ايڊيٽوريلنئون

فاروق ستار جو ڪراچيءَ ۾ ملهايل ڪلچر ڊي بابت ورغلائيندڙ بيان

فاروق ستار جنهن جو تعلق ايم ڪيو ايم پاڪستان سان آهي، هن 7 ڊسمبر 2025ع تي ملهائجندڙ ڪلچر ڊي بابت جنهن ريت پنهنجو بيان ڏنو آهي، اهو انتهائي ورغلائيندڙ ۽ سنڌي قوم مٿان هڪ انتهائي وڏو بهتان آهي. سنڌ جو عوام 1947ع کان وٺي ورهاڱي کانپوءِ ايندڙ هندستان جي مسلمان آباديءَ کي پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏيندو آيو آهي. هن وقت سنڌ جو ڪوبه ڳوٺ، ننڍو شهر، وڏو شهر اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ کان خالي ڪونهي. اهي سنڌ جي هر ريسورس مٿان سنڌ جي ماڻهن کان وڌيڪ پنهنجو حق وٺي استعمال ڪري رهيا آهن. سنڌ جي وڏن وڏن شهرن تي اسان جا اردو ڳالهائيندڙ ڀائر قابض آهن، پر پوءِ به ايم ڪيو ايم پنهنجي سنڌ دشمني ۽ سنڌي ماڻهن سان دشمنيءَ جو راڳ اڪثر ڳائيندي رهندي آهي. اها به هڪ خوش آئند ڳالهه آهي ته سڀئي اردو ڳالهائيندڙ اسان جا ڀائر ايم ڪيو ايم جي نظريي سان متفق نه آهن. جيئن ته ڪراچي سنڌ جو گاديءَ جو هنڌ آهي، جنهن ۾ اردو ڳالهائيندر آبادي جو هڪ وڏو حصو آباد ڪيو ويو، تنهنڪري هڪ ڊگهي عرصي تائين ڪراچيءَ جي وسيلن تي سندن قبضو رهيو ۽ پوءِ ضياءُ الحق جي دور ۾ ايم ڪيو ايم کي سياسي قوت بڻائي سنڌين جي سامهون آندو ويو ۽ ان سنڌ دشمنيءَ ۾ هر انتها ڪري ڇڏي.

کين سنڌ ۾ رهندي سنڌي ماڻهو، سنڌي ٻوليءَ کان سخت نفرت آهي ۽ هن وقت به ايم ڪيو ايم سنڌ دشمنيءَ ۾ سنڌ کي ورهائڻ جو اشارو ڏئي رهي آهي. لڳ ڀڳ ٽيهن سالن تائين ڪراچيءَ تي ايم ڪيو ايم جو قبضو رهيو. جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ ايم ڪيو ايم کي سياسي طور تي تمام گهڻي طاقت ملي. سيد مصطفيٰ ڪمال جي قيادت ۾ مقامي حڪومت وارو سسٽم ڪراچيءَ تي سندن مڪمل گرفت ۾ رهيو. ان کانپوءِ 2016ع ۾ قيادت جي بيانن جي نتيجي ۾ پارٽي جو ورهاڱو ٿيو ۽ ايم ڪيو ايم جو عروج زوال ۾ تبديل ٿي ويو. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته هن وقت به ڪراچيءَ ۾ بدامني رهي ٿي. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ڪراچيءَ تي ڀرپور توجهه ڏئي ڪراچيءَ کي پرامن شهر بڻائي ۽ اتي رهندڙ ڏوهارين جو خاتمو ڪري. فاروق ستار کي شايد اها خبر ناهي ته ايم ڪيو ايم جي گنڊه گردي وارو دور هاڻي ختم ٿي چڪو آهي. فاروق ستار ڪلچر ڊي کانپوءِ هڪ اهڙو بيان ڏنو آهي، جنهن تي سنڌ جي اندر ڏاڍي تشويش نظر اچي ٿي. سندس بيان مطابق “7 ڊسمبر تي ڪراچيءَ ۾ رياست جي اندر رياست قائم ڪئي وئي”، اهو تاثر ڏئي ٿو ته سنڌ جي ماڻهن ڄڻ رياست جي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪري هڪ اهڙو اجتماعي حملو ڪيو هجي جنهن سان رياستي مشينري ڪم ڪرڻ جي قابل نه رهي هجي.

اهو سنڌ حڪومت جي بدانتظامي جو نتيجو آهي، جو ان ڏينهن ماڻهن جي هيڏي وڏي ميڙ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ روڊ بند ڪيا ويا. جنهن جي ڪري نوجوان نسل جيڪو جذباتي آهي، ان ڏينهن پنهنجو ثقافتي ڏينهن ملهائڻ لاءِ ٻاهر نڪتو هو، ڪٿي ڪاوڙ جو شڪار ٿي هنگامه آرائي ڪري ويٺو. نوجوانن جي ان رويي کي هر قانون تي عمل ڪرڻ وارو شخص ناپسند ڪري ٿو، پر فاروق ستار جي اهڙي بيان کي اسان سڀ سنڌي رد ڪيون ٿا. فاروق ستار جي اهڙي غير مهذب ۽ سنڌين تي حملي جهڙي بيان کي هر غيرتمند سنڌي جيڪو پاڪستان سان محبت ڪري ٿو ناپسنديدگي جي نظر سان ڏٺو پيو وڃي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان جي قومپرست اڳواڻن کي فاروق ستار کي مهذب طريقي سان جواب ڏيڻ گهرجي، جيڪو اڃان تائين ڪنهن به پليٽ فارم تان ڪنهن به قومپرست جماعت جي طرفان نه آيو آهي. سنڌ جو عوام پنهنجين صوفياڻين روايتن جي اثر سبب امن، محبت ۽ رواداري سبب گڏجي رهڻ ۽ سڀني سان پنهنجن غمن ۽ خوشين کي ورهائڻ ڄاڻي ٿو. سنڌ جو عوام پنهنجن حقن جي لاءِ صدين کان پرامن جدوجهد ڪندو آيو آهي، پر ايم ڪيو ايم پنهنجي تعصب ڀريل پاليسي ۽ رويي جي ڪري هميشه سنڌ جي عوام تي مختلف طريقن سان وار ڪندي رهي ٿي، جيڪا يقينن اسان جي اردو ڳالهائيندڙ ڀائرن ۽ ڀينرن جي لاءِ به ڪا سٺي ڳالهه ناهي. سنڌ جو عوام گڏجي رهڻ چاهي ٿو، پر فاروق ستار جهڙا مفاد پرست سياستدان عوام کي ويجهي ايندو ڏسي برداشت نٿا ڪري سگهن. سنڌ جو عوام پاڪستان دوست آهي ۽ سنڌ اهو صوبو آهي جنهن جي اسيمبليءَ مان سڀ کان اڳ پاڪستان جي قرارداد منظور ڪئي وئي. ان ڪري سنڌ جي عوام کي سنڌ دشمن قرار ڏيڻ ۽ ڪلچر ڊي کي سنڌو ديش بنائڻ واري سازش سان ڳنڍڻ سنڌي عوام جي پاڪستان دوستيءَ جي توهين آهي. پيپلزپارٽي کي ۽ سڀني سنڌ جي سياسي اڳواڻن کي ان ڳالهه جو نوٽيس وٺي جواب ڏيڻ گهرجي، جيڪو الزام فاروق ستار سنڌ جي عوام تي ايڪتا ڏڻ ملهائڻ واري ڏينهن تي لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.