بلاگ

شهرين جا ازلي حق

هن وقت تائين، يعني 2023 ۾ 193 ملڪ گڏيل قومن جا ميمبر آهن، ۽ انهن ملڪن جي آبادي 8 ارب ماڻهن تي مشتمل آهي. انهن ملڪن ۾ جيڪي به ماڻهو قانوني طرح رهن ٿا تن کي اتان جي ملڪ جو شهري چئجي ٿو. انهن سان گڏوگڏ ملڪن ۾ مختلف سببن جي ڪري پناهگير به رهن ٿا. جن کي بي زمين سڏيو وڃي ٿو، پر کين اتان جي آئين مطابق شهريءَ جا حق مليل نه آهن.

اسان سڀني تي اهو فرض آهي ته پنهنجي آئيني حقن جي مڪمل ڄاڻ رکون، انهن جي حفاظت ڪيون ۽ مختلف فورمن تي انهن جي وڪالت ڪيون. پوءِ اِهي فورم حڪومت جا هجن، سياسي هجن، سماجي هجن يا معاشي هجن. اسان کي پنهنجي حقن جي حفاظت ڪرڻ گهرجي. اهو هر شهري جو فرض آهي ته نه صرف پنهنجي پر ٻين جي حقن جي لاءِ به آواز اٿاري.

انساني حقن ۽ شهري حقن ۾ هي فرق آهي ته انساني حق عالمي سطح تي هر انسان کي ڏنا ويا آهن، جڏهن ته شهري حق قانوني طور ان ملڪ جي رهواسين لاءِ آئيني طرح تسليم ٿيل آهن. ڪنهن به جمهوري ملڪ ۾ حڪومت، آئين، سياست، عدالتون، اسيمبلي مطلب ته سڀني جو محوَر اتان جو شهري آهي. شهريءَ جي حقن جي حفاظت، شهريءَ جي ڀلائي ۽ شهرين جي خوشي انهن سڀني ادارن کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿي. شهرين کي حق ڪنهن حڪمران طرفان خيرات ڏئي يا رحم کائي نه ڏنا ويا آهن، پر انهن کي انساني عظمت جي فلاسافيءَ جي بنياد تي دائمي طور مليل آهن.

حق ڇا آهي؟

اچو ته پهرين اِهو سمجهون ته حق ڇا آهي؟ حق قانوني دعويٰ آهي، جنهن مطابق هر فرد آزاديءَ سان ڪم ڪري سگهي ٿو يا قانوني طريقي سان ٻين، بشمول جنهن ۾ رياست به اچي وڃي ٿي تن کان حق گهري سگهي ٿو. جيئن ته حق هڪ دعويٰ به آهي جيئن انسان جي ملڪيت هوندي آهي تيئن هي حق ازل کان فردن کي مليل آهي. جيئن انساني حق فرد جي عظمت جو بنياد آهن. اهو حق ٻين کان تقاضا ڪري ٿو ته حق جي مالڪ جي دعويٰ کي تسليم ڪيو وڃي.

فرد جو انساني حق، انساني عظمت جو موروثي نتيجو آهي ۽ انساني حق نسل، رنگ، جنس، ٻولي، مذهب يا علاقائي پيدائش جي متِ ڀيد کان مٿي آهي. انساني حق فرد کان ڪنهن به صورت ۾ کسي نه ٿو سگهجي ۽ نه وري چونڊ ڪري سگهجي ٿي ته هي حق فرد کي ڏنل آهن ۽ هي حق فرد کي مليل نه آهن. ان لاءِ انساني حقن کي تقسيم نه ٿو ڪري سگهجي.

شهري حقن جي تاريخ تمام گهڻي پراڻي آهي. جڏهن ايران جي بادشاهه سائرس 539 عيسوي سن کان اڳ دجلا ۽ فرات جي ملڪن کي فتح ڪيو. ان وقت هڪ مخروطي ٺُلَھ تي ماڻهن جا حق لکرائي ڇڏيا ھُئائين. اهو مخروطي ٺُلَھ 1879 ۾ ڳولهي لڌو ويو. هي پهريون انساني يا شهري حقن جو دستاويز آهي. ان کانپوءِ 1215 ۾ انگلينڊ جي بادشاهه جان پنهنجي نوابن سان معاهدو ڪيو، جنهن ۾ انهن کي ڪيترائي حق ڏنا ويا. پهريون دفعو ڪنهن ملڪ ۾ اهو تسليم ڪيو ويو ته قانون بادشاھ کان به مٿاهون آهي نه ڪي بادشاھ قانون کان مٿان آهي. هن معاهدي کي جڳ مشهور ميگناڪارٽا چيو وڃي ٿو.

ان کانپوءِ ٻيو دستاويز 1689 ۾ انگلينڊ ۾ پارليامينٽ ذريعي شهري حقن جو. (The Bill of Rights, 1689) بل منظور ڪيو ويو. لڳ ڀڳ هڪ صديءَ کان پوءِ 1776 آمريڪا ۾ آزاديءَ جي پڌرنامي جو اعلان ڪيو ويو. جنهن ۾ تمام بنيادي فلاسافي ڏني وئي ته آمريڪا ۾ شهري پنهنجي زندگي، آزادي ۽ خوشيءَ ماڻڻ جو (Life, Liberty and the pursuit of Happiness) حق رکي ٿو. ان کانپوءِ جلد ئي 1789 ۾ فرينچ انقلاب آيو ۽ فرينچ اسيمبلي جي ذريعي انسان ۽ شهريءَ جي حقن جو بل (The Declaration of the Rights of Man and of the Citizen) منظور ڪيو ويو. ساڳي طرح آمريڪا پنهنجي آئين ۾ شهري حقن جو بل پاس ڪيو. جنهن ۾ 10 ترميمون شامل آهن. لڳ ڀڳ 2 صدين کان پوءِ گڏيل قومن 10 ڊسمبر 1948 ۾ عالمي انساني حقن جو پڌرنامو منظور ڪيو.

ان پڌرنامي مطابق هر انسان مورثي عظمت جو مالڪ آهي ۽ سڀ انسان بنا ڪنهن متِ ڀيدِ جي برابر آهن ۽ سڀني انسانن جا حق تسليم ڪيا ويا آهن. انسان 10 کان 15 هزار سالن جي مسلسل جدوجهد، تڪليفن، تشدد، تذليل ۽ پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي گڏيل قومن جي عالمي حقن جي پڌرنامي جي شڪل ۾ پنهنجو حق تسليم ڪرايو. شهري حق انساني حقن جي پيداوار ۽ ان جو حصو آهن. گذريل بلن ۽ پڌرنامن ۾ عورتن، غلامن يا قبضي ڪيل ملڪ جي ماڻهن کي انساني حقن کان محروم ڪيو ويو هو، پر پهريون دفعو گڏيل قومن جي عالمي انساني حقن جي پڌرنامي ۾ سڀني انساني حقن کي تسليم ڪيو ويو. هن دستاويز ۾ جيڪي به انسان ڀلي پوءِ اُهي دنيا جي ڪهڙي به ڪُنڊ ۾ رهن ٿا يا اڳتي جيڪي پيدا ٿيندا انهن جا حق تسليم ڪيا ويا آهن.

شهري ڪير آهي؟

ڪنهن به ملڪ ۾ جيڪو فرد آئيني طور اتان جو رهواسي آهي ان کي اتان جو شهري تسليم ڪيو ويو آهي. شهرين کي مختلف طريقن سان ورهايو ويو آهي. شهرين جو پهريون قسم اهو آهي ته جن جا ابا ڏاڏا ڄائي ڄم کان ان ملڪ ۾ رهندا اچن ٿا ۽ جن کي قانوني طريقي سان سند مليل آهي.

ٻئي قسم جا شهري اهي آهن جن کي اتان جي حڪومت قانون مطابق شهريت جي سند ڏئي ٿي. اهو ان ملڪ جو شهري ٿي وڃي ٿو. جيئن ڪو سنڌي آمريڪا ۾ رهي ۽ ڪجھ وقت کانپوءِ پنهنجي شهريت لاءِ درخواست ڏئي ۽ آمريڪي حڪومت کان شهريت جو حق وٺي. اهڙي شهري کي Naturalized شهري چيو ويندو آهي.

ٻيا اهي شهري آهن جيڪي پيءُ ۽ ماءُ جي نسبت سان يا اتان جي شهري سان شادي ذريعي اتان جا شهري بڻجي وڃن ٿا. ڪافي ملڪ سيڙپڪاري جي ذريعي شهريت جا حق به کپائن ٿا. مثال انگلينڊ ۾ 2,000,000 پائونڊ ۽ پاڪستاني روپيه (704,351,412.60) پئسن جي سيڙپڪاري ڪرڻ کان پوءِ ان ماڻهون کي اتان جي شهريت ملي ٿي يا پورچوگال ۾280,000 يورو ۽ پاڪستاني روپيه (85,835,580.12) پئسن جي سيڙپڪاري جي ڪري اهي ان ملڪ جا شهري ٿي وڃن ٿا. اڄ ڪلھ هر ملڪ پنهنجي اميگرشن پاليسي کي ويب سائيٽ تي رکيو آهي ته ڪو به ماڻهون، ڪيئن ان ملڪ جي شهريت وٺي سگهي ٿو.

ڪيترن ملڪن جا شهري ساڳي وقت ٻئي ملڪ جا شهري به ٿي سگهن ٿا. مثال طور؛ پاڪستاني شهري 21 ملڪن مان ڪنهن به هڪ ملڪ جو شهري ٿي سگهي ٿو جيئن، آمريڪا، فرانس، برطانيه، ناروي، ڪئنيڊا، سوئيڊن ۽ ٻيا ملڪ شامل آهن. ڪن ملڪن ۾ اها به پاليسي آهي ته نيچرلائيزڊ شهريءَ کان شهريت جو حق واپس وٺي سگهجي ٿو. جيئن هڪ فرد نفرت، تشدد، دهشتگردي، ملڪ دشمني يا ٻئي ڪنهن اهڙي سنگين ڏوھ جو مرتڪب ٿيو ته ان کان ان جي شهريت کسي سگهجي ٿي.

شهري حق: شهري حقن جو مختلف قسمن ۾ اظهار ڪيو وڃي ٿو. ڪي ان کي سماجي آزاديون (civil liberties)، ڪي ان کي بنيادي حق چون ٿا ته ڪي ان کي ناڪاري حق چون ٿا. جنهن جو مطلب آهي ته ڪا به ڌر، سرڪار هجي يا خانگي ماڻهو هجي انهن جي حقن ۾ رڪاوٽ نه وجهن، دست اندازي نه ڪن يا انهن جي حقن کي ختم نه ڪن. هتي اسان ناڪاري حقن جي فهرست هيٺ ڏيون ٿا؛

ناڪاري حق(Negative Rights)/ شهرين جا بنيادي حق

اظهار جي آزادي

زندگي جي حفاظت

خانگي ملڪيت رکڻ

مذهبي آزادي

قانون جي سامهون برابري جو حق

بغير قانون جي باندي نه بڻائڻ

صاف ۽ شفاف انصاف ملڻ

تنظيم ٺاهڻ

هڪڙي ڏوھ ۾ ٻه سزائون نه ملڻ

ماضيءَ جي ڏوهن لاءِ قانون سازي نه ڪرڻ (ڪلھ جي گناھ ڪرڻ جي سزا اڄ ڏيڻ)

ذاتي زندگيءَ جي حفاظت

خاندان ٺاهڻ جو حق

پنهنجي ملڪ ۾ آزاديءَ سان چرپر جو حق

ثقافتي آزاديءَ جو حق

معاهدي ڪرڻ جو حق

ووٽ ڏيڻ جو حق

چونڊن ۾ بيهڻ جو حق

عوامي عهدو وٺڻ جو حق

حڪومت جي مخالفت ڪرڻ جو حق

هنن بنيادي حقن جي خلاف ڪا به قانون سازي ڪرڻ جي اجازت ناهي. مثال طور؛ پاڪستان ۾ قومي يا صوبائي اسيمبلي جيڪا به آئيني ترميم يا قانون سازي ڪندي ۽ اها انهن بنيادي حقن جي ٽڪراءُ ۾ نه هوندي ۽ جيڪڏهن ٺهي به وڃي ته سپريم ڪورٽ ان ترميم يا قانون سازي کي ختم ڪندي.

هاڪاري حق(Positive Rights)/ شهرين جي ڀلائي جا حق

جيئن ناڪاري يا بنيادي حق شهرين کي حڪومت ۽ خانگي ڌر کان محفوظ ٿا ڪن. اهڙي طريقي سان هيٺ ڏنل هاڪاري حق شهرين کي ڀلائي جا فائدا وٺڻ جا حق ڏين ٿا.

تعليم جو حق

صحت جو حق

روزگار جو حق

پيئڻ جي پاڻي جو حق

قدرتي آفتن کان بچاءُ جو حق

ڪم ڪرڻ جو حق

ٽرانسپورٽ جو حق

مناسب مزدوري ملڻ جو حق

سڪون ۽ آرام ڪرڻ جو حق

ڪم ڪرڻ لاءِ 8 ڪلاڪ ڊيوٽي ڪرڻ جو حق

هاڪاري حق وقت سان گڏ وڌندا رهن ٿا ۽ جمهوري حڪومت شهرين جي تڪليف ڏسي انهن جي حل لاءِ قانون سازي ڪندي آهي. جيئن پاڪستان جي آئين ۾ آرٽيڪل: 33، 34، 37 ۽ 38 موجود آهن. آرٽيڪل 33 تعصب ۽ ان طرح جي ٻين تعصبن جي مخالفت ڪري ٿو. آرٽيڪل 34 قومي زندگيءَ ۾ عورتن جي ڀرپور شرڪت. آرٽيڪل 37 سماجي انصاف جي فروغ ۽ سماجي براين جو خاتمو ۽ آرٽيڪل 38 ماڻهن جي سماجي ۽ معاشي خوشحالي کي فروغ ڏيڻ لاءِ پاڪستان رياست کي حڪم ڏئي ٿو.

شهرين جي حقن جي نسبت سان هتي ٽن ملڪن، پاڪستان، جاپان ۽ سوئيڊن، جي آئين جو اڀياس ڪجي ٿو ته انهن جي شروعات ۾ شهرين جي بنيادي حقن جا واضح ۽ چٽي ٻولي ۾ آرٽيڪل ڏنا ويا آهن. مثال طور؛ پاڪستان جي آئين ۾ 8 کان 28 تائين آرٽيڪل شهرين جي بنيادي حقن جي حفاظت لاءِ موجود آهن. جاپان ۾ باب 3 ۾ 10 کان 40 تائين آرٽيڪل شهرين جي عزت، احترام ۽ انهن جي ٻين بنيادي حقن جي حفاظت لاءِ موجود آهن. سوئيڊن ۾ باب 2 ۾ 1 کان 25 تائين آرٽيڪل اتان جي شهرين جي جان، مال، عزت جي حفاظت ۽ ٻين بنيادي حقن کي تحفظ ڏين ٿا.

اڄ جڏهن اسان جمهوري ملڪن جي رهواسين جي چهري تي خوشي ۽ سڪون ڏسون ٿا ته ان جو ڪارڻ آئين ۾ ڏنل شهري حقن ۾ سمايل آهي. ان جي برعڪس جتي آمراڻيون حڪومتون ڪم ڪن ٿيون، اتي انهن جا شهري بدين جي کليل جيل واري زندگي گذاري رهيا آهن، نه انهن جي جان، مال ۽ عزت محفوظ آهي ۽ نه وري اهي پنهنجي حقن وٺڻ لاءِ حڪومت کي مجبور ڪري سگهن ٿا. هتي اهو به واضح ڪجي ٿو ته؛ جمهوري ملڪن ۾ شهرين جي بنيادي حقن جي حفاظت ڪنهن به متِ ڀيدِ کان مٿي آهي. جمهوري ملڪن ۾ قانون جي حڪمراني ايتري ته مضبوط آهي جو عام شهري کان وٺي ملڪ جي صدر تائين سڀ برابر آهن. شهرين جا حق جمهوري حڪومتن کي مجبور ڪن ٿا ته انهن جي بنيادي حقن جي حفاظت ڪن، انهن کي بهترين زندگي، جنهن ۾ گهربل ضرورتون هجن، مهيا ڪن ۽ ٻارن کان وٺي عورتن، وڏي عمر جي ماڻهن لاءِ خوشي مهيا ڪن. ان جي برعڪس آمراڻي حڪومت پنهنجي شهرين تي ظلم ڪندي آهي. انهن جي زندگي کي عذاب بڻائيندي آهي ۽ انهن کي هر وقت زيادتين جو شڪار ڪندي آهي. شهرين جا حق مفت ۾ نه ملندا آهن. ان لاءِ سياسي جماعتون، ساڃاھ وند، سوِل سوسائٽي، ڪورٽون، تعليمي ماهر، فلاسافر، دانشور، وڪيل، عوامي نمائندا، ۽ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا گڏجي آئين ۾ ڏنل شهري حقن جي حفاظت ڪندا آهن. اهي سدائين اها نظر رکندا آهن ته حڪومت آئين ۾ ترميم يا قانون سازي ڪري شهرين جي بنيادي حقن جي لتاڙ ته نه ٿي ڪري. شهرين کي اتي ئي حق ملندا آهن جتي آزادي ۽ انصاف موجود هجي. قانون جي حڪمراني هجي ۽ آئين تي مڪمل عمل ڪيو وڃي، جتي شهرين جي جان، مال ۽ ان جو احترام ڪيو وڃي. جتي آزاد، صاف شفاف ۽ چونڊون ڪرايون وڃن ۽ شهرين جي ڀلائي لاءِ حڪومت سڀ وسيلا استعمال ڪري. جتي هي شيون موجود نه هونديون اتي دنيا ۾ ان ملڪ کي ڪيلو ملڪBanana Republic طور بدنام ڪيو ويندو آهي.

اڄ اسان جنهن ملڪ ۾ رهون ٿا انهيءَ جي شهرين جي بنيادي حقن جو رڪارڊ تمام ڳڻتيءَ جوڳو آهي. هن ملڪ جا شهري هر وقت خوف جو شڪار رهن ٿا ۽ انهن کي گهڻي ڀاڱي انصاف نه ٿو ملي. حڪومتي ادارا رشوت ۽ نااهلي جي ڪري شهرين کي سٺي زندگي مهيا ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهن. اسان مان جيڪي ماڻهون ٻاهر جمهوري ملڪن ۾ رهيا آهن اهي واضع طور حڪمراني جي فرق جو تجربو ٻڌائي سگهن ٿا.

***