بلاگ

جٺُ جَڏي جيءُ سان…

”او منهنجي امان او منهنجا بابا“ آئون تنهنجي ڌيءَ انيتا آھيان… اها انيتا جنهن کي توهان پيار مان اَنُو ڪري سڏيندا هئا. توهان مون کي ننڍپڻ ۾ ڏاڍو پيار ارپيو غريبي حال هوندي به وس آھر خوشيون ارپيون ۽ مون به پنهنجي اباڻي ڪکائين گهر جي اڱڻ تي غربت ضرور ڏٺي. مگر ڏک ڪڏھن نه ڏٺا، رڳو غربت ڏٺي، جنهن غربت ۾ به معمول واري زندگي ۾ اطمينان به هو. اسان جڏھن ڀينرون پاڻ ۾ رانديون ڪري مٽي ۾ ڀنڀوت ٿي وڙھنديون هيوسين ته خاص ڪري تون امان اسان کي ٻه ٽي دڙڪا ڏيئي پوءِ پيار ڏئي پرچائيندا هئا.

او منهنجي مٺڙي امان مون خوشين ۾ کيڏيو هو، مون ڏک ڏٺا ئي نه هئا ته ڏک ڪهڙا ٿيندا آھن! ۽ ڏکن سان نڀاءُ ڪيئن ٿيندو آ؟ مون ته ورلي صرف ڪڏھن ڪنهن درد وندي عورت جي درد جي شدت وچان ڪرندڙ ڪوسا لڙڪ ڏٺا هئا. اکين مان ٽمندڙ ڳوڙھن کي ڏسندي مون کي به کن پل لاءِ انهن ڏکن جو احساس ٿيندو هو. وري وقت گذرڻ سان سڀ ڳالهيون وسري وينديون هيون. مون ته صرف ننڍپڻ کان کلندي ڪڏندي رانديون توهان ساڻ گڏجي ٻنين ۾ پورهيو ڪيو هو. ڪڏھن ڪڻڪ جا لابارا ڪيا ته ڪڏھن ڦٽين جو چونڊو ڪيو هو.

او منهنجي جيجل امان… جڏھن چونئري جي ڦيرن ۾ منهنجي ٻانڌڻي پوتي جي پلاند رشتن ۾ ويڙھي اڻ ڏٺل سهاڳ تو منهنجي جيون ۾ ارپيو تنهن کي سڄي گهر جي خوشين خاطر مون دل سان قبوليو. زندگيءَ جي نئين سفر ۾ صرف چند ڏينهن جو خوشين ڀريو احساس هو، جيئن ئي منهنجي ”ڪک مان پهرين نياڻي جنم ورتو سڄي آڪاھ جي اکين ۾ اداسي جي موسم لهي آئي“ جيئن جيئن وقفي وقفي سان نياڻيون اينديون ويون تيئن تيئن منهنجي جيون مان خوشيون ڏور ٿينديون رهيون..!

او منهنجي مٺڙي امان مون کي اها ڪل ڪٿي هئي ته اهي ڏک جن کي مون ڳوڙهن جي نموني ۾ ڪنهن جي اکين مان ڪرندي ڏٺو هو، اهي ڏک منهنجي جيون ۾ آکيرا اڏي ويهي رهندا، مون کي ايئن ڏينڀو وانگي ڏنگيندا جنهن جي رڳو اڳ ۾ احساس کان واقف هئس.

او منهنجي امان منهنجي ور کي پٽ ئي پيارا لڳندا هئا. نياڻيون هن کي بلڪل نٿي وڻيون ۽ منهنجي ڀاڳ ۾ رڳو نياڻيون ٿي آيون تون ٻڌاءِ؟ قدرت جي فيصلي کي آئون ڇا ٿي ڪري سگهان. هو ٺري جي ٿيلهي ۾ پنهنجا حواس وڃائي مون کي بي سبب ماريندو هو، پل پل اهو طعنو ڏيندو هو پٽ پيدا ڪر نه ته پنهنجي شڪل گم ڪر. سوچي سوچي ساهه ساڻو ٿي پوندو هو، بس دل اهو مڃي ورتو روز مرڻ کان هڪ ڀيرو مرجي، کن پل موت ڳلي لائڻ لاءِ اڳتي وڌنڌي هئس ته پنهنجي چئن معصوم نياڻين جون پتڪڙيون ادائون مون کي ايئن ڪرڻ کان روڪي ڇڏينديون هيون.

او منهنجي امان مان وڃي رهي آھيان هڪ ماءُ کان ٻي ماءُ ڏانهن تون ته ڪنهن پل پيار ته ڪنهن لمحي سات سان سمجهائيندي هئين. مگر منهنجي مٽي ماءُ مون کي ڪابه ميار نه ڏيندي، هن ڏانهن جنهن به حال ۾ ويس تنهن حال ۾ پنهنجي هنج ۾ پناهه ڏيندي. مگر منهنجي وجود سان ٿيل ناانصافي جو دل ۾ احساس رکي گهر ضرور ڪجانءِ ته منهنجي انيتا بزدل نه هئي جنهن کي بزدل بڻائي موت جي جهولي ۾ پاڻ لڪائڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو.

او منهنجي امان چڱو مان هلان ٿي، پر منهنجي چئن معصوم نياڻين جي پارت اٿئي ۽ جن کي توکي تعليم ڏيارڻي پوندي، جيئن پنهنجي زندگي کي شعور جي اک سان ڏسي پنهنجي ڀلي بُري کي سمجهي سگهن، وري ٻيهر ورجاءَ نه ورجائين جيڪا جٺ منهنجي جڏي جيءُ سان ڪئي وئي.

***