خواجه سرائن سان امتيازي سلوڪ غير اسلامي قرار

اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبلا اياز چيو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 35 ۾ خواجه سراءِ سميت خاندان جي هر فرد کي تحفظ حاصل آهي. خواجه سراءِ به اسان جي سماج جو حصو آهي انهن جي مسئلن جي حل لاءِ معاشري جي تمام طبقن کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، وفاقي محتسب پاڪستان جي عام شهرين کي محنت ۽ ترت علاج فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هو وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ ۾ خواجه سرائن جي حوالي سان هڪ تقريب ۾ خطاب ڪري رهيو هو. تقريب ۾ سينيٽر روبينا خالد، وفاقي محتسب جي سيڪريٽري محمد اصغر چوڌري ۽ ٻيا حڪومتي نمائندا شامل هئا. ڊاڪٽر قبلا اياز چيو ته خواجه سراءِ سان امتيازي سلوڪ سخت گناهه آهي. انهن کي معاشري جو مفيد شهري بنائڻ ۾ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڪائونسل خواجا سرائن جي حوالي سان سفارشون حڪومت پيش ڪندي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments