ايڊيٽوريلنئون

مٺي پاڻيءَ جو عالمي ڏينهن ۽ سنڌوءَ تي ڇهه ڪئنال

            برازيل جي شهر ريو ڊي جنيريو ۾ 1992ع ڌاري هڪ ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن جو مقصد ماحوليات کي بهتر ڪرڻ مٺي ۽ تازي پاڻيءَ جي اهميت کي اجاڳر ڪرڻ هو. يونائيٽيڊ نيشن جي جنرل اسيمبلي هڪ قرارداد پاس ڪري ريو ڪانفرنس جي ان 1992ع واري ڪانفرنس جيڪا مٺي پاڻيءَ جي اهميت واري موضوع تي ٿي هئي، ان ڏينهن کي مٺي پاڻيءَ جو بين الاقوامي ڏينهن قرار ڏئي ان کي هر سال 22 مارچ تي ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. مٺي پاڻيءَ جي اهميت وارو ڏينهن 22 مارچ پهريون دفعو 1993ع ۾ ملهايو ويو. گڏيل قومن جو ادارو مختلف مسئلن تي مختلف ڏينهن ملهائيندو آهي، جنهن ۾ اهي مسئلا شامل هوندا آهن، جيڪي سڄي دنيا جا ماڻهو ڪٿي نه ڪٿي ڀوڳي رهيا هوندا آهن يا اهي مسئلا سڄي دنيا جي ماڻهن کي گڏيل طور تي متاثر ڪري رهيا هوندا آهن ۽ پوءِ انهن جي آگاهيءَ بابت انهن ڏينهن کي بين الاقوامي طور تي ملهائي  انهن جي آگاهي مهم هلائي ويندي آهي ته جيئن ماڻهن ۾ پنهنجن مسئلن کي پاڻ حل ڪرڻ جي جاڳرتا پيدا ٿي سگهي ۽ انهن مسئلن تي سڄي دنيا ۾ بحث مباحثا ٿين ۽ انهن جا گڏيل حل ڪڍيا وڃن. دنيا جو پاڻيءَ وارو ڏينهن (ورلڊ واٽر ڊي) ملهائڻ جو مقصد اهو آهي ته مٺو پاڻي جيڪو انسان جي جياپي جي لاءِ شهرڳ واري حيثيت رکي ٿو ان کي ڪيئن استعمال ڪجي، جيڪي درياءَ، نديون، ڍنڍون، ڍورا مٺو پاڻي فراهم ڪن ٿا، انهن جي سار سنڀال ۽ حفاظت ڪيئن ڪجي، ڪهڙي طريقي سان ان پاڻيءَ جو استعمال ڪجي جو اهو قيمتي سرمايو گهٽ کان گهٽ ضايع ٿئي ۽ اهو پاڻي انهن ماڻهن تائين پهچائي سگهجي جن کي اها سهولت اڃان تائين حاصل نه ٿي سگهي آهي. هن وقت دنيا ۾ 2.2 ارب ماڻهو مٺي پاڻيءَ کان محروم آهن. ان ڪري ان ڏينهن ملهائڻ جو مقصد اهو آهي ته 2030ع تائين پاڻيءَ جي وسيلن جو استعمال انتهائي ڌيان سان ڪيو وڃي ته جيئن اهي وسيلا ضايع نه ٿين ۽ انهن ماڻهن  تائين مٺو پاڻي پهچايو وڃي جن کي هيل تائين پاڻي نصيب نه ٿي سگهيو آهي. 2025ع ۾ گڏيل قومن واري اداري جو ٿيم “گليشئر پروينشن” آهي جنهن جو مطلب اهو آهي ته جيڪا برف دنيا جي خطن ۾ هن وقت موجود آهي اها ماحولياتي گدلاڻ جي ڪري تيزيءَ سان ڳري رهي آهي ۽ هڪ ڳڻتيءَ جهڙي صورتحال پيدا ٿي رهي آهي، جڏهن گليشئر تيزيءَ سان ڳرندا ته مستقبل ۾ انسان ذات جي لاءِ مٺي پاڻيءَ جا وسيلا تمام گهٽ رهجي ويندا يا ٿي سگهي ٿو ته ناپيد ٿي وڃن. ان سڄي صورتحال کي اڳواٽ ئي بهتر ڪرڻ لاءِ ماحوليات تي ڪم ڪرڻ ۽ انهن مسئلن کي ختم ڪرڻ ۽ اپاءُ وٺڻ جي سخت ضرورت آهي ته جيئن انهن برفاني تودن (گليشئرن) کي تيزيءَ سان ڳرڻ کان بچايو وڃي. 21 مارچ 2025 تي ڪيتريون ئي رپورٽون ان مسئلي جي اهميت کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ لانچ ڪيون ويون آهن.

            14 مارچ دريائن جو عالمي ڏينهن هو، ان ڏينهن سڄي سنڌ سراپا احتجاج هئي، ڇو ته سنڌو درياءَ جي مٿان هن وقت وفاق جي طرفان غير قانوني ۽ غير آئيني ڪئنال ڪڍي سنڌ جي پاڻيءَ مٿان ڌاڙو هڻي سنڌ جي ماڻهن کي مٺي پاڻيءَ کان محروم ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي، جنهن جو ادراڪ نه وفاق کي آهي ۽ نه ئي سنڌ حڪومت ان تي سنجيدگيءَ سان ڪا حڪمت عملي ٺاهي ان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. سنڌ جي ماڻهن جي مسلسل احتجاج جي باوجود وفاق بلڪل وائڙو بڻجي ڪئنالن تي ڪم جاري رکندو اچي پيو، جيڪو وفاق جي ڪمزوريءَ جي علامت آهي. 22 مارچ کي هر سال مٺي پاڻيءَ جي اهميت اجاڳر ڪرڻ لاءِ بين الاقوامي طور تي ملهايو ٿو وڃي، جيڪو نه صرف پاڻيءَ جي اهميت کي اجاڳر ڪري ٿو، پر ماحول جي گدلاڻ بابت به معلومات فراهم ڪري ٿو. اسان انسانن کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ته اسان پنهنجين سرگرمين جي ڪري فطرت ۽ ماحول کي ڪيئن گدلو ڪري رهيا آهيون، نه صرف گدلو ڪري رهيا آهن بلڪه پنهنجن ايندڙ نسلن لاءِ هن ڌرتيءَ جي گولي کي جهنم بڻائي رهيا آهيون.

            هن وقت اسان جون طاقتور ڌريون پنهنجي هوڏ تي قائم آهن ۽ پنهنجن غلط فيصلن ۽ پاليسين جي ڪري نه صرف درياءِ سنڌ مان ڇهه ڪئنال ڪڍي رهيون آهن، جيڪي غير آئيني ۽ غير قانوني آهن ۽ سنڌ جي حقن تي ڌاڙو آهن، پر اهي مستقبل ۾ پوري خطي جي ماحول تي به نڪاري اثر وجهي رهيون آهن. قدرتي وهڪرن کي هٿرادو طريقن سان موڙڻ انسان ذات جو هميشه کان پسنديده عمل رهيو آهي، انسانن پاڻيءَ کي ذخيرو ڪرڻ لاءِ ڊيم ٺاهيا ۽ دريائن جا رخ موڙيا جنهن جو نتيجو آهي جو اڄ اسان ڪيترن ئي قدرتي آفتن کي منهن ڏيئي رهيا آهيون. هن فيصلي سان ڪي به سٺا نتيجا نڪرندي نظر نٿا اچن، اسان پنهنجن هٿن سان ماحول کي تمام گهڻو نقصان پهچائڻ وڃي رهيا آهيون. ماحوليات جا ماهر ان ڳالهه تي تمام گهڻو ڳالهائي ۽ لکي چڪا آهن، پر طاقت جو پنهنجو اصول هوندو آهي ۽ ان جا پنهنجا مفاد هوندا آهن. اميد آهي ته سنڌ جو ماڻهو پنهنجي آئيني ۽ قانوني حقن تان هٿ نه کڻندو ۽ پنهنجي حقن جي لاءِ هميشه وانگر آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهندي آواز بلند ڪندو رهندو.