نثري نظم شاعريءَ جو هڪ اهڙو انداز آهي، جيڪو روايتي وزن، قافيي ۽ رديف کان آزاد هوندو آهي، پر ان ۾ شاعراڻه احساس، خيال، تصويرون، علامتون ۽ موسيقيت موجود هوندي آهي. نثري نظم جديد شاعريءَ جي ترقيءَ جو نتيجو آهي، جنهن جي شروعات فرانس کان 1900ع کان ٿئي ٿي، نثري نظم ۾ شاعر پنهنجا احساس ۽ تجربا وڌيڪ آزاديءَ سان پيش ڪري سگهي ٿو. اڄ جي دور ۾ جيڪڏهن اسان ڏسون ته روايتي شاعريءَ سان گڏوگڏ نثري نظمن جو رواج سنڌ ۾ تمام گهڻو عام ٿي ويو آهي. نثري نظم جي خصوصيتون هي آهن ته نثري نظم جو اسلوب آزاد هوندو آهي، مطلب نثري نظم ۾ قافيي ۽ بحر جي قيد نه هوندي آهي. نثري نظم جو شاعراڻو اظهار وڻندڙ هوندو آهي. مطلب ان ۾ به شاعريءَ جيان داخلي احساس، علامتون ۽ تشبيهون هونديون آهن. نثري نظم ۾ تصويري اثر تمام گهڻو لڀائيندڙ هوندو آهي. مطلب نثري نظم ۾ لفظن جي چونڊ اهڙي ٿيندي آهي، جو پڙهندڙ کي هڪ مڪمل منظر نظر اچي. ٻيو ته نثري نظم مختصر ۽ جامع هئڻ گهرجي، مطلب گهڻو ڪري نثري نظم مختصر هوندو آهي، پر ان جو اثر گهڻو هوندو آهي. سنڌي ادب ۾ نثري نظم جو آغاز 20 هين صديءَ جي وچ ڌاري ٿيو، جڏهن جديد شاعريءَ جا لاڙا وڌڻ لڳا. سنڌي شاعريءَ ۾ نثري نظم کي متعارف ڪرائڻ ۽ مقبول بڻائڻ ۾ ڪيترن ئي شاعرن جو وڏو هٿ رهيو آهي. سنڌ جي وڏن وڏن نالي وارن شاعرن سنڌيءَ ۾ نثري نظم لکيا آهن. سنڌي جي تمام وڏي شاعر شيخ اياز جو نالو سنڌي ادب ۾ امر آهي. جنهن نثري نظم ۾ نوان تجربا ڪيا. هن نثري نظم کي سنڌ ۾ تمام گهڻو مقبول بڻايو. سندس نثري نظم جو نئون انداز، داخلي احساسن جو اظهار ۽ محبت جو درس زور سان بيان ڪيل آهي.
مثال:
اي پيارين اکين واري
هرڻي!
تون سج لٿي
جڏهن
رنگ رتي نياڻ مان
پاڻي پي رهي آهين
تڏهن
ڪيڏي نه
وڻي رهي آهين!
تاجل بيوس پنهنجي نثري نظمن ۾ محبت، فطرت، درد ۽ انساني احساسن کي نوان رنگ ڏنا هئا. سندس نثري نظم نرمي ۽ سادگيءَ سان دل تي اثر ڪندا آهن. سندس هيٺيون نثري نظم ڪيڏو نه وڻندڙ آهي:
مثال:
پرهه ڦٽيءَ پاسو ورائيندي مون کي
ماءُ جي ٿڃ جي
خوشبوءِ آئي هئي
اي دوست!
ڇا اهو سچ ناهي ته مائرون قبرن ۾
به ٻچن کي ياد ڪنديون آهن!
ساڀيان سانگي جديد سنڌي شاعريءَ جو اهم نالو آهي، جيڪا نثري نظم جي ميدان ۾ وڏي شهرت ماڻي چڪي آهي. سندس نثري نظم احساسن، فطرت ۽ عورتن جي دردن جي عڪس بنديءَ سان ڀريل هوندا آهن.
مثال:
جي
تون
معالج ناهين
ته
پوءِ ڦٽ
توکي ڇو ڏيکارجن.
نثري نظم تي اڃان به سنڌ ۾ ڪيترائي تجربا ٿي رهيا آهن. شميم سومرو، خالده منير، ڪرم علي رستماڻي، غوث پيرزادو، گلاب چانڊيو، عابد انڙ، غفار عباسي، نادر عامر، اطهر سومرو، عبدالله چانڊيو، قادر سولنگي، جاويد شيخ، امتياز منگي، حسيب ناياب منگي، عابد مظهر، صفيه ڪنول، اياز ابڙو، وفا صالح راڄپر، مغموم موسيٰ رضا، فائزه سولنگي، جاويد ڪلوئي، آس ٻٻر، سيما چانڊيو، سڪندر علي پسيو، حيدر علي ميمڻ، مصور چوهاڻ، مظفر منگي، مارئي ساهو، بيدل مسرور بدوي، ديپڪ باغي، شير محمد بلوچ، رياضت ٻرڙو، سانول جمالي، وحيد محسن، آدرش، ايوب کوسو، مبين اڄڻ ۽ ٻيا ڪيترائي شاعر تمام سٺا نثري نظم لکي رهيا آهن. ان سلسلي ۾ مون به هڪ ننڍڙي قلمڪار جي حيثيت سان پنهنجي ادبي سفر جي شروعات نثري نظم سان ڪئي آهي. هيٺ پنهنجو هڪ نثري نظم پيش ڪري رهيو آهيان، جيڪو سنڌ جي تمام وڏي اخبار روزاني هلال پاڪستان ڪراچي ۾ ڇپيل آهي.
مان توکي ڏسندو آهيان،
هر روز ڏسندو آهيان،
صبح جو دفتر وڃڻ وقت،
شام جو گهر ڏانهن واپسي تي،
منهنجون نظرون توکي ئي ڏسنديون آهن،
صبح شام ۽ سفر دوران ئي نه،
مان تنهنجا خواب به ڏسندو آهيان،
تون به خواب توڙي جاڳ ۾،
هر روز،
ڏسندي هوندينءَ،
مگر ڪنهن کي؟
الائجي ڪنهن کي؟؟
نثري نظم سنڌي شاعريءَ جو هڪ اهم حصو بڻجي چڪو آهي، جيڪو نوان لاڙا ۽ احساس پيش ڪري ٿو. سنڌي شاعرن ان کي پنهنجي انداز سان ترقي ڏني آهي ۽ پڙهندڙن تائين شاعراڻه تجربا نواڻ سان پهچايا آهن. مستقبل ۾ به نثري نظم جي تمام گهڻي ترقي ٿيندي نظر اچي ٿي، ڇو ته اهو هڪ اهڙو اسلوب آهي، جيڪو جديد احساسن کي سمائڻ جي تمام وڏي سگهه رکي ٿو.