انسان شعور جا ڏاڪا طئي ڪندي جڏهن غارن مان نڪري پٿر جي دور ۾ داخل ٿيو ته کيس پنهنجن خيالن کي ٻين انسانن تائين پهچائڻ لاءِ ٻولي جي ضرورت پئي. ان ٻوليءَ ذريعي هو پنهنجا جذبا، احساس لفظن جي صورت ۾ ٻئي انسان تائين پهچائڻ شروع ڪيا، هن ۾ پيار به هو ته ڪاوڙ به هئي، ۽ همدردي به هئي، مطلب هر جذبو ان جو اظهار جو ذريعو ٻولي بڻجي وئي ۽ پوءِ جيئن جيئن انسان دنيا جي گولي جي مختلف علائقن ۾ آباد ٿيندو ويو ته مختلف ٻوليون وجود ۾ آيون، هن وقت به دنيا ۾ ڪجهه ٻوليون تمام گهڻيون اهم آهن ان ڪري ته سائنسي ترقي انهن ٻولين ذريعي ٿي رهي آهي ۽ انهن جو ٻيو اهم سبب اهو آهي ته ڪيترا انسان انهيءَ ٻولي کي ڳالهائي رهيا آهن.
مثال طور چائنيز ٻولي جي اهميت هن وقت ڀلي هڪ ٽيڪنالاجي واري ٻولي جي هجي، پر 70 سال پهرين جڏهن چين ۾ اڃا سائنسي ترقي اڄ جي دور جهڙي نه هئي ته به چيني ٻوليءَ جي اهميت ان ڪري هئي ته دنيا جو تقريبن پنجون حصو ماڻهو اها ٻولي ڳالهائيندا هئا، اهڙي ريت هندي پڻ تمام گهڻي ماڻهن جي ڳالهائڻ جو ذريعو آهي. عربي، انگريزي، فرانسيسي، جرمن، روسي، اهي دنيا ۾ هن وقت سائنسي علم حاصل ڪرڻ جو وڌيڪ ذريعو بڻيل آهن، پر انهن ملڪن ۾ به ڪيتريون ئي علائقائي ٻوليون آهن، علائقائي ٻولين کي هٿي وٺرائڻ ۾ ڀارت جو ڪردار اهم آهي. انهن نه صرف انگريزي ۽ هندي کي ملڪ ۾ رائج ڪيو آهي، پر تقريبن هر علائقي جي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو پڻ ڏنو آهي، ڇو ته اهي انهي علائقي جون مادري ٻوليون آهن، جيئن پنجابي، گجراتي، مارواڙي ايستائين جو ڀارت ۾ سنڌي کي به قومي ٻولي جو درجو حاصل آهي.
ٻولي پنهنجا خيال ٻئي تائين پهچائڻ جو بهترين ذريعو آهي، پر ڪجهه ماڻهن نفرتون وجهي ٻولين ۾ ويڇا پيدا ڪري ڇڏيا. ٻولي جيڪا هر انسان کي محبت سيکاري ٿي، انهن ٻولين جي درجه بندي ڪري ڪنهن ٻولي کي اُتم ۽ ڪنهن ٻولي کي نيچ ڏيکاريو ويو ۽ ماڻهو ويچارا انهي ڄار ۾ ڦاسي پيا، انهن پنهنجي ٻولين کي ڇڏي غير ٻولين کي پنهنجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اهڙو مثال اسان کي پنجابي ٻولي سان ٿيل ٻه اکيائي جي صورت ۾ نظر اچي ٿو، جنهن ۾ سڀ کان وڏو قصور پنجابي ڳالهائيندڙن جو آهي، پر سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سان ڪوشش جي باوجود به ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪرڻ جي باوجود به ان جي اهميت کي گهٽائي نه سگهيو ويو، ان جو سبب اهو هو ته هيءَ ٻولي قديم ٻولين ۾ شامل آهي، هيءَ ٻولي شاهوڪار آهي ۽ سنڌي ماڻهو کي پنهنجي ٻولي سان پيار آهي، انهي جو مطلب اهو نه آهي ته هو ٻين ٻولين سان نفرت ڪري ٿو، بلڪه هو ٻين ٻولين کي به پنهنجي مادري ٻولي وانگر ئي پيار ڪري ٿو. هي ٻولي ايتري سگهاري هئي، جو جڏهن انگريز حاڪم بڻجي هن علائقي کي فتح ڪيو، فتح ڪرڻ جي باوجود هن سنڌي ٻولي جي اهميت کي سمجهيو ۽ حد کان وڌيڪ ان ٻوليءَ جي ترقي جي لاءِ ڪم ڪيو، ايستائين جو اڄ کان 170 سال پهرين انگريز سرڪار پنهنجي انگريز آفيسرن کي حڪم ڪيو ته جيڪي آفيسر سنڌ ۾ ويندا انهن کي سنڌي لازمي سکڻي پوندي ۽ سنڌ ۾ دفتري ٻولي سنڌي هوندي، جيڪا محمد بن قاسم جي دور کانپوءِ انگريز سرڪار جي دور تائين سرڪاري ٻولي نه رهي هئي، عربي ۽ فارسي پڙهي ۽ سيکاري ويندي هئي ۽ عام چواڻي اها هوندي هئي ته “فارسي گهوڙي چاڙهسي”، پر سنڌ جي ماڻهو ان وقت کان وٺي اڄ تائين پنهنجي ٻولي کي بچاءِ رکيو آهي.
پاڪستان جي سرڪار اڄ به سنڌي ٻولي سان گڏ ٻين علائقائي ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ کان ڪيٻائي ٿي ۽ اهڙي قسم جا بل ايوانن مان ٽيڪنيڪل بنيادن تي واپس ڪيا ٿا وڃن، جڏهن هر ماڻهو کي پنهنجي مادري ٻولي سان پيار آهي ته پوءِ پاڪستان پڻ هڪ گهڻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ ملڪ آهي ان ڪري ٻولين جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان اهو مطالبو هڪ دفعو وري ورجائجي ٿو ته پاڪستان ۾ ڳالهائيندڙ سڀني ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي، ان سان ماڻهن ۾ پيار، محبت وڌندو.