پيپلزپارٽي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ لاڳاپا هميشه پيچيده رهيا آهن ۽ ڪيترن ئي موقعن تي سندن لاڳاپا اڻوڻت جو شڪار رهيا آهن. اها هڪ حقيقت آهي ته پيپلزپارٽي ڪڏهن به اسٽيبلشمينٽ جي مڪمل حمايت حاصل نه ڪري سگهي آهي. بينظير ڀٽو جون ٻئي حڪومتون ان وقت جي صدرن طرفان برطرف ڪيون ويون. موجوده دور ۾ 2024ع جي اليڪشن کانپوءِ پ پ مسلم ليگ (ن) جي اتحادي حڪومت کي عام طور تي اسٽيبلشمينٽ جي حمايت طور ڏٺو وڃي ٿو. ان ڪري ڪنهن وڏي اڻوڻت جي خبر سڌو سنئون پ پ ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ فوري طور تي سامهون نه آئي آهي. حڪومت ۽ پ پ جا پاڻ ۾ ننڍا اختلاف به سامهون ايندا رهن ٿا، جيئن دريائي پاڻيءَ جا مسئلا، اين ايف سي ايوارڊ جي ورهاست ٻنهي جي وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وري ختم ٿيندي به نظر اچي ٿي. تازو ڏٺو ويو ته 27 هين ترميم جي اچڻ کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر زرداري سان ملاقات کانپوءِ هڪدم ايڪس اڪائونٽ تي هڪ پوسٽ رکي جنهن ۾ 27 هين ترميم ۾ ممڪنه ترميمن جو ذڪر ڪيو. ان کانپوءِ اسان ڏٺو ته 27 هين ترميم جي اچڻ کان اڳ پيپلز پارٽي CEC جو ٻن ڏينهن جو اجلاس ڪرڻ کانپوءِ 27 هين ترميم منظور ڪرائڻ ۾ حڪومت جي مددگار بڻجي وئي.
ڏٺو وڃي ته بظاهر سياسي صورتحال ۾ ڪابه اڻوڻندڙ ڳالهه نظر نٿي اچي، پر ان هوندي به مستقل طور تي مختلف ٽي وي پروگرامن ۾، سوشل ميڊيا تي مختلف نالي وارن ولاگرن جي پوڊڪاسٽن ۾ ۽ ايم ڪيو ايم جي هڪدم متحرڪ ٿيڻ سان جتي ايم ڪيو ايم جي نالي ماتر قيادت پريس ڪانفرنسون ڪري اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته ڪراچيءَ ۾ شايد ايم ڪيو ايم جو اهو اوج حڪمراني هلي رهيو آهي، جيڪو الطاف حسين جي دور ۾ کين مليل هو. انهن سڀني ڳالهين هڪ نئين صورتحال کي جنم ڏنو آهي، جنهن سان ذهنن ۾ هڪ سوال پيدا ٿي رهيو آهي ته آخر پيپلزپارٽي کي ان طريقي سان نشانو ڇو پيو بڻايو وڃي؟ هن وقت جيڪا پاڪستان جي سياسي پارٽين جي صورتحال آهي انهن ۾ پيپلزپارٽي واضح طور تي هڪ جمهوري ۽ ترقي پسند سوچ رکندڙ پارٽي آهي. ڪيترين اوڻائين جي باوجود به پيپلزپارٽيءَ مان اڃان تائين اميدون ختم نٿيون ڪري سگهجن ۽ سنڌ ۾ پيپلزپارٽيءَ کي تمام گهڻي حمايت حاصل آهي.
عوام جي ڪجهه ناراضگيءَ جي باوجود به عوام وٽ پ پ کان علاوه ٻيو ڪوبه آپشن ناهي. وفاق ۽ سنڌ وچ ۾ ڪئنالن جي معاملي تي ڇڪتاڻ رهي ۽ پوءِ اين ايف سي ايوارڊ تي به پ پ هڪ مضبوط اسٽينڊ ورتو آهي، جيڪا يقينن اسٽيبلشمينٽ جي خلاف ناهي، پر وفاقي حڪومت تي دٻاءُ وڌائي ٿي، جنهن کي هن وقت اسٽيبلشمينٽ جي مڪمل حمايت حاصل آهي. ان کان علاوه بلاول ڀٽو زرداري جون ڪجهه تقريرون اڪثر ڪري طاقت جي مرڪزن تي تنقيد سمجهيون وڃن ٿيون. جيئن ارڙهين ترميم لاءِ سندس هڪ جملو ته ڪنهن جي پيءُ ۾ به طاقت ناهي جو ان کي ختم ڪري سگهي. تجزيه نگارن جو به اهو ئي خيال آهي ته وفاقي اتحاد مڪمل طور تي مستحڪم ناهي ۽ اهو ڪيڏي مهل به ختم ٿي سگهي ٿو، جنهن کانپوءِ پ پ تي دٻاءُ وڌي سگهي ٿو. هن وقت پيپلزپارٽيءَ کي ڄڻ مختلف طريقن سان تجزيه نگارن طرفان خوفزده ڪيو پيو وڃي. جنهن ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو پيو وڃي ته جيڪڏهن 28 هين ترميم ۾ پيپلز پارٽي تعاون نه ڪيو ته اميونٽي صرف صدر کي مليل آهي، بلاول ڀٽو زرداري، سندس پڦي فريال ٽالپر ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي اها اميونٽي حاصل ناهي. سنڌ جي عوام جو سوال آهي ته آخر بلاول، فريال ٽالپر ۽ سيد مراد علي شاهه کي ان طريقي سان بليڪ ميل ڇو پيو ڪيو وڃي؟ ڇا واقعي انهن جون ڪي اهڙيون ڪمزوريون اسٽيبلشمينٽ جي هٿ ۾ آهن جو اهي سنڌ جي مفادن جي سودي جي لاءِ استعمال ٿي سگهن ٿيون؟ ڇو ته هن وقت سنڌ جي عوام کي ايم ڪيو ايم هٿان صوبي کي ورهائڻ جون ڌمڪيون ڏياريون پيون وڃن، جيڪو ڪم ايترو سولو ناهي، پر شايد ان جي پٺيان اين ايف سي ايوارڊ جي ورهاست ئي نظر اچي ٿي.
ايم ڪيو ايم هن وقت سڀني کي خبر آهي ته صرف اسٽيبلشمينٽ جي هٿيار طور استعمال ٿيندڙ پارٽي بڻجي چڪي آهي، جنهن وٽ عوام جو ڪوبه مينڊٽ ناهي. ايم ڪيو ايم کي هن وقت ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪم کان به خوفزده نظر اچي رهي آهي. پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ جي هڪ مضبوط سياسي پارٽي آهي، جنهن کي صوبي سنڌ ۾ تمام مضبوط بنياد حاصل آهي. يقينن وفاق پيپلزپارٽيءَ سان سڌيءَ طرح وڙهڻ جي حالت ۾ به ناهي ۽ اهڙي وقت ۾ جڏهن پاڪستان جي ٻن صوبن ۾ حالتون نازڪ آهن، اهڙي وقت ۾ آخر حڪومت کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪير ڪري رهيو آهي؟ ڇو ته جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ ۽ پ پ جي وچ ۾ سمجهوتو ختم ٿي وڃي يا مرڪزي اتحاد ٽٽي ٿو پوي ته سنڌ ۾ به پارٽيءَ کي وڏن سياسي دٻائن کي منهن ڏيڻو پوندو ته مرڪز ۾ به (ن) ليگ کي تمام سخت سياسي دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پوندو. اهڙي صورتحال ۾ فائدو ڪنهن کي ٿيندو. ڏسڻو اهو آهي ته ان سڄي صورتحال مان آصف علي زرداري پنهنجي سياسي جادوگريءَ سان پ پ کي ڪيئن ٿو ڪڍي. ڇو ته هن وقت آصف علي زرداري پاڪستان جو صدر به آهي ۽ مرڪز ۾ پيپلزپارٽي حڪومت جي اتحادي به آهي.