ملڪ جي زرعي معيشت ۾ ڪڻڪ کي بنيادي حيثيت حاصل آهي، ڇو ته اها نه رڳو عوام جي خوراڪ جو اهم ذريعو آهي، پر قومي غذائي تحفظ جو به بنياد سمجهي ويندي آهي. اهڙي اهم فصل سان لاڳاپيل ٻن تازن معاملن-دادو ۾ ڪڻڪ چوري اسڪينڊل ۽ موسمياتي تبديلي سبب پيداوار ۾ گهٽتائي-ملڪ جي زرعي ۽ انتظامي نظام تي سنجيده سوال اٿاري ڇڏيا آهن. اهي ٻئي مسئلا گڏجي هڪ اهڙو بحران پيدا ڪري رهيا آهن، جيڪو جيڪڏهن بروقت حل نه ڪيو ويو ته ان جا اثر سڌو سنئون عام ماڻهو جي زندگي تي پوندا. دادو ۾ سامهون آيل ڪڻڪ چوري جو اسڪينڊل انتظامي نااهلي ۽ ڪرپشن جي خطرناڪ مثال طور ڏٺو پيو وڃي. هزارين ٻورين جو گم ٿيڻ ۽ ڪروڙين رپين جي مبينا خردبرد رڳو هڪ ضلعي جو مسئلو ناهي، پر اهو هڪ وڏي بيماري جي علامت آهي جيڪا سڄي نظام ۾ پکڙيل آهي. جيڪڏهن سرڪاري اناج مرڪزن مان ئي ڪڻڪ گم ٿي وڃي ته پوءِ عوام تائين سستي ۽ معياري خوراڪ پهچائڻ جو خواب ڪيئن پورو ٿي سگهي ٿو؟ افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته اهڙن ڪيسن ۾ ملوث آفيسرن کي نه رڳو بچايو ويندو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن انهن کي ٻيهر اهم عهدن تي مقرر به ڪيو ويندو آهي، جيڪو احتساب جي عمل تي وڏو سوال آهي. ان کان به وڌيڪ ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه اها آهي ته ڪجهه ذميوار آفيسر معاملن تي ڳالهائڻ کان به پاسو ڪن ٿا، جنهن سان شفافيت ۽ جوابدهي جو تصور ڪمزور ٿئي ٿو. اينٽي ڪرپشن کاتي پاران ڪارروائي ضرور هڪ مثبت قدم آهي، پر ماضي جا تجربا ٻڌائين ٿا ته اهڙيون جاچون اڪثر نتيجا ڏيڻ ۾ ناڪام ٿينديون آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته نه رڳو ذميوارن کي سزا ڏني وڃي، پر هڪ مضبوط نظام به ٺاهيو وڃي جيڪو مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي روڪي سگهي.
ٻئي پاسي، موسمياتي تبديلي جو مسئلو به تمام اهم آهي، جيڪو زرعي شعبي لاءِ هڪ خاموش، پر انتهائي خطرناڪ خطرو بڻجي چڪو آهي. ڏکڻ پنجاب ۾ گرمي پد ۾ غير معمولي اضافو ۽ برساتن جي بي ترتيبي ڪڻڪ جي فصل کي سخت متاثر ڪيو آهي. مارچ جهڙي اهم مهيني ۾ گرمي پد وڌڻ سبب ڪڻڪ جو داڻو مڪمل طور تي تيار نه ٿي سگهيو، جڏهن ته اپريل ۾ اوچتو ٿيندڙ برساتن ۽ ژالہ باري فصل کي وڌيڪ نقصان پهچايو. نتيجي طور، في ايڪڙ پيداوار ۾ نمايان گهٽتائي جو خدشو آهي، جيڪو سڌو سنئون مارڪيٽ ۾ اگهن جي واڌ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. هاري اڳ ئي مهانگائي، خاص طور تي ڊيزل جي وڌندڙ قيمتن سبب پريشان آهن. زرعي خرچن ۾ واڌ ۽ پيداوار ۾ گهٽتائي گڏجي انهن لاءِ ٻٽو نقصان بڻجي رهيا آهن. جيڪڏهن اهڙي صورتحال جاري رهي ته نه رڳو هاري متاثر ٿيندا، پر ملڪ کي به ڪڻڪ جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، جنهن سان درآمد تي دارومدار وڌي ويندو ۽ پرڏيهي ناڻي تي وڌيڪ دٻاءُ پوندو.
هي صورتحال حڪومت لاءِ ڪنهن وڏي امتحان کان گهٽ ناهي. هڪ پاسي ڪرپشن جي خاتمي لاءِ سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، جڏهن ته ٻئي پاسي موسمياتي تبديليءَ جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ زرعي پاليسين ۾ جديد سائنسي طريقن کي شامل ڪرڻ لازمي آهي. پاڻي جي بهتر انتظام، موسمياتي لحاظ کان مزاحمتي ٻج، ۽ هارين لاءِ سبسڊي جهڙا قدم هاڻي اختيار نه ڪيا ويا ته مستقبل ۾ بحران وڌيڪ سنگين ٿي سگهي ٿو. آخرڪار اهو چئي سگهجي ٿو ته ڪڻڪ جو موجوده بحران صرف هڪ مسئلو ناهي، پر ڪيترن ئي اندروني ۽ ٻاهرين عنصرن جو نتيجو آهي. جيڪڏهن حڪومت، ادارا ۽ سماج گڏجي سنجيدگي سان قدم نه کنيا ته خوراڪ جي کوٽ، مهانگائي ۽ سماجي بيچيني جهڙا مسئلا وڌيڪ شدت اختيار ڪري سگهن ٿا. وقت اچي ويو آهي ته ڪڻڪ جهڙي اهم فصل کي بچائڻ لاءِ رڳو بيانن تي نه، پر عملي قدمن تي ڌيان ڏنو وڃي، ڇو ته قومن جي استحڪام جو دارومدار سندن خوراڪ جي تحفظ تي ئي هوندو آهي.