پوليس 13 گم ٿيل ٻارن کي ڳولڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪري: سنڌ هاءِ ڪورٽ

گم ٿيل ٻارن جي بازيابي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ٿيل پٽيشن ۾ ٻن حصن تي ٻڌل بينچ ۾ هاءِ ڪورٽ پاران پوليس کي چيو ويو ته اها گم ٿيل 13 ٻارن جي بازيابي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪري. هڪ اين جي او پاران اها پٽيشن 2012 ۾ داخل ڪرائي وئي هئي، اين جي او پاران موقف اختيار ڪيو ويو هو ته پوليس هن ڏس ۾ جوڳا اپاءُ نه ورتا هئا. جنهن ڪري ڪيترن ئي ٻارن جي زندگي به داءُ تي لڳل آهي. ڪجهه وقت اڳ سنڌ جي آءِ جي هڪ رپورٽ جمع ڪرائي هئي جنهن ۾ چيو ويو ته ڪل 19 ٻار اغوا ٿيا جن مان 6 ٻار بازياب ڪرايا ويا آهن ۽ 13 اڃان به لاپتا آهن. ڪورٽ ٻڌڻي ۾ پوليس کي چيو ته اها وڌيڪ ٻارن جي بازيابي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪري.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *