بلاگنئون

لکڻ ۽ زندگي..!

تحرير: بشير ميمڻ

مون وٽ ڪجھ آھي ۽ اھو آھي وقت. مون کي ان وقت مان ڪجھ وقت مختص ڪرڻ ڏيو ته مان ان ۾ لکي سگھان. مان ڇا به لکان، ڪيئن به لکان، ڪنهن لاءِ به لکان، ڪنهن تي به لکان مون کان ان بابت سوال نه ڪريو. بس مون کي لکڻ ڏيو. مون کي لکڻ لاءِ ڪجھ وقت ڏيو.

مون کي اھا به خبر نه آھي ته منهنجا پڙھندڙ ڪير آھن. ھو منهنجي لکيل تخليق کي ڪيترو پڙھندا آھن. پڙھڻ بعد ان کي پسند ڪندا آھن يا نه، پر مان انهن لاءِ به فڪرمند نه آھيان ته ڪير منهنجي تحرير کي پڙھي ٿو يا نه. بس مون کي لکڻ ڏيو.

لکڻ واحد حل آھي منهنجي لاءِ جنهن ذريعي مان پنهنجي لاءِ ڪجھ حاصل ڪري سگھان ٿو. اھو به وري ھڪ منجهيل سوال آھي ته آخر لکڻ مان مون کي ملي ڇا ٿو؟ حقيقت اھا آھي ته اھو مون کي به پوري طرح سمجھ ۾ نٿو اچي ته مان لکڻ جي عمل مان ڇا ٿو حاصل ڪريان. بس ائين کڻي سمجھو ته لکڻ جي مرحلي دوران مان پنهنجو پاڻ سان مخاطب ھوندو آھيان. منهنجي لاءِ لکڻ ھم ڪلامي جو عمل آھي. تمام ٿورا ماڻھو ھوندا جيڪي پنهنجو پاڻ سان ھم ڪلامي ۾ دلچسپي رکندا ھوندا ۽ خوشي محسوس ڪندا ھوندا. بس مان انهن مان هڪ آھيان.

منهنجي اھڙي رويي جي ڪري ٿي سگھي ٿو ته ڪجھ ماڻھو مون کي پاڳل يا نيم پاڳل سمجھندا ھجن ۽ پرپٺ زباني طور چوندا به ھجن. بس انهن کي چوڻ ڏيو جيڪو ھو چوڻ چاھين ٿا. ھنن معاشري مان اھو ئي سکيو ھوندو.

ھونئن به اسان ان ڳالھ تي گھڻو ڌيان نه ڏيندا آھيون ته اسان جو معاشرو اسان جو ھڪ استاد آھي. پوءِ خبر ناھي ته ان کي اسان صرف استاد ڪوٺيون يا ھڪ عظيم استاد. ڇو ته زماني جا جيڪي سبق معاشري سيکاريا آھن، اھي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽي جي استادن به نه سيکاريا. نه ئي وري ڪنهن ڪتاب ۾ لکيل ڏٺاسين جو کڻي اتان ئي پڙھي ۽ سکي سگھون. بهرحال زندگي گذارڻ جا سڀ سبق ڪتابن ۽ مڪتبن جي معلمن کان سکي نٿا سگھجن. بلڪه حقيقت ۾ زندگيءَ جو ھر ڏينهن اسان کي ھڪ اھڙو نئون نڪور سبق سيکاري ٿو جيڪو ڪنهن به سليبس جو حصو نه ھوندو آھي.

پوءِ آخر ڇا اھا ئي زندگي آھي ته انسان ھر ڏينهن ھڪ نون سبق سکندو رھي! جيڪڏھن واقعي اھا ئي زندگي آھي ته پوءِ عجيب آھي. نه اسان ان جي نموني کي تبديل ڪري سگھون ٿا ۽ نه ئي وري اھڙي زندگي جي گذارڻ کان انڪار ڪري سگھون ٿا. ڇو ته فطرت شايد زندگي جي ذائقي جيتري مٺي ۽ مزيدار ٻي ڪابه شيءِ تخليق نه ڪئي آھي.

پر ترسو زندگي کان امر ۽ اھم اھي آھن جيڪي پنهنجي زندگي ٻين لاءِ ارپي ڇڏيندا آھن يا ٻين کي جيئدان بخشڻ لاءِ موت جي منهن ۾ ھليا ويندا آھن.

***