بلاگنئون

پوليو خلاف قومي مھمن ۾ اڄ به ليڊي هيلٿ ورڪرز کان  زباني حڪمن تحت ڪم ورتو وڃي ٿو

ليڊي ھيلٿ ورڪرز جي پڪي سرڪاري نوڪري کي 14 سالن کان وڏو عرصو گذري ويو آھي، پر اڄ تائين صحت کاتو انھن کان پوليو خلاف قومي مھمن ۾ زباني حڪمن سان ڪم وٺي رھيو آھي، انھن کي ڪم جو ڪوبه تحريري حڪم نامون نٿو ڏنو وڃي، جيڪو انھن جي ڪم لاءِ ھڪ وڏي سيڪيورٽي ثابت ٿي سگھي ٿو، اھا آئين ۽ قانون جي سنگين ڀڃڪڙي ۽  صحت کاتي جي اختيارين جي وڏيري واري ونگار آھي، جيڪا ختم ٿيڻ گھرجي. ٽيمن کي ڌار ڌار ڪم جو تحريري حڪم نامون نه ڏيڻ سان آئين ۾ اھو جبري پورھيو ٿي وڃي ٿو، جيڪو ليڊي ھيلٿ ورڪرز کان گذريل 32 سالن کان لڳاتار ورتو پيو وڃي، انھن کي پڪين ملازمائن وانگر ٽريٽ نٿو ڪيو وڃي ۽ لکت ۾ پوليو خلاف مھمن ۾ ڪم جي آرڊر سان ليڊي ھيلٿ ورڪرز جي سيڪورٽي وڌي ٿي، انھن کي ان طرح جي قانوني سيڪورٽي کان به محروم ڪيو پيو وڃي. ان کان علاوه ليڊي ھيلٿ ورڪرز سميت ڪنھن به پڪي ملازم کي مس ڪنڊڪٽ جا شوڪاز نوٽيس ڏيڻ کان اڳ شڪايتن يا رپورٽ ٿيندڙ الزامن جي انڪوائري لازمي ٿئي ٿي، جيڪا نه ٿي رھي آھي، قانون بدلجي ويا آھن، مشرف وارو ڪارو قانون “ريموول فرام سروس آرڊيننس 2000ع” ختم ٿيل ڪارو قانون آھي، پر صحت کاتي جون مجاز اختياريون ان کي اڃان تائين لاڳو ڪري بادشاھي نظام وارو تاثر پيون ڏين. جڏھن ته ھاءِ ڪورٽن جون ان سلسلي ۾ اٿارٽيون به موجود آھن ته ڪابه مجاز اختياري ڪنھن به پڪي ملازم کي سواءِ اسپاٽ انڪوائري پورٽ جي مسڪنڊڪٽ جو شوڪاز نوٽيس نٿي ڏئي سگھي. ڇو ته مس ڪنڊڪٽ جو شوڪاز نوٽيس ڪنھن به ملازم کي نوڪري مان ڪڍڻ يا نوڪري ۾ نقصان ڏين جو ابتدائي نوٽيس ھوندو آھي، ڪنھن به شڪايت يا رپورٽ تي پھرين اسپاٽ انڪوائري ۽ پوءِ نوڪري مان ڪڍڻ جو يا اھڙي ڪارروائي ڪرڻ جو نوٽيس ڏئي سگھجي ٿو، ان کان اڳ ۾ سادو نوٽيس ڏئي جواب طلبي ته ڪري سگھجي ٿي، پر مس ڪنڊڪٽ جو نوٽيس نٿو ڏئي سگھجي. اھڙو ھر عمل اختيارن جي غلط استعمال جي ذمري ۾ ايندو آھي، جيڪو ملازمن کي ناحق حراسان ڪرڻ، انھن تي ناجائز ۽ غير قانوني دٻاءُ وڌائي انھن کي ڪنھن غلط قدم تي اڪسائڻ جي برابر قرار ڏئي سگھجي ٿو. تازو اھڙي پريڪٽس جي نتيجي ۾ خودڪشيون به ٿيون آھن ۽ خودڪشين جو سبب بڻجندڙ ذميدار اختيارين تي پي پي سي جي سيڪشنن 316 ۽ 322 تحت ايف آءِ آرون به داخل ٿيون آھن. مٺي، اسلام ڪوٽ ۽ ميرپورخاص جا واقعا ان جا تازا مثال آھن. اھو واضح رکون ٿا ته ٽنڊي محمد خان ضلعي ۾ پوليو خلاف مھمن جي ڪم جو نتيجو صحت کاتي آفيسرن، ٻين ذميدار اختياري ۽ پوليو ۾ ڪم ڪندڙ ٽيمن جو گڏيل ڪم جو نتيجو شروع کان پازيٽو رھندو اچي، گذريل سال ضلعي بدين ۾ پوليو جا 2 ڪيس ظاھر ٿيا، ھن سال سجاول ۾ به پوليو ڪيس ظاھر ٿيو آھي، پر الله جي فضل سان ۽ ٽيمن جي پازيٽو ڪمن جي نتيجي ۾ وچ وارو ضلعو ان کان اڃان تائين محفوظ رھندو اچي، پر پوءِ به ٽنڊي محمد خان جي ھڪ اڳوڻي ڊي ايڇ او بدلي جي آخري ڏينھن ۾ ليڊي ھيلٿ ورڪرز کي ناجائز ۽ شخصي مقصدن جي پورائي لاءِ ناحق حراسان ڪرڻ لاءِ  مس ڪنڊڪٽ جا اھڙا شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا، جيڪي اختيارن جي غلط استعمال جي دائري ۾ آيا ٿي، جيڪي عدالتن ۾ چئلينج ايبل ھئا. ڪورونا جھڙي خطرناڪ ۽ پکڙجندڙ بيماري ۽ سخت برساتن ۾جتي گھٽيون گھر ۽ پيچرا پاڻي ھيٺ ھئا، ان باوجود ليڊي ھيلٿ ورڪرن پنھنجو ڪم جاري رکيو، جن کي صحت کاتي جي اختيارين پاران شاباشي ڏيڻ بدران مختلف طريقن سان تنگ ڪرڻ برداشت کان ٻاھر جا معاملا پي ٿيا. صحت کاتي جا ڪجھه حيوان صفت آفيسر خبر ناھي اھو ڇو وساري ويھن ٿا ته ھو به سرڪاري ملازم آھن اُھي به ان ساڳئي قانون ۽ ضابطي ھيٺ اچن ٿا. ان سلسلي ۾ صحت کاتي جي منسٽر، سيڪريٽري، ڊي جيز ھيلٿ ۽ ٽنڊو محمد خان جي ايم اين اي، ايم پي اي کي اڳوڻي ڊي ايڇ او جي حرڪتن جو نوٽيس وٺڻ کپندو ھو، پر انھن اھڙو نوٽيس نه ورتو، ميڊيا ان جا پول پڌرا ڪيا، نتيجي ۾ اھڙا ڪردار خوب بڇڙا به ٿيا، جيڪو ڪم ڪندڙ ليڊي ھيلٿ ورڪرز کي ناحق تنگ ڪري انھن جي دل آزاري اھو عدالت ۾ ڇڪجي يا راڄوڻي ۾ اچي ڪنھن به معافي جي لائق نٿا سمجھون، پوءِ ڀلي نبيرو روڊن تي ئي ڇو نه ٿئي، جيڪو به ڪم جو قدر ڪندو، عزت ڏيندو ان لاءِ لک احترام آھن ۽ ھوندا.

اها حقيقت غور طلب آھي ته جيڪڏهن پوليو خلاف قومي مھمن دوران ڪٿي ڪنھن ليڊي ھيلٿ ورڪر سان جھيڙو ٿي پوي يا فيلڊ ۾ ڪا ٻي طرح جي زيادتي ٿئي ته ان طرفان سرڪاري ڊيوٽي ۾ رنڊڪ جو ڪيس ٿاڻي تي 353 پي پي سي تحت ڪيئن داخل ٿيندو؟ ھوءَ ڪيئن ثابت ڪندي ته ھوءَ پوليو خلاف قومي مھم ۾ سرڪاري ڪم سان لڳل آھي يا ھئي، جڏھن ته پنھنجي ٽوئر ڊائري مطابق ھوءَ پنھنجي علائقي ۾ اتي حاضر ثابت ٿيندي، ان ڪري ضروري ٿئي ٿو ته صحت کاتي جي مجاز اختيارين پاران ليڊي ھيلٿ ورڪر کي پوليو خلاف قومي مھمن ۾ ڪم جو ھر ڀيري لکت ۾ آرڊر ڏنو وڃي، ان آرڊر تي وسطيدار ڊي ايڇ او جي صحيح ھجي، آرڊر ۾ واضح لکيل ھجي ته ڪنھن کي ڪھڙي علائقي ۾ ڪڏھن کان ڪيستائين ڪھڙي ڪم لاءِ مقرر ڪيو ويو آھي. ان ڪم دوران ليڊي ھيلٿ ورڪر جي ٽوئر ڊائري ۾ پوليو جي ڪمن وارين تاريخن ۾ پوليو خلاف قومي مھم ۾ ڪم لکيو وڃي. انھن جو انھن ڏينھن جو روٽين جو ڪم جاري نه رھڻ کپي، انهن قانوني قاعدن تي عمل نه ٿيو ته زباني حڪمن وارو ڪم قانون مطابق ھڪطرف جبري پورھيو تصور ڪيو ويندو. ٻئي طرف ان طرح ليڊي ھيلٿ ورڪرز جي سيڪورٽي به نه رھندي، پوليو ۾ ڪم دوران ڪنھن زيادتي جو ڪو ڪيس عدالت ۾ ويو ته اھو پير پختا نه ڪري سگھندو، ڪوڙو ثابت ٿيندو. پوليو خلاف قومي مھمن ۾ گھٽ ۾ گھٽ صحت کاتي جا سمورا ملازم ڪم لاءِ پابند ڪيل ھجن، جيڪي 32 سالن کان ھيل تائين ڪڏھن به نه رھيا، ليڊي ھيلٿ ورڪرز تي مشتمل ٽيمن کي ڪنوينس، سيڪورٽي ۽ بھتر معاوضا پڻ ڏنا وڃن جيڪي بلڪل نه ھئڻ جي برابر آھن.