بلاگنئون

مادري ۽ قومي ٻولين جي اهميت

ٻولي منهنجي ٻانڀياڻي الا ناهيان خان کٽياڻي
21 فيبروري تي ھر سال مادري ٻولين جي اھميت جي حوالي سان عالمي ڏينھن ملھايو ويندو آھي.
سو اڄ به اسان سوچون ته واقعي ۾ قومي ۽ مادري ٻوليون اسان جي روزمره جي زندگين ۾ ڪيترو نه اھم ڪردار ادا ڪن ٿيون.
ٻولي اسان جي زندگي جو اھم جز آھي، اھا ٻولي ئي آھي جنهن جي ذريعي اسين معاشري ۾ خيالن، سوچن جي ڏي وٺ ڪري ميل ميلاپ جو رشتو قائم رکي سگھون ٿا. اسان تصور به ڪيون ته جيڪڏهن دنيا ۾ ڪا ٻولي نه ھجي ھا ته يقينن انسان گھٽ ٻوسٽ ۾ ٻوساٽجي مري وڃي ھا، اسان انھي تصور مان ئي اندازو لڳائي سگھون ٿا ته ٻولي ۽ خاص طور تي قومي ۽ مادري ٻولي اسان جي روزمره جي زندگين ۽ سماج ۾ ڪيترو نه اھم ڪردار ادا ڪن ٿيون.
ھر قوم، ملڪ علائقي ۾ مختلف ٻوليون ڳالھايون وڃن ٿيون ۽ قوم صوبي ۾ ڳالھائي ويندڙ ٻولي ان قوم جي مادري ٻولي ليکي ويندي آھي .
جيئن اسان جي سنڌ صوبي جي مادري ٻولي سنڌي آھي، پنجاب صوبي جي پنجابي ۽ بلوچستان جي مادري ٻولي بلوچي آھي.
اسان جي مادري ٻولي سنڌي خوشقسمتي سان تمام شاھوڪار ٻولي آھي جو عبداللطيف ڀٽائي جهڙو سرموڙ عظيم مفڪر پنهنجا فڪر سنڌيءَ ۾ شاعري ڪري دنيا جي آڏو آندا، ان کان علاوه سچل، سامي جا اڻ موٽ ۽ انسانيت دوست شاعر دورِ جديد ۾ شيخ اياز، آڪاش انصاري، استاد بخاري، منشي ابراهيم جھڙا عظيم شاعر اسان جي ٻولي جا سرتاج آھن ۽ ٻيا به اڻ ڳڻيا ليکڪ جن نثر توڙي نظم ۾ تمام گهڻو ڪم ڪري سنڌي ٻولي ۾ لکي ڪري پنهنجي ٻولي کي مان بخشيو آھي. ھاڻي سوچڻو ۽ سمجهڻو انھي ڳالهه تي آھي ته ٻولي جيڪا قومن ۽ فردن جي سڃاڻپ جو ذريعو ھوندي آھي ھڪٻئي سان رابطي جو ذريعو ھوندي آھي، پوءِ اڄ سنڌي عوام ڇو پنهنجي مٺڙي مادري ماءَ ٻولي کي وساري ويٺي آھي ۽ ٻين کان ڪمتر محسوس ٿي ڪري. افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته اڄ اسان جي قوم پنهنجي ٻولي سنڌي ٻڌائڻ سان ئي شرم ٿي محسوس ڪري، حالانڪه اھا ته اسان لاءِ فخر ڪرڻ جي ڳالهه آھي.
سنڌي ٻولي جو پوئتي ٿيڻ ۾ اھو به وڏو سبب آھي جو اڄ جا والدين ننڍپڻ کان ئي پنهنجي اولاد کي انگريزي ٻولي سکڻ لاءِ زور ڀرين ٿا، ڀلي ڇا به ٿيئي. حالانڪه انھي سان پريشان به ٻار ٿين ٿا جو ھو ظاھر آهي پنهنجي ٻولي ۾ ئي آساني سان علم سکي سگهن ٿا سو خاص طور تي منهنجي خيال ۾ بنيادي تعليم ته ھجي ئي مادرين ٻولين ۾ جيئن سندن بنياد مضبوط ٿيئي. انگريزي يا ڪا به ڌارئين ٻولي سکڻ ڪا غلط ڳالهه نه آھي، بلڪه ٻوليون ته جھجيون سکڻ گھرجن جنهن سان اسان کي ان علائقي ادب جي ڀرپور ڄاڻ ملندي، پر صفا پنهنجي ٻولي تان ھٿ کڻڻ يا اڄ جي جديد دور ۾ سنڌي ٻولي سان اسان کي ڪھڙو فائدو پوندو اھا سوچ رکڻ صحيح نه آھي.
“نيلسن منڊيلا مطابق ته جيڪڏهن توھان ڪنهن جي دماغ ۾ ڳالهه ويھارڻ چاھيو ٿا ته کيس ڪنهن به سمجهه ۾ ايندڙ ٻولي ۾ سمجهايو، پر جيڪڏهن توھان ڪنهن جي دل ۾ ڳالهه ويھارڻ چاھيو ٿا ته کيس سندس مادري ٻولي ۾ سمجھايو.”
اھا بلڪل حقيقت آھي ته مادري ۽ قومي ٻولي اسان جي زندگي ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي. ھي ته اسان جي تھذيب ۽ ثقافت جي سڃاڻپ آھي.
موجوده دور ۾ “سنڌي لينگوئيج اٿارٽي” اداري جا وڏا احسان آھن جو ڊاڪٽر اسحاق سميجو جھڙا پرخلوص شخص پنهنجي جيجل ٻولي جي بچاءَ خاطر وقت به وقت سنڌي ٻولي جي اھميت ۽ سکيا بابت سيمينار منعقد ڪرائن ٿا ۽ خوشي جي ڳالهه اھا آھي جو سکر توڙي ڪراچي ۾ سنڌي ٻولي جي سکيا بابت باقاعده ڪلاس ٿين ٿا جنهن ۾ نون سنڌي ٻولي سکندڙن کي سکيا جي تربيت ڏني ويندي آھي.ھي سنڌي جي بچاءَ ۾ نھايت ڪارائتو سبب بڻجندي انشاءَالله ۽ ٻي اھم ڳالهه اھا جو ٻولي جي بچاءَ ۾ خاص طور تي ٻاراڻو ادب به نھايت اھم ڪردار ادا ڪري ٿو.
جيئن موجوده دور ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ٻاراڻي ادب جو رسالو “گل ڦل” شايع ٿي رھيو آھي، ائين سنڌي لينگوئيج اٿارٽي طرفان پڻ ڪو ٻاراڻو رسالو شايع ٿيڻ گھرجي، جيئن ننڍپڻ کان وٺي ٻارڙن جو پنهنجي ٻولي علم و ادب سان چاھه وڌي ۽ والدين استادن کي ضرور ننڍپڻ کان ئي ٻارڙن کي پنهنجي مادري ٻولي ۾ تعليم ڏيڻ گھرجي ۽ پڙھائي سان گڏوگڏ ڪو مضمون يا ڪي مشھور تاريخي قصا سنڌ ڌرتي بابت ٻڌائڻ گھرجن ۽ شاعري خاص طور تي ھڪ ٻه بيت روزانو شاهه لطيف جي شاعري جا پڙھي سمجهائڻ گھرجن ايئين ننڍي هوندي کان وٺي ٻارڙن جي پنهنجي ٻولي سان محبت وڌندي.
بقول شيخ اياز جي ته:
“پنهنجي ٻولي ۾ ميان جي تون چوندي ماءُ
اھڙو تو کي ساءُ ڏيندي ٻي ٻولي ڪٿي”