پاڪستان افغان مهاجرن کي وطن موڪلڻ لاءِ آمريڪا جي مدد گهري ورتي

جمعي واري ڏينهن پاڪستان پاران آمريڪا کان گهر ڪئي وئي ته  آمريڪا  پاڪستان جي مالي امداد ڪري جيئن اهو   افغان مهاجرن کي عزت سان وطن واپس موڪلي سگهي. صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي داخلا واري وزير احسن اقبال چيو ته 30 لک مهاجرن ۾ اهو معلوم ڪرڻ ته ڪير دهشتگردي ۾ ملوث آهي ۽ ڪير پرامن ماڻهو آهي اهو نا ممڪن ڪم آهي. پاڪستان پنهنجي سر زمين تي دهشتگردن جو خاتمو تڏهن  ممڪن بڻائي سگهي ٿو جڏهن ان کي پنهنجي زمين تي مهاجرن کي سنڀالڻو نه پوي. هن چيو ته آمريڪا سرد جنگ کان بعد پاڪستان کي اڪيلو ڇڏي ڏنو هو. هاڻي به اسان تي الزام لڳائڻ بجاءِ اسان کي انهن 30 لک مهاجرن جي واپسي لاءِ مالي مدد فراهم ڪئي وڃي.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments