جاپان حڪومت پاران نابينن جي اسڪول لاءِ بريل جو تحفو
جاپان جي ڪائونسل جنرل توسيڪازو آئسومورا پنهنجي رهائش گاهه تي هڪ ميمورينڊم سائن ڪيو جنهن مطابق جاپان حڪومت پاڪستان ايسوسئيشن آف بلائينڊ کي بريل مشين جو تحفو ڏيندي. پروجيڪٽ مطابق جاپان حڪومت PAB کي 88220 ڊالر مهيا ڪندي جنهن مان 4 بريل ڊسپلي، 4 بريل پرنٽر ۽ بريل پيپر سان گڏ سافٽ ويئر ورتا ويندا. PAB جو بنياد 1960 ۾ وڌو ويو ته جيئن نابين ماڻهن کي به ملڪ جو ڪارآمد شهري بڻائي سگهجي. ان موقعي تي ڳالهائندي جاپان جي ڪائونسل جنرل چيو ته هن فنڊ جي ذريعي ايندڙ مشين سان نوان درسي ڪتاب تيار ٿي سگهندا، جيڪي هر سال ملڪ اندر 12000 ماڻهن جون تعليمي گهرجون پوريون ڪري سگهندا. پي اي بي جي جنرل سيڪٽري عامر اشرف اداري جي ڪم بابت ڳالهائيندي چيو ته پي اي بي جو ادارو ملڪ ۾ 50 سينٽرن تي ٻڌل آهي جيڪو نابين ماڻهن جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي هن چيو ته جاپان جي هيءَ مدد اسان جي اداري کي وڌيڪ سگهارو بڻائيندي. جنهن سان ان جي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت کي وڌائڻ ۾ هٿي ملندي.

