڪي سختين ۾ اهو ضرور هو ته اهي ملڪي ايٽمي هٿيارن جي چرپر گھٽ ۾ گھٽ سي آءِ اي جي ڏس پتي ۾ رکي هلن. ان ڳالھه تي کڻي پت به ڪيون ته سي آءِ اي جو ڪو تڪڙو پلان نه هو، پر اهو ضرور هو (۽ آهي) ته ڪنهن به طرح ايٽمي پروگرام جهڪو ڪن، پر بينظير صاحبه جي شهادت کانپوءِ سي آءِ اي ان ڳالھه تي زور ضرور ڏنو ته پاڪستان جو ايٽمي پروگرام خطري ۾ آهي. آمريڪين سميت مغربي دنيا کي اها ڳڻتي هئي ته طالبان جي قبضي ۾ جيڪڏهن اهو پروگرام اچي ويو ته پوءِ دنيا جو خير ناهي. “ايڊورڊ سنوورڊ” جي رپورٽ مطابق ته پاڪستان تي واشنگٽن طرفان اها پابندي آهي ته پاڪستان خطرناڪ هٿيار جو سيل (WMD) نٿو ٺاهي سگهي، جنهن سان اهي پاڪستاني ايٽمي اثاثن جي نگهباني ۽ نگراني ڪندا رهن. اهي پاڪستاني بجيٽ تي به اک رکندا هلن ۽ ڳجھا انگ اکر به جمع ڪندا رهن ٿا ته رياست ايٽمي هٿيارن جي حفاظت جي لاءِ ڪيتري بجيٽ مختص ڪري ٿي جنهن سان ايٽمي اثاثا محفوظ رهن.

افغانستان سان به ساڳي ڪار رهي آهي، ظاهر شاھ 1933 ۾ افغانستان ۾ ڊگهي عرصي تائين بادشاهه رهيو، هو پنهنجي پيءُ نادر شاھ کي قتل ڪري تخت تي ويٺو. “لوئس ڊيپري” مطابق ظاهر شاھ ايڏو ڀلو حڪمران نه هوندي به 20 سال ڪڍي ويو. هن افغانستان کي مغرب ۽ سوويت يونين جي هٿ وس ڇڏي ڏنو، ايستائين جو هلمنڊ صوبي جي ندي تي پاور پروجيڪٽ ۽ واٽر ايريگيشين جا ڄار “سين فرانسسڪو” جي انجنيئرنگ فرم ٺاهيا ۽ ائين آهستي آهستي افغانستان مغرب مائل ٿي ويو ۽ انهن کي مداخلت جا موقعا ملندا رهيا. 1953 ۾ ظاهر شاھ جو سئوٽ محمد دائود خان وزيراعظم ٿي ويو، هلمنڊ واري منصوبي توڻي جو ترقي جا نوان باب شروع ڪيا، پر اتي افغانستان ۾ لبرل مائينڊ سيٽ جا دروازا به کولي ڇڏيا ۽ وزيراعظم دائود سوويت يونين جي لاءِ افغانستان جا دروازا کولي ڇڏيا، ايتري ۾ افغان سرڪار يو ايس ۽ سوويت يونين سان 1953 کان 1955 تائين مسلسل لاڳاپا بحال رکيا، آمريڪا کان هٿيار به وٺندو رهيو، وري دائود جي سرڪار 1956 ۾ روس کان 25 ملين ڊالر جا هٿيار خريد ڪيا جنهن ۾ توپون، هيليڪاپٽر، جنگي جهاز ۽ ننڍا وڏا هٿيار شامل هئا، جنهن کين سول وار جي ويجهو ڪري ڇڏيو ۽ يو ايس کي اها ڳالهه پسند نه آئي.

پر حقيقت اها به آهي ته يو ايس جي جنگ ڪيتري به سخت ڇو نه هجي، پر اساما بن لادن جهڙو ڊارمو، طالبان جي پيداوار، افغانستان جي جنگ هڪ زبردست ڊرامو ضرور هو، جنهن ۾ هنن جو هدف رڳو چائنا هو (۽ آهي) جنهن ۾ خطي جي لتاڙ جا انديشا واضح آهن، جنهن ۾ يو ايس کين خاص ۽ ڳجهي تربيت به ڏيندو رهي ٿو ۽ وقت ثابت ڪيو آهي ته اهڙا مجاهد آمريڪا جا زر خريد سپاهي آهن. جارجيا جي هڪ پروفيسر “جيفري سومرز” جي مطابق طالبان وري هاڻي پنهنجي پراڻي نوڪري ڏي واپس وريا آهن. پروفيسر “ڊيوڊ گبس” جو به اهو ئي چوڻ آهي. “انڊپينڊنٽ” اخبار جي عيوضي “رابرٽ فرسڪ” جي به اها دعويٰ آهي ۽ مورينٽ روزنڊلم جو اهو چوڻ به بجا آهي (جيڪو مڊل ايسٽ ۾ اخبار جو نمائندو آهي) ته سي آءِ اي اسامه بن لادن کي پنهنجي ڪيمپن ۾ برين واش ڪري پاليو هو، ڇو ته اهي سڀ افغان ٽائيپ عرب آهن، پر انهن جو عرب ملڪن سان ڪو به واسطو ناهي، اهي ويڙها سوويت يونين کان نفرت ڪرڻ وارا جوان جوشيلا جن جي پيٽ ۾ سي آءِ اي ۽ لوڪل ايجنسين جا ٽُڪر پيل آهن، اهي آمريڪا جا وفادار آهن. ان ڪري اهي جوان جيترا سلڇڻا سي آءِ اي جي لاءِ آهن، اوترا سوويت يونين جا يا چين جا نٿا ٿي سگهن. ملا عمر ۽ اساما بن لادن ۾ ڪو خاص فرق نه هو، اهي ٻئي سي آءِ اي جي پيداوار هئا، جيڪي دنيا جي خطرناڪ ترين ايجنسين جي چوڻ ۾ هئا. اهو به واضح آهي ته هر دور ۾ انهن افغانين طالبان ٽائيپ مجاهدن پنهنجون وفاداريون مٽايون آهن، پر گھڻي ڀاڱي پوءِ اهي سي آءِ اي جا رهندا آيا آهن. سلطنت عثمانيه جي ٽٽڻ کانپوءِ هن خطي ۾ برطانيا جو راڄ، سوويت يونين جو ٽٽڻ ۽ وري آمريڪا جي هڪ طرفي لڙائي ماڻهن جون متيون منجهائي ڇڏيون هيون، اسان ڪيترين ٻولين، مذهبي فرقن، ٽولن، گروهن ۽ جٿن ۾ ورهايل آهيون ۽ گهرو ويڙھ جا سامان پاڻ سان گڏ کنيو گهمون، ان ڪري سي آءِ اي کي سدائين وارو ملندو آيو آهي ته اها اسان کي استعمال ڪري. 1907 واري اينگلو رشين ايگريمينٽ جنهن هن خطي ۾ هنن افغانستان جو ڄڻ اهم ڪم ڪري ڇڏيو هو، ڇو ته جيترا گروھ ۽ جٿا ٻولين جي حوالي سان برصغير ۾ رهن اوترا ئي گروھ افغانستان ۽ بالٽڪ رياستن ۾ به رهن ٿا، ڇو ته افغان ۽ پختون پاڻ سڄي افغانستان جو 38 سيڪڙو به ناهن، پر پاڪستاني پختون آبادي کي ملائي اهي گريٽر پختونستان جو خواب ضرور ڏسن ٿا، جنهن سان خطي ۾ وري وڏي اڻ تڻ پيدا ٿيڻي آهي ۽ هنن جي ساٿ ۾ سي آءِ اي ٻِٽُ بيٺل آهي، ڇو ته انهن افغان آباديءَ ۾ هزارا ٻوليءَ جا 19 سيڪڙو ماڻهو رهن ٿا، جيڪي شيعا مسلڪ سان وابسطا آهن، جيڪي سي آءِ اي جي سياست جو ٽول ضرور آهن. انهن سان گڏ ايمڪ قبيلي جا ماڻهو، ترڪ، بلوچ، ازبڪ ۽ سنها ڀلها گروھ ۽ ٻيون ٻوليون الڳ ۽ سواءِ انهن افغان ۽ پختونن جي اتي ٻيا مذهبي گروھ به رهن ٿا، جيڪي سي آءِ اي جو آرام سان شڪار ٿي سگهن ٿا. اهڙي ثقافتي گهڻائي دنيا ۾ ترقيءَ جي ضامن هوندي آهي، پر اسان وٽ لساني، مذهبي ۽ ذاتيات جا فرق ڄاڻائي اسان ۾ گهرو ۽ سرد جنگيون پيدا ڪيون پيون وڃن. اسان جي خطي ۾ ملڪن جي ڊهڻ ۽ ٺهڻ جي پويان رڳو اهو فلسفو هوندو آهي هتي ماڻهن کي ويڙهائي حڪومتون ڪيون ويون آهن. اسان جي خطي جا ماڻهو ڊالرن جي چمڪ کي ڏسي ايمان پاسي تي رکيو ڇڏين ۽ فارين قوتن کي هر دفعي پاڻ تي حڪومت ڪرڻ جي دعوت ٿا ڏيون.