لاڙڪاڻي ۾ سيپڪو وڻن کي بجليءَ جو ٿنڀو بڻائي ڇڏيو
لاڙڪاڻي ۾ سيپڪو پاران ڪريل وڻن کي بجلي جي ٿنڀن جي جاءِ تي استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. هن قسم جي وڻن کي بجلي جي هاءِ پاور جي تارن تي استعمال ڪيو پيو وڃي. ڏسڻ ۾ ته اهو هڪ فنڪار جو ڪارنامون نظر اچي رهيو آهي، جنهن ڄڻ ته هيٺ ٿيندڙ تارن کي مٿي رکيو آهي پر جيتوڻيڪ ان وڻ تي استعمال ٿيل بريڪيٽ سان لڳي ٿو ته اهو ڪنهن تجربي ڪار ٽيڪنيشن ڪنهن انجنيئر جي باقائدي اجازت سان ئي ڪيو آهي. واضح رهي ته لوهه جا ٿنڀا برسات ۽ ٻوڏ جي صورت ۾ ۽ ان کان علاوه باهه لڳڻ جي صورت ۾ ڪارآمد رهي سگهن ٿا. هن قسم جي حالت ڏسي لاڙڪاڻي جي ڊي سي ڪاشف علي ٽيپو سيپڪو کي ليٽر لکيو ته اهو هن قسم جي سڀني وڻن جي جاءِ تي لوهه جا ٿنڀا لڳرائي ته جيئن ڪنهن حادثي جي صورت ۾ جاني نقصان کان بچي سگهجي.