ڪهاڻيونڪهاڻيون

ڪهاڻي: خالي گهرن جو خط

سخت گرمي ۾ مون کي جڏهن به اڃ لڳندي هئي ته مان شهر جي هڪ بنگلي جي ڀت تي رکيل پاٽ ۾ پيل پاڻي مان اچي پاڻي پيئندو هئس. ان ننڍڙي چيلهه جيتري ڀت تي رکيل ٺڪر جي پاٽين ۾ ھڪ ٽيھن سالن جي خوبصورت عورت روز  چانور، دال ۽ پاڻي وجهي رکندي هئي.

مان سڄو شهر ڦري ٻنپهرن جي نٽهڻ اس ۾ روز هن ڀت تي اچي ويهندو هئس. منهنجي اچڻ کان اڳ ئي پاٽين ۾ پاڻي، داخل ڀت رکيل هوندا هئا.

ان خوبصورت ڳوري عورت کي جيڪا چهري کان ئي ديالو ٿي لڳي کيس  ٺڪر جي پاٽين ۾ دال ڀت ۽ پاڻي وجهي رکندي سال کان مٿي جو عرصو ٿي ويو هو.

مون کي به سندس گهر جي ڀت تي رکيل ٺڪر جي پاٽين مان دال ڀت کائڻ ۽ پاڻي پيئڻ جي عادت ٿي وئي هئي.

مان هن خوبصورت ۽ ديالو عورت جي گهر جو ڄڻ ڀاتي هجان.

سڄو سال مان سندس هٿ جو ردل دال ڀت کائيندو ۽ پاٽ ۾ وڌل پاڻي پيئندو رهيس.

هڪ ڏينهن منهنجي ساٿي ڪانگي مونکي چوڻ لڳي: هل ته پاڻ ڀر واري شهر هلون، منهنجي آنن لاھڻ جو وقت به ويجهو آهي، پاڻ اتي هلي، باغ جي ڪنهن وڻ ۾ آکيرو به ٺاهي وٺنداسين.

منهنجي دل ته هي شهر ۽ هن ديالو عورت جي هٿ جو دال ڀت پاڻي ڇڏي وڃڻ جو نه پئي چيو، پر منهنجي ساٿي ڪانگي جي آنن لاهڻ جو وقت ويجهو اچي ويو هو، آکيرو ٺاهڻ ۾ مون کي سندس مدد به ڪرڻي هئي، جنهن ڪري مان ٻئي ڏينهن ساڻس گڏجي ڀر واري شهر هليو ويس.

اتي پهچي هڪ باغ ۾ انب جي وڻ ۾ آکيرو ٺاهيوسين ڪجھ ڏينهن بعد منهنجي ساٿي ڪانگي آنا لاٿا.

ٻئي شهر اچڻ بعد مون کي ان ديالو عورت جي ياد روز ايندي هئي، پر ساٿي ڪانگي جي آنن لاهڻ بعد انهن جي وڏي ٿي اڏري وڃڻ تائين منهنجو ساڻس رھڻ ضروري هو.

نيٺ ڪجھ عرصي بعد ٻچا آکيري مان اڏري فضا ۾ پنهنجي زندگي جي پهرين اڏام ڀري نڪتا ته مان ساٿي ڪانگي کي واپس ساڳئي شهر هلڻ لاءِ چيو ۽ هوءَ راضي ٿي وئي.

هڪ ڏينهن اسان صبح ساجهر اڏري ٻنپهرن جو ان ساڳي شهر پهچي هڪ نم جي وڻ ۾ پنهنجي آکيري جي جاءِ ڳولهي تنهن تي اچي ويٺاسين، مان ساٿي ڪانگي کي آکيري ۾ ڇڏي ان خوبصورت ۽ ديالو عورت جي گهر جي ڀت ڏانهن اڏري پيم.

ڀت تي لھڻ بعد ڏٺم ته هتي رکيل ٺڪر جون پاٽيون جيڪي اڳ دال ڀت ۽ پاڻي سان ڀريل هونديون هيون اڄ خالي پيون هيون.

بنگلي جا در دريون بند هئا، چئني پاسي هوائون سرٻاٽ هو، بنگلي ۾ لڳل ٻير ۽ نم جي وڻ مان زرد ٿيل پن بنگلي جي چوڦير پکڙيک هئا.

پاڙي جا سڀئي گهر خالي پيل هئا، جيستائين نگاهه ٿي وئي ڪوبه ماڻهو نظر نٿي آيو، ڪالوني جي خالي روڊ تي پن هوا تي اڏري رهيا هئا.

گهرن جي خالي هئڻ سبب چئني پاسي هڪ خوف ڏياريندڙ خاموشي ڇانيل هئي.

اهو سڀ ڏسي منهنجو من تڙپي اٿيو ۽ مان سوچڻ لڳم: “هنن گهرن جا رهاڪو ڪيڏانهن ويا، سڀني گهرن جا در دريون بند آهن، سڄي ڪالوني سنسان پئي آهي، منهنجي وڃڻ بعد ڇا ٿيو۔۔۔؟

ڪيڏانهن وئي اها ديالو عورت جيڪا منهنجي لاءِ روز ٺڪر جي پاٽين ۾ دال ڀت ۽ پاڻي وجهي رکندي هئي.

اڄ مان بنگلي جي ان ڀت تي ويهڻ بعد جتي مان روز اچي دال ڀت کائيندو ۽ پاڻي پيئندو هئس ان ديالو عورت کي ياد ڪري هنجون هارڻ لڳم.

گهڻي دير ان ڀت تي ويٺو سوچيندو رهيس، سج جا ڪرڻا هيٺ لهي ويا هئا مان نير وهائڻ بعد واپس پنهنجي آکيري ڏانهن اڏرڻ لاءِ، پر ساهي رهيو هئس.

سج الهي ويو هو، پارسي ڪالوني جي هنن بند گهرن ۾ ڪوبه ماڻهو نه هئڻ سبب نه ڪنهن گهر جو بلب ٻريو ۽ نه ڪا روشني ڪٿان نظر آئي.

سڄي ڪالوني اونداهي ۾ گهيريل هئي.

مان ڀت تان اٿڻ وارو ئي هئس ته اوچتو ئي بنگلي جي هڪ وڏي ڪاٺي جي در جي کلڻ جو چيڪاٽ ٿيو، مان در ڏانهن ڏسڻ لڳم، ڏسان ته در اندران اها ديالو عورت هڪ خوبصورت گلابي جوڙي ۾ ٻاهر آئي ۽ مون کي ڏسي چوڻ لڳي: تون ڪيڏانهن هليو ويو هئين مان ته روز تنهنجي لاءِ دال ڀت ۽ پاڻي پاٽين ۾ وجهي رکندي هئس.

مان کانئس ڪنڌ نمائي معافي گهري ۽ کيس پنهنجي مجبوري ٻڌائي، تنهن بعد هوءَ مون کي چوڻ لڳي: “اي ڪانگا تون منهنجو هڪ ڪم ڪر، منهنجي گهر جي ڀاتين ۽ هن ڪالوني جي ماڻهن کي وڃي اهو خط ڏيئي آ، جيڪي  وڃي پرديس وسائي ويٺا آهن، کين اهو به ٻڌائي اچ ته توهان جا خالي گهر توهان کي ياد ڪري رهيا آهن.”

اهو چئي هوءَ هڪدم غائب ٿي وئي ۽ مان به ڀت تان اڏري اچي پنهنجي آکيري ۾ پهتس، منهنجي اکين مان نير وهيل ڏسي منهنجي ساٿي ڪانگي مونکان پڇڻ لڳي: “تنهنجي اکين مان نير ڇو پيا وهن…؟

مان کيس سڄي ڳالھ ڪري ٻڌائي ۽ هوءَ چوڻ لڳي: “پاڻ صبح سوير انهن خالي گهرن جي گهر وارن کي سندن گهرن جو خط پهچائي اينداسين.”

مان خوش ٿي چهنڀ ملائي کيس پيار ڪيو.

اسان ٻئي ڏينهن صبح ساجهر انهن خالي گهرن جي گهر وارن کي سندن  “خالي گهرن جو خط” ڏيڻ لاءِ آکيري مان فضا ڏانهن اڏري وياسين.

***