سنڌ جي تعليم کاتي ۾ سالن کان انصاف جا نعرا لڳندا رهيا آهن، پر جڏهن رياست پنهنجي ئي پڙهيل لکيل نوجوانن سان ناانصافي ڪري ته اهو درد تاريخ ۾ لکجي وڃي ٿو. هي درد تڏهن شروع ٿيو، جڏهن 2021 ۾ سنڌ ۾ تعليم کاتي PST ۽ JEST جون ڀرتيون IBA سکر جي حوالي ڪيون، نوجوانن هزارين اميدن سان ٽيسٽ ڏني، ڏينهن رات محنت ڪئي ۽ 40+ مارڪن سان ميرٽ تي پاس ٿي ويا. هي پاس ٿيڻ فقط مارڪن جو انگ نه هو، پر زندگيءَ جي تبديل ٿيڻ جو خواب هو، والدين جي محنت جو نتيجو هو ۽ سماج ۾ عزت حاصل ڪرڻ جو دروازو هو، پر افسوس 2021 کان 2025 تائين سندن خوابن جي چوڌاري اونداهو وڌندو ويو ۽ ناانصافيءَ جي ڪاري رات سندن زندگين تي قبضو ڪري وئي، پر افسوس جو سنڌ جا اُهي هزارين نوجوان، جيڪي 40+ مارڪن سان آءِ بي اي جي ٽيسٽن ۾ ميرٽ تي پاس ٿيا، انهن کي رياستي پاليسين، سياسي مداخلت، انتظامي غفلت ۽ عدالتي حڪمن جي لتاڙجڻ سبب شديد ناانصافيءَ جو نشانو بڻايو ويو. انهن جو آئيني، قانوني ۽ انساني حق کسي ورتو ويو. جڏهن ته سياسي بنيادن تي فيل اميدوارن کي پاس ڪري نوڪريون ڏنيون ويون. سنڌ جي تعليم کي تباھ ڪيو ويو، اسڪول بند پيا آهن، ٻار تعليم کان محروم آهن، پر ميرٽ پاس نوجوان در در جون ٺوڪرون کائي رهيا آهن. مسئلو اهو آهي ته هن سڄي عرصي دوران حڪومت عدالتي حڪمن، عدالتي مشاهدي، رپورٽن، احتجاجن ۽ زميني حقيقتن باوجود ان مسئلي کي حل نه ڪيو آهي، جنهن سبب ميرٽ جي لتاڙ، مايوس نوجوان ۽ تعليم جي تباهيءَ جو خوفناڪ ڏيک اڄ اسان جي اڳيان بيٺو آهي. ھاڻي ان ناانصافيءَ جو آخري حل اهو آهي ته فورن 40+ ويٽنگ اميدوارن کي آفر آرڊر جاري ڪيا وڃن، خالي پيل 20 هزار سيٽن تي ڀرتيون ڪيون وڃن، بند اسڪول کوليا وڃن، رٽائرمينٽ واري خلا کي 8 ھزار ويٽنگ ۾ ويٺل اميدوارن سان ڀريو وڃي ۽ عدالتي حڪمن تي بنا دير مڪمل عمل ڪيو وڃي. تعليم مستقبل آهي ۽ مستقبل نوجوانن کان شروع ٿئي ٿو. 2021 ۾ جڏهن IBA سکر شفاف ٽيسٽون ڪرايون ۽ هزارين نوجوان 40+ مارڪ سان پاس ٿيا، تڏهن انهن کي يقين هو ته اها ڀرتي سنڌ جي تاريخ ۾ سڀ کان صاف ۽ شفاف هوندي، پر آخر ۾ 8000 کان وڌيڪ نوجوانن کي ويٽنگ لسٽ ۾ رکي روڪيو ويو ۽ پوءِ ڪنهن قسم جو ڪو قدم نه کنيو ويو. 2021 جو سال انهن لاءِ اميد جو سال هو، پر 2022 کان 2025 تائين اهو سال درد، انتظار، مايوسي، احتجاج، عدالتن ۽ ناانصافين جو سلسلو بڻجي ويو.