گذريل ھفتي آفيس پئي ويس ته صاحبن جي صاحب: صاحب خان ڀنڊ سان فون تي رابطو ٿيو. پڇڻ لڳو ته ڇا پوزيشن آھي؟ ٻڌايومانس ته آفيس پيو وڃان. چوڻ لڳو ته منھنجي نوڪري رات جي ٽائيم آھي ۽ ھاڻي فارغ ٿي گھر ٿو وڃان. چيومانس گھر نه وڃ، آفيس اچ ته توکي ڪا چانھه جي چسڪي پياريان، حال احوال به ڪيون، ڇو ته ڪافي عرصو ٿيو آھي جو ملاقات ناھي ٿي. انھي بھاني موندر لاکائي پنھنجي سٿ جي ساٿي ويرڻ سائين جي ھلڪي ڦلڪي گلا به ڪيون. صاحب خان آفيس آيو، ڪچھري ٿي. ڪتابن کان شروع ٿيل ڪچھري ڪتابن تي ختم ٿي ۽ گلا وارو سيشن نه ڪري سگھياسين. ڪچھري ۾ پڇيائين ته تو اسحاق انصاري جو ناول خالي بينچ پڙھيوآھي؟ مون چيو پڙھيو ناھي، پر ٻڌائي ته آھي ڇا تي؟ چيائين ته ڪيمپس لائيف تي آھي. چيومانس ته جيڪڏهن ائين آھي ته پوءِ گھرائي پڙھان ٿو. سو ڪتاب گھرايم ۽ چوويھن ڪلاڪن ۾ پڙھي پورو ڪيم. صاحب خان کي اڄ خبر پوندي تي مون سندس ٻڌايل ڪتاب پڙھي پورو ڪري ڇڏيو.
حسب معمول ڪتاب تي پنھنجو رايو ڏيڻ کان پھرئين آئون ڪتاب جي مختصر ڪھاڻي لکان ته جيئن جن ماڻھن ڪتاب نه پڙھيو آھي انھن کي پوري ڪھاڻي جي خبر پوي !
ھن ناول جي ڪھاڻي ٻن فردن: ثاقب ۽ ساحره جي ارد گرد ڦري ٿي. ٻئي يونيورسٽي جا شاگرد آھن، پر ڪلاس فيلوز ناھن. ٻئي ڄڻا يونيورسٽي ۾ پڙھائي دوران مختلف قسم جي راندين ۽ ٻين تفريحي مشغلن ۾ رڌل رھن ٿا. پڙھائي دوران خير سان ھڪ ڏينھن به ڪلاس نٿا وٺن ۽ سڄو وقت ڪچھرين ۾ تباھ ۽ برباد ڪري ٿا ڇڏين. سڄو ڏينھن ڪچھرين کانپوءِ وري ڊائري، فون، خطن ۽ ڪيسيٽن جي رڪارڊنگ ذريعي ڳالھين ۽ ڪچھرين جو نه کٽندڙ سلسلو جاري رکن ٿا. ڪھاڻي مان معلوم ٿئي ٿو ته ثاقب ھڪ غريب ڪلارڪڙي جو پٽ آھي. غريب ڪلارڪڙڪي کي الله جي ڏني منجھان خير سان ٻيا به ڏھ ٻار آھن. غربت جي ڪري ثاقب جي فيملي جا فرد ڪڏھن ڪڏھن بکون ڪاٽڻ تي مجبور رھن ٿا. جڏھن ته ساحره ھڪ مڊل ڪلاس جي ۽ کليل ذھن جي ڇوڪري آھي. ساحره کي ٻيون به ٻه ڀيڻون آھن. ھڪ ننڍي ۽ ھڪ وڏي. سندس وڏي ڀيڻ جميل نالي ھمراھ سان ڪراچي ۾ پرڻيل ۽ اولادي آھي، پر دل جي بيماري جي ڪري آپريشن کانپوءِ گذاري ٿي وڃي.
ثاقب ۽ ساحره پنھنجي پنھنجي زندگي کي مختلف نظرن سان ڏسن ٿا. ثاقب ساحره سان فقط دوستي چاھي ٿو، ڇو ته ھو سمجھي ٿو ته جيڪڏهن ساحره سان شادي ڪندو ته زندگي ۾ پنھنجو مقصد حاصل نه ڪري سگھندو. وڏي ڳالھه اھا آھي ته ھن جي زندگي جو تعين ٿيل ڪو مقصد به ناھي! جڏھن ته ساحره ثاقب سان ڪافي حد تائين شادي لاءِ تيار آھي، پر ثاقب جي شادي ۾ عدم دلچسپي جي ڪري ھوءَ به فقط دوستي تائين محدود رھي ٿي ۽ اڳتي قدم نٿي کڻي. پيار به ناھي، پر پوءِ به دوستي ۾ ٻئي ھڪ ٻئي کي چمين ۽ چڪن (Love bites) جو ھڪ نه کٽندڙ سلسلو شروع ڪري ھڪ ٻئي جي ڪنوارن جسم تي attest ۽ autograph جا اسٽيمپ ھڻن ٿا. اھو عمل ٻنھي کي نفسياتي ۽ وقتي طور ھڪٻئي سان جڙيل رکي ٿو. پر ان باوجود ٻنھي جو ھڪ ٻئي تي اعتماد لاھن چاڙھن جو شڪار رھي ٿو. ثاقب پاڻ کي ھڪ آزاد ۽ بردبار ماڻھو سمجھي ٿو، پر حقيقتن ھو آھي ڪونه. ليکڪ ثاقب کي وڏو فلسفي ۽ قابل ماڻھو بڻائي ڪري پيش ڪيو آھي.. ساحره ۽ ثاقب جي ڪچھرين مان ائين ٿو معلوم ٿئي ڄڻ يونيورسٽي جا شاگرد نه، پر نفسياتي ۽ سماجي ماھر ھجن. انھن جون ڳالھيون پنھنجي عمر جي لحاظ کان وڏيون ٿيون لڳن.
ٻي پاسي ساحره جي فيملي، ساحره جي وڏي ڀيڻ جي مري وڃڻ کانپوءِ ، ساحره جو رشتو سندس ڀيڻيوي ادا جميل (ساحره ادا چوندي ھئس) سان طئي ڪري ٿي ته جيئن سندس ڀيڻ جا ٻار سنڀالي سگھي. اھڙي قسم جي رشتي طئي ٿيڻ تي ساحره، ثاقب کي ٻڌائي ٿي ته سندن خانداني رواج آھي ته پرڻيل ڀيڻ جي مري وڃڻ کانپوءِ ننڍي ڀيڻ کي سندس مڙس سان پرڻايو ويندو آھي.. جنھن تي ثاقب، ساحره جي قرباني کي ساراھي ٿو. اڳتي ھلي ساحره جو يونيورسٽي کي گهڻو ٽائيم ڏيڻ ( اصل ۾ سنگت ساٿ سان چمين ۽ چاٽن ۾ مشغول رھڻ) جي ڪري جميل شادي کان اھو چئي جواب ڏئي ٿو ته ھو ساحره سان نه، پر سندس ننڍي ڀيڻ سان شادي ڪندو. ڇو ته ساحره ھن کي مناسب وقت نه ڏئي سگھندي. آخرڪار جيئن اسان جي معاشري ۾ پڦيون رشتا ٺاهينديون ۽ ڊاھينديون آھن بلڪل ائين ئي ساحره جي ھڪ پڦي جميل کي ساحره سان شادي لاءِ راضي ڪري ٿي وٺي ۽ ساحره، ثاقب کي ڪو اطلاع ڪرڻ کانسواءِ ئي، جميل سان شادي ڪري ڪراچي ھلي ٿي وڃي..
جميل ھن کي اھڙيون ميارون فون تي ڏئي ٿو ۽ ڪراچي جي سفاري پارڪ جي خالي بينچ تي، جتي ڪڏھن ساحره سان ويٺو ھو، ساحره جي باري ۾ سوچيندو رھي ٿو ۽ ڪھاڻي ختم ٿي ٿئي:
ناول جو خوبيون: اھو ياد رھي ته ھي ناول اڄ کان پنجويھه ورهيه اڳ جو لکيل آھي ۽ بقول ليکڪ جي ڇپيو بعد ۾ آھي.
اسحاق انصاري جي ناول خالي بينچ جي وڏي ۾ وڏي خوبي اھا آھي ته ڪھاڻي ۾ تسلسل ۽ ٻولي ڪمال جي آھي. ڪافي سارا وائي بادي ناول پڙھڻ کانپوءِ اھو محسوس ٿيو ته واقعي ڪنھن اديب جو لکيل آھي. شروع کان آخر تائين، سواءِ ھڪ اڌ جاءِ جي، ڪھاڻي ائين اڻيل آھي جيئن ڪنھن وقت ۾ جلال چانڊيو يڪتاري تي پنھنجو نالو اڻائيندو ھو، تمام خوبصورت. سواءِ ان جي ناول ۾ ٻي ڪابه اھڙي خاص ڳالھه ناھي جنھن ڪو گھڻو متاثر ڪيم.
ناول جا مختلف سياسي، سماجي ۽ تعليمي پھلو ڏسجن ته ڪيمپس جي سياست، عورت جون اسان جي معاشري ۾ مجبوريون ۽ تعليمي ميدانن ۾ شاگردن جون سرگرميون گھڻيون نه ته به ٿوريون ٿوريون ظاھر ڪيون ويون آھن. ناول پڙھندي اھو ته محسوس ٿئي ٿو ته ٻار رڳو پڙھڻ نه، پر ياري باشي ڪرڻ ويندا آھن، ڇو ته ناول ۾ نمايان قصو صرف ھڪ خيالي دوستي ۽ سڌڙين واري نالي ماتر پيار جو آھي.
ناول جون خاميون: ھن ناول تي جيڪڏھن مٺڙي مٺڙي تنقيد ڪجي ته به ناول جيترو ھڪ ٻيو ڪتاب لکي سگھجي ٿو، پر ان کانپوءِ گھڻا ماڻھو ناول لکڻ ڇڏي ويندا. تنھنڪري آئون فقط چند شين جو مختصر جائزو وٺندس ته جيئن ڪو نئون لکاڙي جيڪڏهن مستقبل ۾ ناول لکڻ جو ارادو رکي به ٿو ته ساڳيون غلطيون نه دھرائي.
پھريون مسئلو اھو آھي ته اسحاق انصاري جو موقف ئي ڪليئر ناھي ته ھي ناول پيار جي ڪهاڻي آهي يا دوستيءَ جي ڪھاڻي آھي. مون کي ته نه پيار جي ڪھاڻي لڳي ۽ نه ئي دوستي جي. نه ثاقب وٽ ڪو محبت جو جذبو آھي ۽ نه ئي ساحره وٽ. اڃان به ساحره وٽ ڪجھه نه ڪجھه جذبو آھي. جو ثاقب سان به سچي رھي ٿي ۽ پنھنجي خاندان جي ڪري ھڪ تمام وڏي قرباني ڏئي ٿي. ناول جا باقي ڪردار جيڪي تمام پتڪڙا آھن، ايترا جاندار ناھن. جميل جو ئي ڪردار ھڪ اھڙو ڪردار آھي جيڪو ڪھاڻي جي رخ کي تبديل ٿو ڪري ڇڏي.
ھن ناول ۾ ڇپائي جون ڏھ پندرھن غلطيون آھن، جيڪي درست ڪري پيون سگھجن، پر لڳي ٿو ته جن مھاڳ لکيو آھي يا پروف ڪيو آھي انھن سڀ ڪجھه سلام عليڪي ۽ ياري باشي تي ڪيو آھي، پروفيشنل انداز ۾ ناھي ڪيو. اھڙو عمل ادب ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت نه، پر ھڪ درٻاري ريت آھي جيڪا بلڪل غلط آھي.
منظر نگاري ڪنھن به ناول جو ھڪ اھم جز آھي. اسحاق صاحب پنھنجي پوري ڪوشش ڪئي آھي ته مناسب ۽ وڻندڙ منظر نگاري ڪري پيش ڪري، پر ڪافي اھم جاين جيئن ڪوٽڏيجي قلعو، شادي شھيد، اڀن شاھ جي مزار وغيره جي ڪابه منظر نگاري ناھي ڪئي. اھو فقط ھڪ سڪو پڪو ذڪر آھي. جنھن پڙھندڙ جيڪڏهن اھي جايون ناھن گھميون ته ان کي ڪيئن خبر پوندي ته اھي ڪيتريون خوبصورت آھن يا ناھن؟
جيئن مٿي چئي آيو آھيان ته ناول گھڙيل ته سٺو آھي، پر پلاٽ ۾ ھڪ ٻه اھڙا جھول آھن جيڪي نه ھجڻ کپن ھا يا جيڪڏھن اھو ذڪر نه به ھجي ھا ته به فرق نه پيو پوي. اھو آھي ته ثاقب ھڪ ڏينھن جھاز تي چڙھي گوادر وڃي ٿو. ھاڻي اھا خبر ئي ناھي ته ثاقب گوادر ڇو ويو ۽ اھو ڪھڙو ڪم ھو جنھن لاءِ ھن کي گوادر وڃڻو پيو. جنھن ماڻھو کي ماني کائڻ جا پئسا نه ھجن اھو جھاز تي ڪيئن چڙھيو. ليکڪ ان ڳالھه کي جسٽيفاءِ نه ڪري سگھيو آھي.
مون کي لڳي ٿو ته ھي ھڪ خيالي ناول آھي. گھڻا ماڻھو سمجھندا ته رھجي ويل منظر وانگر ھي به ھڪ Autobiographical ناول آھي، پر ائين ناھي. ممڪن آھي ته ليکڪ يونيورسٽي ۾ پڙھيو ھجي يا ڪنھن اھڙي ڪھاڻي کان واقف ھجي يا ليکڪ پاڻ کي پروگريسو ڪري پيش ڪرڻ چاھيندو ھجي، پر مون کي اھڙي ڪابه Feeling نه آئي جنھن مان اھو محسوس ٿئي ته ادب ھئين ھڪ خيالي تخليق ھوندو آھي، پر ادب جو اصل مزو ۽ ليکڪ جو ڪمال تڏھن نظر اچڻ شروع ٿيندو آھي جڏھن اھا خيالي دنيا حقيقي محسوس ٿيڻ لڳندي آھي. ليکڪ اھڙي ڪوشش ۾ ائين ناڪام ويو آھي جيئن واڳ ڌڻي سنڌ مان غربت ختم ڪرڻ ۽ تعليم کي سڌارڻ ۾ صفا بري طرح ناڪام ٿي ويا آھن. سو مونکي لڳي ٿو ته ھي نه صرف ھڪ خيالي تخليق آھي، پر محسوس به خيالي ئي ٿئي ٿي. پنھنجي پاران ۾ ليکڪ لکيو آھي ته پڙھندڙ جيڪڏھن ليکڪ جون 25 سيڪڙو فيلنگز به محسوس ڪن ته ھو پاڻ کي ڪامياب سمجھندو، پر آئون سمجھان ٿو ته مون کي12.5 سيڪڙو جيڪي فيلنگز آيون، اھي صرف سٺي ٻولي جي ڪري آيون باقي ناول پنھنجي عنوان خالي بينچ وانگر کوکلو ۽ خالي ئي آھي.