ايڊيٽوريلنئون

سنڌ حڪومت جي صحت کاتي ۾ بهتر ڪارڪردگي جي دعويٰ

            بلاول ڀٽو زرداري 13 جنوري 2025ع تي رٿ فائو سول اسپتال ڪراچي ۾ هڪ اين جي او پاران ٽيلي ميڊيسن سيٽلائيٽ سينٽر جي ڪنٽرول روم جو دورو ڪيو ۽ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري سنڌ صوبي اندر صحت جي کاتي جي ڪارڪردگي کي باقي ٽن صوبن کان بهتر هجڻ جي دعويٰ ڪئي ۽ اهو پڻ چيو آهي ته سنڌ صوبو صحت جي شعبي ۾ باقي ٽن صوبن جي لاءِ هڪ مثال آهي. ڇو ته سنڌ حڪومت صحت جي کاتي ۾ انقلابي قدم کنيا آهن جن جي شروعات اڄ کان 15 سال پهرين ڪئي وئي جڏهن ارڙهين ترميم منظور ڪري صوبن جا اختيار وڌايا ويا. ان کانپوءِ سنڌ حڪومت اين آءِ سي وي ڊي، گمبٽ هاسپيٽل، ايس آءِ يو ٽي جي فنڊنگ، انڊس اسپتال، ٻهراڙين ۾ صحت جون سهولتون وڌائڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو، جنهن جو مثال هن وقت ٻين صوبن ۾ نٿو ملي. سنڌ صوبي ۾ جيري جي تبديلي جهڙا انتهائي مهانگا آپريشن مفت ڪيا ٿا وڃن جن ۾ ڪروڙين رپين جو خرچ اچي ٿو، جيڪو سمورو خرچ سنڌ سرڪار ادا ڪري ٿي. دل جي بيمارين ۾ پڻ سنڌ صوبو باقي صوبن کان گهڻو اڳتي آهي. سنڌ ۾ موجود اين آءِ سي وي ڊي پوري صوبي اندر اسپتالن جو هڪ ڄار وڇائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ غريب عوام کي بنا ٽڪي خرچ ڪرڻ جي لکين رپين جون دوائون مفت ملن ٿيون ۽ سندن مفت آپريشن ڪيا وڃن ٿا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو اها ڳالهه فخر سان ٻڌائي سگهجي ٿي ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۾ سنڌ وفاق کان پڻ گهڻو اڳتي آهي. جنهن جو اعتراف وفاقي سرڪار ڪندي رهندي آهي.

            هاڻي وفاقي سرڪار پڻ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي وفاقي منصوبن اندر لاڳو ڪرڻ شروع ڪري رهي آهي. ان سان گڏ هن ان ڳالهه جو به اعتراف ڪيو ته صحت جي شعبي ۾ اڃان بهتري جي ضرورت آهي. وسيلن جي کوٽ به هوندي آهي ان جو ذميوار به هو وفاق کي سمجهي ٿو. سندس چواڻي ته وفاق سنڌ کي هميشه سندس حصي کان گهٽ ناڻو ۽ گهٽ وسيلا مهيا ڪري ٿو جنهن جي ڪري سنڌ صوبو مختلف ترقياتي منصوبا ۽ عوامي خدمت جا منصوبا جنهن ۾ تعليم ۽ صحت شامل آهي شروع ڪرڻ ۽ جاري رکڻ ۾ مشڪلات جو منهن ڏسي ٿو. جنهن ڳالهه جو ذڪر هن بار بار ڪيو جنهن جي باري ۾ هن يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا جي رپورٽ جو ذڪر به ڪيو آهي ته پوري ملڪ جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ نومولود ٻارن جي موت جي شرح ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي. سندس چواڻي ته پوري ملڪ ۾ نومولود ٻار جي موت جو تناسب 14 سيڪڙو آهي جڏهن ته سنڌ صوبي اندر اها شرح صرف 12 سيڪڙو تائين گهٽجي چڪي آهي. هن اهو به چيو ته سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار ۽ آغا خان اسپتال ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار جي والده جي سماجي حالت ۾ زمين آسمان جو فرق هوندو آهي. سرڪاري اسپتال ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار جي ماءُ کي جيڪا کاڌ خوراڪ ملندي آهي ان جي ڀيٽ ۾ آغا خان هاسپيٽل ۾ ايندڙ ماءُ جي رهڻي ڪهڻي، کاڌ خواڪ، خوشحالي کي سرڪاري اسپتال ۾ ايندڙ ماءُ جي خوشحالي سان ڀيٽ نٿو ڪري سگهجي ان جي باوجود سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ نون پيدا ٿيندڙ ٻارن جي موت جي شرح آغا خان اسپتال ۾ پيدا ٿيندڙ ٻارن جي شرح به گهٽ آهي. جڏهن کانئس پڇيو ويو ته ٿرپارڪر ۾ ٻارن جي موت جو تناسب باقي سنڌ کان وڌيڪ آهي ان طرف اوهان ڌيان نٿا ڏيو، ان جي باري ۾ به سندس چوڻ هو ته ڪجهه ميڊيا خبرون وڌائي شايع ڪري ٿي ۽ ڪجهه ٿرپارڪر جي غربت وارين حالتن جو عمل دخل به آهي.

            اسين سمجهون ٿا ته صحت کاتي ۾ سنڌ صوبي جون ڪوششون قابل تحسين آهي ۽ جيڪا دعويٰ بلاول ڀٽي ڪئي آهي انهيءَ ۾ ڪافي سچائي موجود آهي. ان سان گڏ اسان جي تجويز سنڌ سرڪار کي اها به آهي ته سنڌ اندر پيدا ٿيندڙ ٻارن جي شرح ۾ اضافو ٿي رهيو آهي جنهن جي ڪري ايندڙ ڪجهه سالن کانپوءِ آبادي وسيلن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وڌنڌي ان طرف پڻ سنڌ سرڪار کي ڌياڻ ڏيڻ گهرجي. آبادي کي ڪنٽرول رکڻ جي لاءِ جيڪي به بهتر قدم کڻي سگهجن ٿا جنهن ۾ عوام ۾ سجاڳي گهٽ ٻار پيدا ڪندڙ جوڙن جي لاءِ انعام ۽ ننڍي عمر جي شادي کي روڪڻ جي لاءِ موجود قانون جو بهتر استعمال جهڙا قدم کڻي سنڌ جي آباديءَ کي به مناسب ڪنٽرول ۾ رکي سگهجي ٿو، جنهن سان سنڌ جو مستقبل سنوارجي ويندو.